ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” شل وري ڪو علامه آءِآءِ قاضي, علامه قاسمي, گربخشاڻي ۽ دائود پوٽو پيدا ٿئي.“
مون ڪڏھن بہ ذاتي نالي ڪمائڻ يا گل حيات انسٽيٽيوٽ جي اجائي پروپيگينڊا ڪرڻ جي لاءِ گذريل ٻن سالن کان قلم ڪونہ کنيو آھي. پر پنهنجي عظيم ڌرتي سان محبت ۽ ان جي شاندار ماضي سان لگن ڪري ھڪ مقصد ذھن ۾ رکي لکڻ شروع ڪيو آھي تہ اسان جيئن علمي ۽ قلمي محاذ تي اھڙو ڪلچر پيدا ڪري سگهئون ۽ پنهنجي سوچ ۽ لوچ کي اھڙو رنگ ڏئي سگهئون تہ جيئن محدود ذريعن ۽ وسيلن سان لامحدود تاريخي تحقيق جا مقصد ماڻي سگهئون.
ماضي قريب ۾ سنڌ تمام وڏين شخصيتن کي جنم ڏنو، جن تي اسان صدين تائين فخر ڪندا رھنداسين. ھنن علمي, قلمي ۽ تحقيقي ميدانن ۾ نہ رڳو پاڻ مڃايو, پر اسان جي لاءِ ڪيترا مثال ڇڏي ويا ۽ سبق سيکاري ويا . اھو قدرت جو ھڪ نظام آھي تہ سنڌ جي سماج ۾ ذھني ,فڪري ۽ نظرياتي ڪوششن ۾ ھڪ تسلسل رھيو آھي . ان ڪري جڏھن ڪي وڏا ماڻھون اسان کي جدائي جو داغ ڏئي ھي جهان ڇڏي وڃن ٿا تہ سندن صلاحون ۽ سبق ڪيترن ذھنن,دلين ۽ زبانن ۾ گونجدا رھن ٿا ۽ انهي ماحول مان اسان جون فڪري ۽ نظرياتي, علمي ۽ قلمي تحريڪون جنم وٺن ٿيون.
ماضي قريب ۾ علامه آءِآءِ قاضي , علامه قاسمي, گربخشاڻي ۽ دائود پوٽو جھڙا علم ۽ قلم ڌڻي پيدا ٿيا جن وڏا مثال ۽ نيون روايتون قائم ڪيون . علامہ قاسمي صاحب سنڌ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرائڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. لڳ ڀڳ ھڪ سو ماڻھن کي پي ايڇ ڊي ڪرايون ۽ علمي فياضي جو مثال قائم ڪيائين. اسان جيڪڏھن سندس انهي ڳڻ ۽ ڪارنامي کي پنهنجي ڪردار جو حصو بڻايون تہ ان تي اسان کي ڪو خرچ ڪرڻو ڪون پوندو. اسان جي علمي ۽ تحقيقي حلقن ۾ اھي شڪايتون عام آھن تہ ڪيترا ڄاڻو ماڻھون بي فيضي جو مظاھرو ڪن ٿا, نئين نسل يا نون محققن سان سھڪار نٿا ڪن يا پنهنجي ميڙي چونڊي گوڏن ھيٺان لڪائي رکن ٿا . علامہ قاسمي صاحب جي شخصيت انهن مٿي ڄاڻايل اوڳڻن خلاف ھڪ وڏو جهاد ھيو. مان جڏهن گل حيات جي ميڙي چونڊي بابت ماروئڙن کي آگاھي ڏيندو آھيان تہ ڄڻ علامه قاسمي جي انهي ڳڻ جو مظاھرو ڪندو آھيان تہ ڪا شئي گوڏن ھيٺان رکڻي ناھي پر پنهنجي ڌرتي وارن سان ونڊڻي ۽ ورھائڻي آھي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي ” مفروضاتي تحقيق ۽ تاريخ“ خلاف مثال قائم ڪيو. انهن ٻنهي قلمي پورھيتن ۽ نامور محققن اسان کي پنهنجي قلمي پورھي ذريعي سمجهايو ۽ سيکاريو تہ لکڻ وقت مفروضن بدران مستند شاھدين ۽ ثابتين جي آڌار تي ماڻھن کي معلومات ڏيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھ لطيف تي ڪم ڪري اھو ثابت ڪيو تہ سنڌي ڏاھن ڪڏھن بہ ادب کي مذھبي خانن ۾ ڪونہ ورھايو آھي. ان ڪري اھڙي روايت پيدا ٿي جو ھندو محققن ۽ نقادن شاھ لطيف ۽ سچل سرمست تي وڏو ڪم ڪيو. بلڪ بنيادي ڪم ڪيو آھي. مون پڻ ادبي رواداري جو اثر ڊاڪٽر گربخشاڻي جي قلمي پورھئي ۽ نظرئي مان پرايو آھي . اھو ئي سبب آھي جو دوستن محسوس ڪيو ھوندو تہ لکڻين ۾ مون اھا رواداري قائم رکي آھي.
