ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” منھنجا ڪالم“
پڙھي تہ ھرڪو سگهي ٿو پر لکڻ سڀ جي وس جي ڳالھ ڪانهي. سياڻن جو چوڻ آھي تہ ”لکڻ“ وارو انسان قول ۽ فعل ۾ مضبوط ٿئي ٿو. ڇو تہ ھو جڏھن ڪا ڳالھ لکي ٿو يا صلاح ڏئي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ان تي پاڻ عمل ڪرڻ کان لنوائي ٿو تہ سندس اکر اڀري واڳون ٿي ھن کي ورائي وڃن ٿا ۽ پوءِ سندس جيءَ اندر جنگ شروع ٿي وڃي ٿي, تان جو فتح حق ۽ سچ جي ٿئي ٿي ۽ ليکڪ پنهنجي لکڻي سان سچي رھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سنڌ جو ڏاھو علامه آءِ.آءِ قاضي پڙھيل ماڻھن کي ڪجھ نہ ڪجه لکڻ لاءِ تاڪيد ڪندو ھو.
مون ڪنهن جي چوڻ تي لکڻ شروع نہ ڪيو. پر ھميشه منهنجي اھا تمنا رھندي ھئي تہ اسان جي والد صاحب سڄي ڄمار ڏئي جيڪو قلمي ۽ تحقيقي پورھيو ڪيو آھي, مان انهي کان ماڻھن کي واقف ڪيان.
گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ٻئي جنم پٺيان منهنجو اھو جذبو ڪار فرما رھيو. ڪيترن ماڻھن جي زبانن تي جڏهن گل حيات جي کپائڻ جون ڳالھيون اچڻ لڳيون, تہ اھي تيرن وانگر منهنجي ذھن ۽ دل تي اثر ڪنديون ھيون. بابا سائين سان صلاح ڪيم ۽ اسان گل حيات جي ٻئي جنم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. منهنجي لکڻ جي شروعات ائين ۽ اتان ٿي.
لکڻ جي پھرين مرحلي ۾ مون انهن ڪتابن جا تعارف لکڻ شروع ڪيا جيڪي اسان گل حيات لائبريري لاءِ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. انهي سلسلي ۾ مون لڳ ڀڳ ۲۰۰ ڪتابن جو تعارف لکيو جيڪو فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ جي ٻين گروپن تي رکندو رھيس. اھي سمورا تبصرا مون پنهنجي ويب سائيٽwww.drpathan .com تي بہ رکرائي ڇڏيم جيڪي اتي ” on line library " واري خاني ۾ منهنجي نالي سان رکيل آھي. اھي ڪتاب ڏاڍا اھم ۽ چيدا چيدا آھن . انهن سمورن ڪتابن جي لسٽ ھتي ڏيڻ ناممڪن آھي. پر جيڪڏهن چند نالا وٺبا تہ اھي آھن: ” پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“, شاھ نامي وارا شاھ“, ” ھٿين ھٿ ڪڙول“, ” تذڪره مشاھير سنڌ“, ” ڀيرومل مھر چند آڏواڻي“, ” چچ نامو“, ” سنت ڪنور رام“,” اھي ڏينهن اھي شينهن“,” سنڌ جو سيلاني“,” سنڌ جي ھندن جي تاريخ“, ” آدرش رنگ“, ” تذڪره شعراءُ ٽکڙ“ , ” سامي تي ھڪ نظر“,” جي ماريا نہ موت“ , ” موتي مور ملوڪ جا“ ,” امر جليل جا ڪتاب“ , ” ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“, ” شيخ اياز جا ڪتاب“ , ” سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“,” سنڌو لکت ۽ ٻولي“, ۽ ” ڊاڪٽر نبي بخش خان جا ڪتاب“ .
انهن ڪتابن کان سواءِ مون ڪيترن اڻ لڀ ۽ ناياب ڪتابن خواه قلمي نسخن تي بہ لکيو.
