textgram 1561539289

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” گوئٽي انسٽيٽيوٽ کان گل حيات انسٽيٽيوٽ تائين

 

جيڏو سنڌ جو وڏو نالو آھي اوترو ان جي تاريخ جو وڏو ڪم رھيل آھي. ڪاش ڪي اھڙا جوڌا جوان ھجن جيڪي ڏينھن رات ھڪ ڪري نسل درنسل گوڏا ڀڃي ويهي سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪن تہ شايد ڏھن ويهن سالن ۾ سنڌ جي تاريخ  جي بنيادي پھلوئن تي ڪجه ڪم ٿي سگهي . ڪم وڏو آھي ان لاءِ وڏي جذبي ۽ جدوجهد جي ضرورت آھي.
کوڙ سارا سنڌ جي تاريخ جا اھڙا پھلو آھن جن تي مواد ۽ معلومات تہ موجود آھن پر انهن تي ڪم ڪرڻ وارا ڪونهن . مثال طور ”سنڌ ۽ جرمني“ جي نظرياتي ھڪ جھڙائي, جرمني ادب جو سنڌي ۾ ترجمو, جرمني ٻولي جو سنڌي ٻولي تي اثر ۽ جرمني محققن جون سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي ٿيل ڪم وغيره . ھڪ موضوع ۽ ان جا اھي مکيه ۽ مختلف پھلو آھن.
اسان کي خبر آھي تہ ارنيسٽ ٽرمپ جرمن ماڻھو ھيو .جنهن “شاھ لطيف جو رسالو“ جرمني جي ليپزگ شھر مان ڇپرايو. ھن جو ڪارنامو تاريخي اھميت جو آھي.ھن اسان کي لطيف سائين جي شاعري محفوظ ڪري ڏني. ھن کان پوءِ ڊاڪٽر ايني ميري شمل جو نالو سڀني سنڌين کي ياد آھي .ھئ جرمن مائي ڪيترا دفعا سنڌ ۾ آئي ۽ ھن تصوف ۽ شاھ لطيف جي شاعري ۽ سنڌي ادب تي ڪم ڪري اسان جي ادبي حلقن ۾ عزت ۽ احترام واري جڳھ ورتي. ڪيترن دوستن کي اھا خبر آھي تہ سچل سائين جو ڪلام, ٿورو ڪي گھڻو جرمني زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي.
جرمني ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي  لاڳاپن تي ڪم ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آھي. جرمني ملڪ سان سنڌين جا سماجي لاڳاپا وڏي عرصي کان وٺي قائم آھن. علام آءِآءِ قاضي جي گھر ڌياڻي ايلسا قاضي جرمن ھئي. ھن عظيم عورت شاھ لطيف ۽ سنڌ جي تاريخ  توڙي ثقافت تي وڏو ۽  مثالي ڪم ڪيو آھي. ھن سنڌي ۾ تہ ڪونہ لکيو پر سندس انگريزي ۾ لکيل ڪتاب اڄ بہ لائبريرين جي ڪٻٽن جي زينت بڻيل آھن. اھي ٻيھر ڇپجڻ گهرجن, بلڪ اھي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا وڃن. 
مھاڀاري لڙائي ۾ جرمن برطانيه جو دشمن ملڪ ھيو ۽ ان ڪري سنڌ جي ڪيترن ماڻھن ملڪ دشمن حڪمران جي دشمن کي دوست  سمجهيو  ۽ بڻايو. اھوئي سبب آھي جو انهي زماني ۾  سنڌي ۾ ھٽلر تي پڻ ڪتاب لکيا ويا ۽ جرمنئ آزادي جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ ڪيترن شخصيتن ۽ تنظيمن جي مدد ڪئي.جڏھن سورھيه بادشاھ خلاف انگريزن ڪوڙن الزامن ۽  بھتانن ھڻڻ جو سلسلو جاري ڪيو تہ ان وقت سرڪاري زبان تي اھو جملو بہ عام ۽ جام ھوندو ھيو تہ پير پاڳارو جرمني کان اسلحي ۽ بارود جي مدد وٺي رھيو آھي تہ جيئن اھو انگريز سرڪار خلاف استعمال ڪيو وڃي. 
