20190630 133309

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” ڊاڪٽر احسان دانش جي پي ايڇ.ڊي مقالي جو تعارف

 

    ڊاڪٽر چاچا بشير احمد “ شاد “ جي مقالي تي لکڻ کان سست پوءِ مان سندس فرزند ڊاڪٽر احسان دانش جي مقالي تي لکي رهيو آھيان، جنهن جا ٻہ مقصد آھن. پهريون مقصد هيءٗ آھي تہ بابا جي دوستن مان چاچا شاد صاحب ۽ هالا جو ممتاز بخاري  ٻہ دوست اهڙا آھن جيڪي نہ فقط پاڻ ڊاڪٽر ٿيا پر سندن پٽ بہ ڊاڪٽر ٿيا. ڊاڪٽر چاچا بشير احمد ً شاد “ ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش ٻنهي جو استاد بابا رهيو. بابا ڊاڪٽر شاد صاحب جو گائيڊ ٿيو ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ ٿيو. تحقيقي تاريخ ۾ بابا هڪ مثال قائم ڪيو تہ پيءُ ۽ پٽ جي تحقيقي رهنمائي ڪئي.
ڊاڪٽر احسان دانش جي ڀلي شاعر ۽ محقق ٿيڻ ۾ بلاشڪ سندس پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جو عمل دخل آھي. پر سندس ڏات جي انهي ڏيئي ۾ تيل چاچا بشير احمد شاد جي نگرانيءَ  ۽ تربيت وڌو. ڊاڪٽر احسان دانش هر علمي ادبي سرگرميءَ ۾ پيُ جي پاسي ۾ رهيو. سچل ادبي مرڪز ، مشاعرن ۽ ڪانفرنسن ۾ ادا ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي پيءُ چاچا “شاد“ صاحب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪيو ۽ ھڪ لائق فرزند هئڻ جي ثابتي ڏني. ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي والد تي بہ مقالو لکيو آھي. ان کان سواءِ ڊاڪٽري ڪرڻ کان اڳ پاڻ کي بهترين شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور مڃرائي چڪو هو. هن ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي جي نگرانيءَ ۾ “شاه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج “ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ۽ بابا سائين سندس معاون نگران ٿيو.
هن لائق محقق گل حيات جي لائبرريءَ ۽ بابا جي تحقيقي صلاحيتن مان ڀرپور لاڀ پرايو. محقق جو پٽ ۽ محنتي ريسرچ جي حساب سان هن هڪ مثالي تحقيقي پورهيو ڪري ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ورتي.
ڊاڪٽر احسان دانش جو تحقيقي مقالو ستن بابن ۾ ورهايل آھي. جن جو اختصاري خاڪو هن ريت  چٽي سگهجي ٿو:
1. پهرين باب ۾ لفظ سماج جي مفهوم، جوڙجڪ، سماجي ادارن تي روشني وڌي آھي ۽ لاڳاپيل اصطلاحن جهڙوڪ ثقافت ،تهذيب ۽ تمدن جو اپٽار ڪيو اٿس.
2. باب ٻئي ۾ ” شاعريءَ“ بابت اهم ڳالهين جهڙوڪ لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ، وصف وغيره تي ناقدانہ بحث ڪيو اٿس.
3. ڊاڪٽر احسان دانش ٽئين باب ۾ اهم مشرقي زبانن ۾ شاعري جو سماجي اڀياس پيش ڪيو آھي. 4. هن چوٿين باب ۾ سنڌي سماج ۽ قديم سنڌي شاعريءَ جي باهمي ربط ۽ اثر پذيريءَ تي روشني وڌي آھي.
5. پنجين باب ۾ “ شاه لطيف جي شاعري“ جي سري هيٺ لطيف سائين جي شاعريءَ جي اهم رخن تي تحقيق ڪئي آھي. هي سندس مقالي جو اهم باب آھي. هن ۾ لطيفي ڪلام جي فڪري ۽ فني ڪماليت واضح ڪئي اٿس. ان کان سواء شاه لطيف جي شاعري جو سماجي اڀياس ڪري پنهنجي تحقيقي ۽ ناقدانہ قابليت ڏيکاري اٿس.
6. ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي مقالي جي ڇهين باب ۾ لطيف سائين جي شاعري تي متقدمين جي اثر تي روشني وڌي آھي.
7. ستين باب ۾ “ شاه لطيف جي شاعري جي سماجي ڪارج “ تي دليلن ۽ مثالن سان نهايت عالماڻو بحث ڪيو اٿس.
ڊاڪٽر احسان دانش ھڪ مثالي تحقيقي پورهيو ڪيو آھي ۽ ٿحقيقي لوازمن خواه طريقن سان چڱيءَ ريت انصاف ڪيو آھي. هن پنهنجي تحقيق ۾ ثابت ڪيو آهي تہ لطيف جي شاعري سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو آئينو آھي. لطيف سائين جي شاعري سنڌي سماج جي مستند تاريخ آھي. ڀلاري ڀٽ ڌڻي جو ڪلام سندس دور جي سياسي، سماجي. مذھبي، ۽ اقتصادي حالتن جي سچي  ڪهاڻي آھي. بقول ڊاڪٽر احسان دانش تہ لطيفي ڪلام سماجي مطالعي جو اهم ذريعو آھي.  ڊاڪٽر احسان دانش جو تحقيقي پورهيو هر وجه کان هڪ مثالي ڪم آھي

Good Wishes