جڏھن مون محسوس ڪيو تہ ”گل حيات جي لائبريري“ بدران ”گل حيات جي ميڙي چونڊي“ بابت بہ پرين پيارن کي باخبر رکجي ۽ تاريخي تحقيق ۾ دلچسپي رکندڙن کي بہ اھو ٻڌائيان تہ گل حيات ۾ ڪھڙن موضوعن ۽ عنوانن تي مواد موجود آھي, تہ مون اھو نئون سلسلو شروع ڪيو. انهي سلسلي ۾ منهنجا ۲۵۰ کان مٿي ڪالم انٽرنيٽ گروپن تي اچي چڪا آھن, ان کان سواءِ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ روزنامه ” عوامي سنڌ“ ۾ بہ ڇپبا رھيا آھن ۽ اھي سمورا گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ اپلوڊ ڪندو ويندو آھيان.
گل حيات ۾ ڇا ڇا موجود آھي ۽ اسان ڪھڙن موضوعن يا مضمونن تي جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي انهن جو تعداد ۲۰۰ کان مٿي آھي. جن مان ڪي آھن: سنڌ آزاد پارٽي, سکر بئراج, کوجا ڪميونٽي, ڪرستانن جون سماجي ۽ ادبي خدمتون, پارسن جون سماجي ۽ ادبي خدمتون, سنڌ جون سماجي تنظيمون, انگريز گورنرن جون تقريرون, پنجاب, ۱۹۳۸ واري سنڌ مسلم ليگ صوبائي ڪانفرس, سنڌ ھاري پارٽي, چارلس نيپيئر جي سنڌ دشمني, سنڌھسٽاريڪل سوسائٽي, سائمن ڪميشن, حرن خلاف مارشلا, پراڻا ڇاپي ڪتاب, سنڌ ليگ آف پروگريس, اينٽي ون يونٽ تحريڪ, سنڌ صوبائي ڪانفرنسون, خلافت تحريڪ, امن سڀا, ھوم رول ليگ, ھندو مسلم اتحاد ۽ نفاق, رسول بخش پليجو, سنڌ ۾ سک ڌرم, سنڌي ۾ جاسوسي ادب, آڳاٽا اشاعتي ادارا, سر شاھنواز ڀٽو, سنڌ ڪانگريس پارٽي, سنڌي ساھٿ سوسائٽي, لاڙڪاڻي جا شھيد, ڪالاباغ ڊيم, سنڌ جي صحافت, آڳاٽيون پراڻيون اخبارون, سنڌي ادبي سنگت, خاڪسار تحريڪ۽ ڏوھاري قبيلن بابت رپورٽون وغيره.
منهنجا لڳ ڀڳ ۵۰۰ ڪالم انٽرنيٽ ۽ ويب سائيٽ تي اچي چڪا آھن مون ڏاڍي غور سان لکيل پڙھيل ماڻھن جي روين ۽ رد عملن جو مطالعو ڪيو آھي . جنهن ڳالھ مون کي گھڻو ڇرڪايو آھي، اھا ھئ آھي تہ اسان ٻين کي گھٽ پڙھئون ٿا ۽ پنهنجي حلقي يا گروھ جي لکڻين کي پڙھون ٿا ۽ انهن تي تبصرو ڪيون ٿا. سنڌ جي موجوده علمي,ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ ربط نظر گھٽ ٿو اچي. ان ڪري ذھني ۽ فڪري وڇوٽيون تمام گھڻيون وڌي ويون آھن. مان ھاڻي انهن مسئلن تي بہ وقت ڪڍي لکان ٿو تہ جيئن اسان ھڪ ھڪ سر جي مسجد ٺاھڻ بدران ڪن اھم ڪامن فيڪٽرس تي ڪم ڪرڻ لاء ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون .
مون ٻن سالن جي عرصي ۾ جيڪو قلمي پورھيو ڪيو آھي اڄ انهي بابت سنگت ساٿ سان ويچار ونڊيا اٿم. شل ان مان ڪن کي ڪو لاڀ ملي