علامه آءِآءِ قاضي جا اسان اڃا قرضي آھيون. ھن پنهنجي شخصيت, ڪردار ۽ علمي خواه قلمي ڪوششن سان اسان سان کوڙ ساريون ڪم جون ڳالھيون ڪيون. ھڪ دفعي رمضان مھيني ۾ ٿيندڙ امتحانن جي تاريخ مٽائڻ لاءِ وٽس استادن ۽ شاگردن جا وفد ويا . پاڻ انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر ھئا. وفدن جو اھو مطالبو نہ مڃيائون. ڇو تہ پاڻ تاريخ جا ڄاڻو ھيا ۽ کين خبر ھئي تہ ابتدائي مسلمانن تہ رمضان شريف ۾ جنگيون لڙيون. ان ڪري اڄوڪي دور جي مسلمان کي رمضان ۾ امتحان ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف نہ محسوس ڪرڻ گهرجي. علام آءآءِ قاضي ”لکڻ “ لاءِ لکئي پڙھئي ماڻھن تي ڏاڍو زور ڀريو. ھن جي اھا آس ھئي تہ ھرڪو ماڻھو جيڪو پِڙھي ٿو سو ڪجه نہ ڪجه ضرور لکي. پوءِ اھا پنهنجي ڊائري ھجي يا آتم ڪٿا ھجي.
ڪيڏو نہ سٺو ٿئي جو اسان روز جيڪو ڏسئون ٻڌئون ٿا يا تجربو ۽ مشاھدو ڪيون ٿا، ان جي آڌار تي روزانو پنهنجي ڊائري لکئون. ڇو تہ اھو قلمي پورھيو اڳتي ھلي اسان کي سماجي تاريخ جو بھترين باب بڻجي ويندو. ان کان سواءِ اھا ڊائري اسان جي آپ بيتي بہ بڻجي ويندي. مون اھڙي قسم جون ڊائريون پنهنجي والد صاحب کي لکندي ۽ رکندي ڏٺيون آھن سندن ڊائرين جا ڪالم ڇپيل ھوندا آھن. مثال طور دوستن ۽ ماڻھن سان ڪا ملاقات ٿيڻ واري ڊائري ۾ ھي ڪالم رکيا اٿن: ۱. سيريل نمبر, ۲. تاريخ,۳. ھنڌ, ۴. جنهن سان ڪچھري ٿي ان جو تفصيل, ۵. ڪچھري ۽ ڳالھ ٻولھ جو مختصر تت.
اسان کي اھڙين ڊائرين رکڻ ۽ لکڻ کان سواءِ پنهنجا “خانداني شجرا “ بہ ٺاھڻ ۽ لکڻ گهرجن. ان کانسواءِ اسان کي پنهنجي خاندان جي “ولادتن ۽ وفاتن“ جو ھڪ رجسٽر بہ رکڻ گهرجي. اسان نہ رڳو اھو خاندان لاءِ رجسٽر رکيو آھي پر سڄي سنڌ جي اھم شخصيتن جو رجسٽر بہ رکيو آھي جنهن ۾ ولادتون ۽ وفاتون لکندا ويندا آھيون ۽ “ڪاوش “ ۾ بابا سائين جي ڪالم ” تاريخ جي دري کلي ٿي“ ۾ روزانو ڇپبيون بہ رھن ٿيون. ڪو خرچ نہ ايندو جيڪڏهن اسان پنهنجي ڳوٺ ۽ تر بابت, پنهنجي پسنديده شخصيت ۽ پارٽي بابت اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندڙ خبرون ,خط مضمون ۽ ايڊيٽوريل گڏ ڪري پاڻ وٽ رکئون.
گل حيات انهن ئي اصولن تي ڪم ڪري ٿو ۽ انهن ئي روين ۽ طريقن کي عام ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان رھي ٿو. منهنجون پوسٽون بہ انهي سلسلي جون ڪڙيون آھن ۽ آئون جڏھن بہ ڪا پوسٽ لکندو آھيان تہ علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي علامه قاسمي تائين ۽ گربخشاڻي کان وٺي ڊاڪٽر دائود پوٽي تائين سڀ شخصيتون منهنجي نظر ۾ ھونديون آھن ۽ انهن شخصيتن جي رنگ جي جهلڪ مون کي پنهنجي والد صاحب ۾ نظر ايندي آھي جنهن کي ڪم ڪندي ڏسي مون ۾ بہ اتساھ پيدا ٿيندو آھي. ڪا فالتو مٽي ڪانہ ھئي جنهن منجهان الله اسان کي جوڙيو پر اسان جو جنم ڪنهن مقصد لاءِ ٿيو آھي. مان ان مقصد لاء لکان ٿو