textgram 1560501347
 
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” سنڌ ۽ سنڌي اسان وٽ ۽ ٻين وٽ.
 
ڪيترا مھربان ۽ قدردان جڏھن گل حيات ۾ ايندا آھن، اسان جون ڳالھيون ٻڌندا آھن ۽ ڪم ڏسندا آھن تہ تعريف ڪرڻ شروع ڪندا آھن. سندن ” واه واه ۽  شاباس“  جا لفظ ٻڌندا آھيون تہ پيرن ھيٺان ڌرتي ڇڏائي ويندي آھي. جنهن جا ڪيترا ڪارڻ آھن : پھريون ھي تہ اسان ڪنهن جي ” واه واه ۽ شاباس“ ٻڌڻ لاء ڪم ڪونہ ڪندا آھيون. ٻيو ھي تہ انهن لفظن مان لکيل پڙھيل ماڻھن جي عدم دلچسپي ۽ بي حسي ثابت ٿيندي آھي. ڇو تہ گھڻن کي جھڙوڪ اھو احساس ئي ڪونہ ٿو ٿئي تہ عظيم سنڌ جي شاندار ماضي تي ڪيڏي نہ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسان کي ايڏي محنت ۽ محبت ڪندي ڪنهن دوست کي اھو احساس نہ ٿيندو آھي تہ ھو بہ سنڌ جي تاريخ جو ڪو شعبو چونڊي، گوڏا ڀڃي وڃي ڪم ڪري. ان جي بر عڪس ھاڻي اھڙيون حالتون پيدا ٿيون آھن جو ڪي لکيا پڙھيا دوست تاريخ نويسي کي قبرن کوٽڻ وارو ڪم چون ٿا ۽ محققن کي چٻرا سڏن ٿا، ۽ پنهنجي اھڙين سوچن جو انٽرنيٽ گروپن تي اظھار ڪن ٿا.
حالتون مايوس ڪن آھن پر اسان مايوس ڪونہ ٿيا آھيون. مان پنهنجون پوسٽون ٽي مقصد ذھن 
 رکي ممتاز علي پٺاڻ. 
( گل حيات جي ميڙي چونڊي مان)
”سنڌ ۽ سنڌي اسان وٽ ۽ ٻين وٽ.“
ڪيترا مھربان ۽ قدردان جڏھن گل حيات ۾ ايندا آھن، اسان جون ڳالھيون ٻڌندا آھن ۽ ڪم ڏسندا آھن تہ تعريف ڪرڻ شروع ڪندا آھن سندن ” واه واه ۽  شاباس“  جا لفظ ٻڌندا آھيون تہ پيرن ھيٺان ڌرتي ڇڏائي ويندي آھي جنهن جا ڪيترا ڪارڻ آھن : پھريون ھئ تہ اسان ڪنهن جي ” واه واه ۽ شاباس“ ٻڌڻ لاء ڪم ڪونہ ڪندا آھيون. ٻيو ھي تہ انهن لفظن مان لکيل پڙھيل ماڻھن جي عدم دلچسپي ۽ بي حسي ثابت ٿيندي آھي ڇو تہ گھڻن کي جھڙوڪ اھو احساس ئي ڪن ٿو ٿئي تہ عظيم سنڌ جي شاندار ماضي تي ڪيڏي نہ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسان کي ايڏي محنت ۽ محبت ڪندي ڪنهن دوست کي اھو احساس نہ ٿيندو آھي تہ ھو بہ سنڌ جي تاريخ جو ڪو شعبو چونڊي، گوڏا ڀڃي وڃي ڪم ڪري. ان جي بر عڪس ھاڻي اھڙيون حالتون پيدا ٿيون آھن جو ڪي لکيا پڙھيا دوست تاريخ نويسي کي قبرن کوٽڻ وارو ڪم چون ٿا ۽ محققن کي چٻرا سڏن ٿا، ۽ پنهنجي اھڙين سوچن جو انٽرنيٽ گروپن تي اظھار بہ ڪن ٿا.
حالتون مايوس ڪن آھن پر اسان مايوس ڪون ٿا ٿيون. جيترو  پڄي ٿو پنهنجو ڪم ڪندا ٿا وڃون. مان جيڪي پوسٽون لکندو آھيان ان جا ٽي مقصد  هوندا آھن: ١. تہ گل حيات ۾ اسان ڪھڙو ناياب ۽ اھم مواد گڏ ڪيو آھي، ٢. سنڌ جي تاريخ جا اھي ڪھڙا شعبا آھن جن تي اڳ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي، پر گل حيات انسٽيٽيوٽ انهن تي ڪھڙو مواد گڏ ڪيو آھي ۽ انهن موضوعن تي ڪھڙي طريقي سان تحقيقي ڪم ڪيو وڃي ٣. منهنجي لکڻ جو ٽيون مقصد ھي ھوندو آھي تہ مان پڙھندڙڻ ۾ ”تاريخ شناسي“ ۽ ” تاريخ نويسي“ لاء شوق پيدا ڪيان ۽ کين اھو احساس ڏياريان تہ عظيم سنڌ جي بي مثال تاريخ      تي وڏي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. 
