ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”اچو تہ ٻولي جي جھولي ڀريون “
انسان کي پنهنجي ماء جي جهولي مان جيڪو وڏي ۾ وڏو تحفو ملي ٿو ،اھا ٻولي آھي .انهي ٻولي جي ڪري ئي انسان کي ” حيوان ناطق“چيو ويندو آھي.اھا ٻولي ئي آھي جيڪا انسان کي سماجي ۽ قومي تشخص ڏئي ٿي. ٻولي جي ڪري فرد قوم جو روپ وٺن ٿا ۽ دنيا ۾ انهي پنهنجي مادري زبان ڪري نالو ڪمائن ٿا.
اسان جي ٻولي جي تعليمي نظام ۾ شروع کان وٺي ٻولي جي گھڻن رخن ۽ پھلوئن تي ڌيان ڏنو ويندو ھيو . ان ڪري انگريزن جي دور کان وٺي ون يونٽ لاڳو ٿيڻ تائين سنڌي ٻولي جي ھڪ منفرد حيثيت رھي. ان ڪري سنڌي گرامر جنهن کي ويا ڪرڻ بہ چيو ويندو ھيو، پھاڪن ، اصطلاحن ۽ چوڻين تي الڳ الڳ ڪتاب لکيا ويا.پر جڏھن سنڌي گرامر کي ٻولي جي پڙھائڻ واري نظام مان خارج ڪيو ويو تہ اھي ڪتاب اڻ لڀ ٿيندا ويا ۽ اڄ سنڌي گرامر جو جھڙوڪ نالو نشان ئي ڪونهي. انهي ڳالھ ٻولي جي تدريسي، ادبي ۽ سماجي حيثيت کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي. خبر ڪانہ ٿي پوي تہ اھو فيصلو ٻولي جي ماھرن ڪيو يا سرڪار جي تعليمي بد حڪمت عملي جي ڪري ٿيو.
اھا مادري زبان ئي آھي جنهن ۾ مھارت حاصل ڪرڻ کان پوء انسان دنيا جهان ۾ نالو ڪمائي ٿو. مثال طور شيڪسپيئر پنهنجي ٻولي ۾ لکيو پر اسان کيس سڄاڻئون ٿا. لطيف سائين سنڌي ۾ شاعري ڪئي پر کيس دنيا سڃاڻي ٿي.
اڄ سنڌي ٻولي جي حيثيت ايم اي واري درجي ۾ اچي ٿي. انهي کان اڳ مئٽڪ، انٽر ۽ بي اي جي سطح تي ” اليڪٽو سبجيڪٽ“ واري بہ ان جي حيثيت ھوندي ھئي. مطلب تہ لازمي سنڌي کان سواء سنڌي ٻين سبجيڪٽس وانگر الڳ سبجيڪٽ واري حيثيت ۾ بہ پڙھائي ويندي ھئي. جنهن ۾ گرامر، ڪلاسيڪل ادب ۽ ٻين اھم پھلوئن بابت پڙھايو ويندو ھو.
ڪا بہ ٻولي گھڻ رخي ۽ گھڻن پھلوئن واري ٿئي ٿي. جن منجهان علم ادب، لسانيات ۽ صرف نحو ٽي وڏيون شاخون ٿين ٿيون.سنڌي ٻولي جو لساني مطالعو ڪو ايڏو آڳاٽو ۽ پراڻو ڪونهي. لسانيات خود ڪيترين شاخن ۾ ورھايل آھي جنهن منجهان فقط ھڪ شاخ تي ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ولايت مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو آھي. لسانيات جي رھيل شاخن، گرامر، صرف ۽ نحو، پھاڪن ۽ چوڻين ۽ اصطلاحن تي ڪيتريون پي ايڇ ڊيون ڪرائي سگهجن ٿيون.
ايم اي جي سطح تي جيڪو سنڌي جو نصاب رکيو ويو آھي اھو پڻ غير منطقي، غير سائنسي ۽ ٻولي جي اڌوري مطالعي برابر آھي.منهنجي خيال مطابق ايم اي سطح تي جيڪي سنڌي لاء سبجيڪٽس رکيا وڃن اھي الڳ ۽ منفرد حيثيت ۾ ھن ريت ھجڻ گهرجن: ١. “ تخليق“ ھن سبجيڪٽ ۾ نثر توڙي نظم واري تخليقي ادب جون سموريون صنفون پڙھايون وڃن. ٢. “ تحقيق” ھن سبجيڪٽ ۾ تحقيق جا طريقا، تحقيق جي اھميت ، قسم ۽ نظريا وغيره پڙھايا وڃن. ٣. ” ترجمو“ ھن سبجيڪٽ ۾ دنيا جهان جي ادب جا سنڌي ۾ ٿيل ترجما، سنڌي جا ٻين ٻولين ۾ ٿيل ترجما ۽ ترجمي جي اھميت ۽ طريقن اصولن ۽ نظرين کي پڙھايو وڃي. ان کانسواء ڪنهن نہ ڪنهن ٻولي جو ڪو ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪرايو وڃي يا سنڌي ڪتاب جو ڪنهن غير سنڌي ٻولي۾ ترجمو ڪرايو وڃي .اھڙي ريت ڪنهن غير سنڌي ٻولي جيڪڏھن سنڌي ٻولي تي ڪو اثر وڌو آھي ۽ ڪي اصطلاح يا پھاڪا ڏنا آھن يا لفظن جو واڌارو ڪيو آھي تہ ان جو مطالعو بہ ھن سبجيڪٽ ۾ ڪرايو وڃي. ٤. “ تنقيد” ھن ۾ تنقيد جي وصف، اھميت، قسم ۽ تاريخ ۽ نظريا وغيره پڙھائي وڃي .ان کانسواء شاگردن کي تنقيدي اصولن ۽ نظرين جي عملي تعليم ڏيڻ لاء ٻن يا ٽن ڪتابن تي تنقيد ڪرائي وڃي. ٥. “ لسانيات“ ھن سبجيڪٽ ۾ لسانيات جي اھميت ۽ شاخن جي معلومات ڏني وڃي. ان کانسواء گرامر، صرف نحو ، اصطلاح ۽ پھاڪا ، چوڻيون ۽ لغت سمجهايا ۽ پڙھايا وڃن .
مان انهن يونيورسٽين کي گذارش ڪيان ٿو جن ۾ سنڌي ايم اي سطح تي پڙھائي وڃي ٿي، اھي يونيورسٽيون منهنجي تجويزن کي ڌيان ۾ رکي سنڌي جي نصاب کي نئين سر جوڙن تہ جيئن سنڌي ٻولي کي پڙھڻ ۽ پڙھائڻ وقت سمورن شعبن ۽ پھلوئن کي برابري مطابق حيثيت ۽ اھميت ملي.منهنجي خيال ۾ ھن دور جو رائج ٻولي جو نصاب غير منطقي ۽ غير سائنسي آھي جنهن جي ڪري ٻولي جي مطالعي ۾ ھمھگيريت نظر نٿي اچي.جيڪڏھن گل حيات انسٽيٽيوٽ کي اھو ڪم سونپيو ويندو تہ اسان جامع نصاب جوڙي وڌيڪ غور ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ لاء پيش ڪري سگهئون ٿا