ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”ادبي ادارن جا آئين “
جيتري عظيم آھي سنڌ, اوترو وڏو آھي ان جي تاريخ جو رھيل مگر وڏو ڪم. مان انهي ايجنڊا تي جيڪڏهن لکان, تہ روزانو ٻہ ٽي پوسٽون لکي سگهان ٿو. پر گل حيات انسٽيٽيوٽ جا ٻيا ڪم بہ گهڻا آھن. انهي ڪري جڏهن موقعو ملي ٿو تہ مان نت نون موضوعن کي روشناس ڪرايان ٿو ۽ سنڌ جي تاريخ جي انهن پھلوئن تي توجه ڇڪرايان ٿو جن تي اڄ ڏينهن تائين ڪم نہ ٿيو آھي. مثال طور ادبي ادارن ۽ ادبي تنظيمن جا آئين ۽ اغراض و مقاصد.
مان اڪثر ڪري ڪا اھم ڳالھ پنهنجي پوسٽس ۾ ورجائيندو آھيان تہ جيئن اھا ڳالھ دوستن کي سدائين ياد رھي ۽ مان سندن انهي يادگيري جي بنياد تي ڪا نئين ڳالھ ڪري سگهان. مون ڪيترا دفعا عرض ڪيو آھي ت سنڌ ۾ ادبي تنظيمن جو آغاز ۱۸۸۵ کان ٿيو. سوا سو سالن کان سنڌ ۾ ادبي تنظيمون جڙنديون آيون آھن ۽ ادبي ادارا قائم ٿيندا رھيا آھن.
ادبي ادارن ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ھڪ آڳاٽو ادارو آھي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽئ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ٺاھيو .جنهن بعد سنڌ آرڪائيوز ٺھي, سنڌي لينگويج اٿارٽي ٺھي ۽ بلاول انسٽيٽيوٽ ٺھيو. اھي ادارا ائڪٽ جي ذريعي قائم ٿيا ۽ سندن ائڪٽ ئي جھڙوڪ انهن جو آئين يا آئين جو بنياد آھي.
جيتري قدر ادبي تنظيمن جو تعلق آھي تہ انهن جو تعداد بہ سون ۾ آھي ۽ اڪثر ڪري ھر ڪنهن ادبي تنظيم پنهنجو آئين جوڙيو ۽ پنهنجا اغراض و مقاصد واضح ڪيا. جيڪڏهن سنڌ ۾ ٺھيل انهن ادبي تنظيمن ۽ ادارن جا آئين ۽ اغراض و مقاصد گڏ ڪري, ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجن تہ اھڙو ڪتاب ڪيترن جلدن ۾ اچي سگهي ٿو. اھو اونو ڪنهن کي ڪرڻو آھي ۽ اھو ڪم ڪنهن کي ڪرڻو آھي? ان لاءِ افراد نہ پر ادارا ذميوار آھن. ھي ڪم تحقيقي ادارن جو آھي تہ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جا آئين, اغراض و مقاصد ۽ رولس اينڊ ريگيوليشنس گڏ ڪن.
گل حيات ڪو سرڪاري يا درٻاري ادارو ڪونهي. پوءِ بہ اسان پنهنجي اداري ۾ ڪيترن ئي تنظيمن ۽ ادارن جا آئين, اغراض و مقاصد ۽ رولس اينڊ ريگيوليشنس گڏ ڪيا آھن. انهن منجهان ڪي ادارا ۽ تنظيمون ھي آھن: ۱. سنڌي ادبي بورڊ,۲. سنڌ آرڪائيوز,۳. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي,۴. سنڌي لينگويج اٿارٽي,۵. بلاول ريسرچ انسٽيٽيوٽ,٦. بزم طالب المولا,۷. بزم ادب ڪراچي,۷. انجمن فروغ ادب ھالا,۸. بزم نظامي ڪراچي,۹. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو,۱۰. سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي,حيدر آباد, ۱۱. سنڌي ادبي انجمن حيدرآباد, ۱۲. لطيف ادبي اڪيڊمي,۱۳. سنڌي ادبي فورم حيدرآباد, ۱۴. سنڌي ادبي سنگت, ۱۵. جميعت الشعراءُ سنڌ, ۱٦. سنڌ سگھڙ سنگت, ۱۷. محراب ادب ڪراچي وغيره. مون چند نالا مثال طور ڏنا آھن جڏهن تہ اسان وٽ گل حيات ۾ انهي کان وڌيڪ ادارن جا تعارف , آئين,اغراض مقاصد، رولس اينڊ ريگيوليشنس ۽ پروگريس رپورٽون موجود آھن .
ھي ھڪ اھم ۽ انمول علمي خزانو آھي . جنهن جي پڙھڻ کان پوءِ پتو پئي ٿو تہ اسان جي علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن جي بانين ڪھڙي دور ۽ ڪھڙي موڙ تي ڪھڙن مقصدن ۽ مرادن کي ڌيان ۾ رکي پنهنجي ٻولي جي جهولي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي.
سنڌ ۾ علمي ادارن ۽ ادبي تنظيمن وانگر سماجي ادارا بہ ٺھيا جن جو تعداد بہ ھزارن ۾ آھي. اڳ ۾ اھي سماجي ادارا پنهنجي مقامي يا سنڌ سطح جي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ تنظيمون بہ ٺاھيندا ھئا تہ پنهنجي مرضئ سان انهن جو آئين بہ جوڙيندا ھئا. پر جڏھن غير ملڪي مالي ۽ امدادي ادارن سماجي تنظيمن کي ڏوڪڙ ڏيڻ شروع ڪيا تہ انهن تنظيمن جي لاءِ آئين ۽ اغراض و مقاصد بہ پاڻ تجويز ڪرڻ شروع ڪيا. ان ڪري اسان جڏھن سنڌ جي سماجي تنظيمن جي حوالي سان سنڌ جي سماجي فڪر جو مطالعو ڪنداسين تہ ان ۾ ڌارين ملڪن جو اثر بہ نظر ايندو. پر ادبي تنظيمون سماجي تنظيمن وانگر پراجيڪٽس ٺاھي انهن تي ڪم نٿيون ڪن, ليڪن پروگرام جوڙي علمي, ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون سرانجام ڏين ٿيون. ان ڪري جڏهن اسان ادبي تنظيمن کي ڌيان ۾ رکي سنڌ جي فڪري ۽ نظرياتي سوچ ۽ لوچ جو مطالعو ڪنداسين تہ اھو نج سنڌ جو ھوندو ۽ سنڌ جي پيداوار ھوندو.
ڳالھ ڪرڻ جو مقصد ھي آھي تہ ادبي ادارن ۽ تنظيمن جا آئين گڏ ٿيڻ گهرجن ۽ اھي ڪتابي صورت ۾ اچڻ گهرجن. خوشي جي ڳالھ ھئ آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ادبي تاريخ جي انهي اھم موضوع کي نظرانداز نہ ڪيو آھي.