سنڌ جي ماڻھن جي گوئٽي سان محبت ۽ ادبي نسبت پراڻي آھي. ڄيٺمل پرسرام گوئٽي جي ڪتاب ” فائوسٽ“ جو ترجمو ڪيو ۽  اھو ڪتاب ڇپيو. انهي آڳاٽي ڪتاب جي ڪاپي گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪراچي ۾ قائم ٿيل گوئٽي انسٽيٽيوٽ کي ڏني, جن اھا ۱۹۸۱ ڌاري ٻيھر ڇپرائي.
گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ ليبر ليڊر منير چانڊئي, سماجي سڌارڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ  ڪيترا ليڪچر ڏنا ۽ سنڌي ادب جي اھا ٽمورتي وڏي عرصي تائين گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي علمي, ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رھي .
گل حيات انسٽيٽيوٽ جي باني , منهنجي والد صاحب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ پنهنجي اداري ۽ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ ادبي رشتن ۽ ناتن جي ھڪ نئين روايت قائم ڪئي. ھي اھي ڏينهن ھئا جڏھن بابا سائين ڪراچي ۾ رھندو ھيو ۽ سگهڙن کي منظم ڪرڻ خواه سندن نالي روشن ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪندو ھيو. ھن سگھڙن جي ادبي ۽ نظرياتي تربيت ڪرڻ لاءِ ھفتي وار ” آزاد اخبار“ ۾ ڪيترا ڪالم لکيا ۽ کين ٽي وي جي پروگرامن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺندو ھيو. ان ڪري سگهڙ ڪراچي جا تڪڙا تڪڙا دورا ڪندا ھئا ۽ اچي بابا سائين سان ملندا ھئا. ھنن جي موجودگي مان فائدو وٺندي بابا سائين گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ ھڪ شاندار سگھڙ ڪانفرنس ڪوٺائي انهي ڪانفرنس ۾ بابا سائين سگهڙن کي صلاح ڏني تہ ھو ڪوشش ڪري ” سگھڙ ڪانفرنس ۾“ ڏھس “ جا بيت گھڻا پڙھن. لوڪ شاعري ۾ ” ڏھس “ جو بيت ھڪ اھڙي بيت جو قسم آھي جنهن ۾ ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ استعمال ڪبا آھن ۽ بابا سائين جي دوست سگھڙ  پنهنجن ڏھسن ۾ انگريزي جا لفظ بہ ڪم آڻڻ شروع ڪيا ھئا.
گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ سگھڙن جي اھا ڪانفرنس ٿي . باباسائين پنهنجي ”ڪي نوٽس“ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ خاص طور تي ”ڏھس“ جي بيتن بابت ڳالھايو. ھن ڪانفرنس ۾ سگهڙن ۽ ٻن ٽن سنڌن کان سواءِ سڄو هال غير سنڌين ۽ جرمني ٻولي ڳالھائيندڙن سان ڀريل ھيو. اھي ”ڏھس“ جا بيت ٻڌي  ڏاڍو حيران ٿيا ۽ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پنهنجي تقرير ۾ چيو تہ جيڪڏهن ٿوري پڙھيل ۽ اڻ پڙھيل سنڌي شاعر جي اھا علمي حيثيت آھي تہ پڙھيل شاعر جو شعور ۽ فڪر ڪيڏي نہ منزل وارو ھوندو.
مون اڄ گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ تي ھن ڪري پوسٽ لکي آھي تہ پڙھندڙ سڄڻن کي ٻڌائي سگهان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ کي جڏھن ۽ جتي بہ موقعو مليو آھي تہ اسان جي اداري سنڌي ٻولي,علم ادب ۽ تاريخ جي ئي ڳالھ ڪئي آھي ۽ اڳتي بہ اھا ڳالھ ڪندو ايندو

Good Wishes