20190630 160154

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد پٺاڻ جي پي ايڇ.ڊي مقالي جو تعارف

 
ڊاڪٽر بشير احمد “شاد“ صاحب سنڌ جي ناميارن شاعرن ۽ محققن مان ھڪ آھي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ ھو منفرد حيثيت جو مالڪ آھي. پھرين ڳالھ ھي آھي تہ ڊاڪٽر شاد صاحب پنهنجي خاندان جو پھريون ماڻھو آھي جنهن علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نالو ڪمايو. ان کان سواءِ ھن اھڙي ادبي لاٽ ٻاري جو پنهنجي اولاد منجهان بہ ٻہ ڄڻا ناميارا شاعر ۽  اديب پيدا ڪري ڏيکاريا: جيڪي آھن احسان دانش ۽ رضوان گل. چاچا بشير احمد جو ٻيو وڏو ڪارنامو ھي آھي جو ھن لاڙڪاڻي ۾ ” سچل ادبي مرڪز“ ٺاھيو ۽ ھن اداري کي پنهنجي عمارت آھي. سچل ادبي مرڪز  سالن کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ علمي ۽ ادبي سرگرميون ڪندو رھي ٿو. 
ڊاڪٽر بشير احمد منهنجي والد صاحب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ وٽ پي ايڇ ڊي ڪئي. بابا سائين ۱۹۷۹ ۾ ڊاڪٽر ٿيو ھو ۽ ڊاڪٽر شاد ۱۹۸۹ ۾ وٽائنس پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر بشير احمد عمر ۾  بابا سائين کان وڏو ٿئي ۽ اتفاق سان سندن والد جو نالو بہ درمحمد پٺاڻ آھي. مان چاچا ڊاڪٽر بشير احمد صاحب جي محنت جو اکين ڏٺو شاھد آھيان. بابا سائين سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو ۽ مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھيس .اسان جو رهائشي بنگلو تحقيق ڪندڙ ماڻھن جو آکاڙو بڻيل ھوندو ھيو. مون جن جا ھٿ ڌورايا ۽ خدمتون ڪيون انهن مان چاچا ڊاڪٽر شاد, ڊاڪٽر محمد ادريس سومري, ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ, ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر ۽ فيروزه سمه  وغيره جا نالا مون کي اڄ بہ چڱي طرح ياد آھن. جڏھن وئڪيشن ٿيندي ھئي تہ انهن محققن کي وقت ۽ سھولت ڏيڻ لاءِ بابا سائين باقي ٻارن  کي ڳوٺ موڪلي ڏيندو ھيو ۽ مان ساڻس اڪثر ڪري گڏ رھندو ھيس.
مون چاچا بشير احمد شاد جي محنتن ۽ ڪوششن کي ڏاڍو ويجهڙائپ کان ڏٺو. ھن اسان جي تر جي ھڪ شاعر ” ثناءُ الله ثنائي“ تي پي ايڇ .ڊي جو مقالو لکيو . سندس مقالو ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرئين ڀاڱي ۾  عوامي شاعر ثناءُ الله ثنائي جي زندگي جو ڀرپور احوال ڏنو اٿس, ٻئي ڀاڱي ۾ ثناءُ الله ثنائي جي شاعري جو تعارف ڪرايو اٿئين ۽ ٽئين ڀاڱي  ۾ وري سندس شاعري جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو اٿئين. انھي ٽئين ڀاڱي ۾ چاچا ڊاڪٽر بشير احمد شاد مختلف ڪسوٽين کي اڳيان رکي ثاءُ الله ثنائي جي شاعراڻي ڏات ۽ حيثيت جي ڪٿ ڪئي آھي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد ھن تحقيقي جاکوڙ ۾ شاعر جي حيثيت مقرر ڪرڻ لاءِ جيڪي معيار ٺاھيا آھن انهن جي تنقيد ۽ تحقيق ۾ وڏي اھميت آھي. جيئن علامه آءِ آءِ قاضي ڀلاري ڀٽ ڌڻي کي دنيا جي عظيم شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ ڪسوٽيون ٺاھيون ، تيئن چاچا ڊاڪٽر شاد  شاعر جي حيثيت مقرر ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪسوٽيون ٺاھيون آھن, اھي سالن تائين مستند ۽ مثالي ڪسوٽيون ٿي رھنديون. 
چاچا ڊاڪٽر بشير احمد پنهنجي مقالي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آھي. پهرين ڀاڱي ۾ مولوي ثناالله ثنائئ جي زندگئ  جو احوال ڏنو آھي.   ڀاڱي ٻئي کي ٽن بابن ۾ ورھائي ، پھرئين باب ۾ ثناءُ الله ثنائي جي شاعري جي سمورين صنفن جو تعارف پيش ڪيو اٿس. پر انهن صنفن جو تعلق لوڪ شاعري جي زمري ۾ اچي ٿو. ٻئي باب ۾ وري ثناءُ الله ثنائي جي عروضي ۽ لوڪ شاعري جي گڏيل روپ تي روشني وڌي اٿس ۽ ٽئين باب ۾ وري نج عروضي شاعري تي توجه ڏنو اٿس. 
ڊاڪٽر بشير احمد “شاد“ جو مقالو جيئن  ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي تيئن ھر ھڪ ڀاڱي ۾ وري ٽي باب ڏنا اٿس. ھن جي مقالي جو ٽيون ڀاڱو سندس تحقيقي حيثيت ۽ تنقيدي معيار جي گواھي ڏئي ٿو. ھن سموري ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد عالم ۽ نقاد طور ثناءُالله ثنائي جي شاعري کي داخلي خارجي  شاھدون طور ڪم آڻيندي ھن جي فن ۽ فڪر جو ڀرپور جائزو ورتو آھي ۽ اسان کي ٻڌايو آھي تہ ثناءُ الله ثنائي پنهنجي شاعري ۾  فن ۽ فڪر جا ڀرپور لوازمات ڪم آندا آھن ۽ عوامي شاعر ھئڻ جي ناتي سان سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون عام جام ڪم آنديون آھن . چاچا شاد انهن داخلي شاھدين جي بنياد تي ثناءُ الله ثنائي کي ھڪ بھترين عروضي شاعر ۽ ناميارو عوامي شاعر ثابت ڪيو آھي. ھن ئي باب ۾ چاچا بشير احمد شاد مولانا ثنائي جي شاعري جي موضوعن ۽ مضمونن تي تفصيل سان روشني وڌي آھي. 
پنهنجي تحقيقي مقالي جي ٽئين ڀاڱئي جي ٻئي باب ۾  مولانا ثنائي جي شاعري جو تقابلي تنقيدي جائزو ورتو اٿس ۽ انهي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس تہ شاھ لطيف, خواجه محمد زمان, سچل سرمست, بيدل فقير  ۽ حمل فقير جو ثناالله ثنائئ ڪيترو اثر قبول ڪيو آھي. ان کان سواءِ  چاچا بشير احمد شاد مولانا ثنائي  جي ڪلام کي سندس ھمعصر شاعرن جي ڪلام سان ڀيٽيو آھي. انهن مان مخدوم طالب المولا, نواز علي نياز ۽ فقير علي محمد قادري جا نالا ذڪر لائق آھي. ڊاڪٽر شاد مولانا ثنائي جي ڪلام کي وقت ۽ حالتن جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي بہ ڪوشش ڪئي آھي. ھي باب اھم ۽ وڻندڙ آھي.

Good Wishes