ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن بابت گل حيات ۾ موجود مواد.“
سنڌ ۾ پھرين ادبي تنظيم ۱۸۸۵ ۾ ٺھي. ان جو باني پادري بيمبرج ھيو ۽ اھا ميڪس ڊينسو ھال ۾ قائم ڪئي وئي ھئي ۽ ان ڪري انهي تنظيم جو نالو پڻ ” ميڪس ڊينسو ھال لٽرري سوسائٽي “ رکيو ويو. انهي کان پوءِ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي سکيا لاءِ ادبي ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽيون ٺھيون. جڏھن نوجوانن اتان پرايو ۽ عملي زندگي ۾ اچي ادبي ۽ ثقافتي تنظيمون ٺاھڻ شروع ڪيون. اڄوڪي ڏينهن تائين اھو سلسلو جاري آھي.
گل حيات انسٽيٽيوٽ سنڌ جي انهي خزاني کي بچائڻ لاءِ جيڪي جوڳا اپاءَ ورتا آھن، انهن کان اسان جي ويب سائيٽ ڏسندڙ ۽ منهنجون ھي پوسٽون پڙھندڙ ڀلي ڀت باخبر آھن. ويب سائيٽ تي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو مختصر تعارف پيش ڪيو ويوآھي. ان کان سواءِ جن تنظيمن تي انتھائي تفصيل سان لکيو ويو آھي ۽ انهن تي گل حيات جي ويب سائيٽ تي سوين صفحا موجود آھن تن منجهان
۱. رابيندر ناٿ لٽرري اينڊ ڊراميٽڪ سوسائٽي.
۲. سنڌي ادبي سنگت.
۳. انجمن فروغ ادب ھالا ذڪر لائق آھن.
مون پڻ ڪيترن تنظيمن تي لکيو آھي جن منجهان ڪجه نالا آھن:
۱. بزم ادب، ڪراچي.
۲. سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي، حيدر آباد.
۳. سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي.
۴. سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽي.
۵. سنڌي ادبي سنگت.
کوڙ ادبي ۽ ثقافتي تنظيمون آھن، جن منجهان ھڪڙي ھڪڙي تي الڳ الڳ پوسٽ لکي سگهان ٿو پر انهن جي ