20190612 140047

 
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” عورتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
 
عورت - ذات کي اڌ ڪائنات چيو وڃي ٿو. عورت ڪائنات جي ڪارڻي ڪونهي، پر ڪائنات جو تصور ، رنگيني ۽ سونهن جو سبب بہ آھي. ھر ڪنهن معاشري ۾ عورت جي حيثيت ۽ عظمت بابت پنهنجا معيار ۽ قدر آھن. اسان جي معاشري ۾ عورت  پنهنجو رتبو ۽ حيثيت پاڻ مڃائي ٿي . ھونئن نہ تہ عورت سنڌي معاشري ۾ ڏاڍن منافقاڻن روين جو شڪار رھي آھي. سسئي کي رڻ ۾ رولي پوء آدرش بڻايو سين. مومل کي ڏاگھ تي چاڙھي پوء سورمي  بڻايوسين. سھڻي کي درياھ ۾ ٻوڙي پوء مھا مائي بڻايوسين. جيئن ڇٻر کي ھرڪو جانور کائي ۽ انسان پيرن ھيٺان لتاڙي پوء بہ ڇٻر ڦٽي پوي، تيئن سنڌي معاشري ۾ عورت ذات دک ۽ درد سھي مصيبتن جا مقابلا ڪري مرندي مرندي بہ وري ڪر کڻي پنهنجي زنده ھجڻ جي ثابتي ڏئي ٿي.  
عورت ذات جي عظمت جي ڪھاڻي جيتري وڏي آھي اوتري سندس اذيئتن جي ڪھاڻي بہ  طويل آھي. عورت ذات جي انهن ٻنهي روپن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاء گل حيات شروعات کان وٺي مواد ۽ معلومات گڏ ڪيو آھي ۽ انهن  تي مختلف عنوانن ھيٺ فائيل ٺاھيا آھن، جن مان ڪي آھن: 
1.” عورتن جا ڪوائف“: اسان جي عورتن زندگي جي مکيه شعبن ۾ پئي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن جھڙوڪ تعليم، سياست، علم ادب ، تنظيم سازي ، شوبز ۽ اداڪاري خواه گلوڪاري وغيره. اسان انهن شعبن سان واسطو رکندڙ سوين عورتن جا ڪوائف ناما گڏ ڪيا آھن. 
٢. عورتن سان بدڪاري: ھي اسان جي دور جي وڏي بدنصيبي آھي جو قائدي ۽ قانون،سماجي قدرن ۽ نظرين با وجود ريپ ڪيسز ۾ روز بروز اضافو ٿيندو رھي ٿو. اسان اخبارن ۽ رسالن  ۾ شايع ٿيندڙ اھڙن لونئن ڪانڊاريندڙ واقعن کي گڏ ڪندا ويندا آھيون. 
٣. عورت خلاف ڏاڍ: گھرن کان ويندي آفيسن تائين عورتن سان وڏيون زيادتيون ٿين ٿيون.  ڪٿي کين مار ڪٽ ڪئي وڃي ٿي ، ڪٿي مٿن تيزاب ھاريو وڃي ٿو ڪٿي کين گھر يا آفيس مان بي دردي ۽ بي رحمي سان ڪڍيو وڃي ٿو. اھڙا کوڙ واقعا روز بروز ٿين ٿا جن بابت اسان مواد گڏ ڪندا آھيون. 
٤. پريمي شادين جي مڃڻ کان انڪار: اسان جي معاشري ۾ عورت کي پنهنجي  ور ۽ گھر چونڊڻ جي اجازت ڪونہ ھوندي آھي. اھا سختي ڪڏھن ڪڏھن عورت کي گھر ڇڏي لڪي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪندي آھي ۽ پوء عورت جي اذيتن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. گل حيات ” پريمي جوڙا“ جي عنوان سان ھڪ الڳ فائيل رکيو آھي جنهن ۾ اھڙي قسم جا واقعا ۽ انهن جون خبرون گڏ ڪيون وينديون آھن. 