مثال طور ” سنڌ“ ماضي ۾ ڪشمير کان وٺي ڪيٽي بندر تائين ھوندي ھئي. اھا اسان جي افعالن ڪري سسندي سسندي وڃي موجوده دور تائين پھتي آھي ۽ ھاڻي بہ ڪي شاھينگ ان منجهان ڪراچي کي الڳ ڪرڻ گھرن ٿا. 
سنڌ فقط اسان جي تاريخ جي اڌورن ۽ اڻ پورن ورقن ۾ ڪانهي پر ان جو ذڪر دنيا جي اھم تھذيبن ۽ تاريخن ۾ ملي ٿو . سنڌ تي سڪندر اعظم ڪاھي آھيو، افغاني، عراقي ۽ ايراني آيا ،انهن کان سواء محمد بن قاسم آيو. سنڌ جو ذڪر انهن ٻاھران ايندڙ ماڻھن جي ” ملڪي تاريخ“ ۾ موجود آھي. پر اسان انهن ٻاھران ايندڙ ماڻھن کي نظر ۾ رکي ۽ انهن جي ملڪي تاريخ جو مطالعو ڪري تحقيق ڪونہ ڪئي آھي. انهن سمورن دورن مان محمد بن قاسم جي اچڻ واري دور تي علي ڪوفي جو ڪتاب ” چچ نامو“ موجود آھي جنهن تي غير جانبدارئ سان پڙھڻ ۽ راء قائم ڪرڻ ۾ اسان سست ثابت ٿيا آھيون. 
سنڌ جا اھي ڏينهن بہ ھيا جو سنڌي ماڻھون سمنڊ ذريعي مڊل ايسٽ کان وٺي ويندي اڀرندي ڏورانهن ملڪن تائين واپار ڪرڻ وينداھئا. سنڌي ماڻھن انهن ملڪن تي ڪھڙا سماجي ۽ ثقافتي اثر وڌا ۽ اتان ڪھڙيون روايتون سکي سنڌ ۾ لاڳو ڪيائون، انهن پھلوئن تي اٽي ۾ لوڻ برابر بہ تحقيق نہ ٿي آھي. اھڙي ريت انگريزن جي زماني ۾ شڪارپور ۽ حيدرآباد مان ” سنڌ ورڪين“ جي نالي سان ھڪ واپاري طبقو پيدا ٿيو، جنهن سينٽرل ايشيا، جاپان ،سريلنڪا ۽ مغربي ملڪن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. انهن تي مغرب ۾ تہ پي ايڇ ڊي ڪئي وئي آھي پر سنڌ ۾ سندن نالو بہ سنڌين کي ياد ڪونهي. 
1947 کان پوء وڏي تبديلي آئي. سکيا ستابا، لکيا پڙھيا ۽ مشھور واپاري سنڌي ھندو سنڌ مان لڏي ويا.جن نہ رڳو انڊيا جي سماجي، ثقافتي ۽ مذھبي سمنڊ ۾ پنهنجو تشخص قائم ڪيو پر سنڌي ٻولي کي بچايو ۽ وڌايو.انهن ھتي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو وٺي ڏنو ۽ اسان پنهنجي ٻولي کي صوبائي ٻولي بہ تسليم ڪرائي نہ سگهيا سين. 1947 کان پوء سنڌ تہ اسان وٽ رھي پر سنڌي دنيا جهان ۾ پکڙجي ويو ۽ اتي وڃي پنهنجي ٻولي جي جھولي ڀرڻ لڳو، علم ادب جي آبياري ڪرڻ لڳو ۽ سنڌي ثقافت جو  مان مٿانهون ڪندو رھيو. ھي اھڙا موضوع آھن ۽ اهڙا سنڌ جي تاريخ جا شعبا آھن، جن تي نہ مواد گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ۽ نہ وري قلم کڻڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آھي. پر گل حيات جي انهن ڳالھين تي نظر آھي ۽ اسان اھا ڪوشش  ڪنداسين تہ ان تي بہ مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي وڃي

Good Wishes