textgram 1561631695

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” تحقيقي پورھيو ڪندڙن جو قدر ڪونہ ٿو ٿئي

 

ائين ڪونهي تہ اسان وٽ رڳو تخلقيڪار ئي پيدا ٿين ٿا ۽ محققن جي ڪا کوٽ آھي. ”تحقيق “ ڪرڻ ۽ تحقيق سان شوق رکڻ بہ سنڌي ماڻھن جي طبيعت ۽ فطرت  ۾ شامل آھي. پر محققن جي قلمي پورھئي کي سمجهڻ ۽ انهن جو قدر ڪرڻ اسان جي ماڻھن کان موڪلائي ويو آھي. اسان جي دور ۾ رڳو ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙ کي ئي محقق سمجهيو وڃي ٿو .ليڪن تعليمي نظام ۾ اڃا ھڪ اڌ سطح اھڙي بہ آھي جتي مثالي تحقيقي ڪم ٿيو آھي. اھڙي طرح ڪن ماڻھن پنهنجي شوق سان بہ تحقيقي ڪم ڪيو آھي.  پر اھا تحقيق گھڻو تڻو ٻڌل ڳالھين ۽ مفروضن تي مشتمل ھوندي آھي .جيڪا تاريخي تحقيق جون تقاضائون پوريون نٿي ڪري . ان ڪري اھڙا  ڪتاب ماڻھن کي منجهائڻ کانسواءِ ڪو مقصد نہ ٿا رکن. مثال طور موهين جي دڙي جي تھذيب چار پنج ھزار آڳاٽي جي تھذيب چئي وڃي ٿي. انهي جي کوٽائي ڪندڙ ماڻھن سنڌ  جي تاريخ تي وڏي احتياط سان قلم کنيو آھي ۽ ڪيترن سوالن جي جوابن ڏيڻ کان ڪيٻايو آھي. پر پنهنجي شوق ۽ ذوق سان تاريخ تي ڪتاب  لکندڙن سنڌ جي لکن سالن جي تاريخ ايئن لکي ۽ ٻڌائي آھي، ڄڻ ھنن انهي دور کي   پنهنجي اکين سان ڏٺو ھجي. مثال طور ڏاڏي آدم جي ھڪ پٽ کي سنڌ ۾  ڏيکاريو ويو آھي. پر انهي ڳالھ جي شاھدي ۽ ثابتي ۽ ڪتابن جاحوالا ڏنا ئي ڪونہ ٿا وڃن. اھڙي ريت ڪتابن ۾ اچي ٿو تہ سنڌ ۾ ڪو اھڙو دور بہ ھيو جو ھتي ڪوليون ۽ ماڪوڙيون دنبن ۽ رڍن جيڏيون ھونديون ھيون . اھڙيون سنڌ جي تاريخ ۾ کوڙ ڳالھيون آھن جن جون شاھديون ۽ ثابتيون نہ ڏنيون ويون آھن .
انهي مفروضاتي تحقيق ٿيڻ  کان علاوه تعليمي ادارن  ۾  سٺو تحقيقي ڪم ٿيندو رهيو آھي. سنڌ ۾  ايم اي  ڪندڙ شاگرد ڪنهن ھڪ پيپر جي بدران ڪنهن ھڪ موضوع تي تحقيقي مقالو لکندا آھن . اھو عمل ھر يونيورسٽي ۾ جاري آھي ايم ايڊ ڪندڙ شاگرد بہ لازمي طور تي ڪونہ ڪو موضوع چونڊي تحقيقي مقالو لکندا آھن. اھڙي طرح ننڍي پئماني تي ۽ ننڍي سطح تي تحقيق جي طريقن مطابق قلمي پورھيو ٿيندو رھيو آھي.
 ھائير ايڊوڪيشن ڪميشن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي مقالن جو ڪيٽالاگ ٺاھيو آھي پر ايم اي ۽ ايم ايڊ جي ڊگري لاءِ لکيل تحقيقي مقالن جي ھن وقت تائين يونيورسٽين جا شعبا لسٽيون جوڙي نہ سگهيا آھن، يا اھي لسٽون پنهنجي ” جريدن“ ۾ ڇاپي  نہ سگهيون آھن. حالانڪ انهن ٻنهي سطحن تي تحقيق جو وڏو ڪم ٿيو آھي ۽ کوڙ سارا مقالا لکيا ويا آھن. پر تحقيقي قلمي پورھئي جو ڪنهن بہ قدر نہ ڪيو. جن ايم اي يا ايم ايڊ جي ڊگري لاءِ تحقيقي مقالا لکيا, خود انهن مقالي نگارن جيئن وساري ڇڏيو ھجي تہ انهن بہ ڪڏھن ڪو مقالو لکيو ھيو .
 گل حيات انسٽيٽيوٽ نہ فقط ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا گڏ ڪيا آھن ، پر ايم اي ۽ ايم ايڊ لاءِ لکيل مقالا بہ چڱي تعداد ۾ ھٿ ڪري محفوظ ڪيا آھن.
انهي سلسلي ۾ اسان ھڪ حڪمت عملي ھيئن جوڙي آھي تہ ايم اي يا ايم  ايڊ لاءِ مقالو لکندڙ  محقق وٽ جيڪڏهن پنهنجو مقالو موجود نہ ھجي, ۽ جيڪڏهن اھو مقالو گل حيات ۾ آھي تہ اسان انهي شرط تي مالڪ کي ڪاپي ڏئي سگهون ٿا تہ ھو انهي کي ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪري يا ڪو اھڙو سھڪار ڪري جيئن ان کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکي سگهئون. اسان اھا حڪمت عملي بہ ٺاھي آھي تہ انهن منجهان ڪي چونڊ مقالا اسان پاڻ خرچ ڪري  ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيئون. 
منهنجي نظر ۾ ايم اي ۽ ايم ايڊ لاءِ لکيل کوڙ تحقيقي مقالا ڏاڍا معياري آھن ۽ اھي تمام اھم موضوعن, شخصيتن, ادارن ۽ واقعن تي لکيا ويا آھن. گل حيات ۾  اھڙن مقالن جو چڱو خاصو تعداد موجود آھي ۽ انهن ئي ننڍڙن مقالن مان چئن مقالن کي گڏ ڪري ھڪ ڦوٽو ٺاھي اڄوڪي پوسٽ ۾ ڏنو اٿم

Good Wishes