٥. عورت عدالت ۾ : تمام وڏي عرصي کان وٺي سنڌي عورت طلاق ۽ جائداد جي مسئلن تي ڪورٽن جا دروازا کڙڪائيندي رھي آھي. انهي حوالي سان ڪيتريون عورتون اخبارن ۾ اشتھار ڏينديون آھن. اسان وٽ سالن کان وٺي اھڙن اشتھارن ۽ نوٽيسن جو خزانو موجود آھي. 
٦. ڪارو ڪاري: ڪارو ڪاري جي رسم سنڌ جي پيداوار ناھي پوء بہ اسان انهي رسم کي جھڙوڪ دين ايمان طور قبول ڪندا آھيون ڪارو ڪاري بابت گل حيات تحقيق ڪري انگ اکر بہ گڏ ڪيا آھن ۽ اخبارن توڙي رسالن ۾ انهي موضوع تي شايع ٿيندڙ خبرون ۽ تبصرا گڏ ڪري محفوظ ڪيا  آھن. 
٧. عورتن ڀڄائڻ جا واقعا: سنڌ جي ھندو برادري سالن کان وٺي ھن آزار مان جند ڇڏائي نہ سگهي آھي. ھندو ڇوڪرين کي اغوا ڪري زوري مسلمان بنائڻ ڪيترن ماڻھن جو ڪڌو ڪم رھيو آھي. ھندن کي آزاريندڙ ھي واقعا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. اسان اھڙن واقعن بابت اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندڙ مواد گڏ ڪندا ويندا آھيون . 
٨. عورتن جون تنظيمون: انڱريزن جي دور کان وٺي عورتن تنظيم سازي ڏانهن توجه ڏنو. پھريون ڪرستاني عورتن تنظيمون ٺاھيون ۽ پوء ڏيهي عورتن بہ  انهي ميدان ۾ قدم رکيو. لڳ ڀڳ ھڪ صدي کان وٺي سنڌ ۾ عورتن جي تنظيم سازي رھي آھي. اسان ماضي توڙي حال جي عورتن جي تنظيمن تي مواد گڏ ڪيو آھي ۽ اھو سلسلو اڃا بہ جاري آھي. 
٩. عورت ذات صحافت جي نظر ۾: اخبارن شروع کان وٺي عورتن جي مسئلن ۽ تحريڪن بابت پئي لکيو آھي پوء اھو ايڊيٽوريل جي روپ ۾ آھي يا  مضمونن ۽ مقالن جي صورت ۾ آھي اھو سمورو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ گڏ ڪري انهي عنوان ھيٺ رکيو آھي. 
١٠ . عورت ذات ۽ مختلف حڪومتون: ھر ڪنهن حڪومت جي دور ۾ عورتن بابت حڪمت عملي الڳ مختلف ۽ نرالي رھي آھي. ڪن حڪومتن عورت ذات سان چڱائي ڪرڻ جون ڳالھيون ڪيون ۽  ڪن حڪومتن پنهنجي نادري حڪمن سان عورتن کان حق کسڻ جي ڪوش ڪئي. اسان ھن سري ھيٺ انهي قسم جو ۽ اھڙو مواد گڏ ڪندا وڃئون ٿا.
منهنجي ھن اڄوڪي پوسٽ مان پڙھندڙ اھو اندازو لڳائي سگهن ٿا تہ اسان ڪا ڳالھ ڪھڙي نہ پيرائتي ڪيون ٿا ۽ ان مطابق مواد ۽ معلومات گڏ ڪيون ٿا . تاريخي تحقيق تي ڪم ڪرڻ  انهي وقت ئي آسان لڳندو جڏھن مواد جي ميڙي چونڊي موجود ھجي. مواد جي ميڙي چونڊي تڏھن جامع ۽ ممڪن ٿي سگهندي جڏھن انهي ڪم کي سليقي ۽ طريقي سان مڪمل ڪيو ويندو. مون کي خوشي ۽ فخر آھي تہ  گل حيات انسٽيٽيوٽ انهي ڏس ۾ بھتر ڪم ڪري رھيو آھي

Good Wishes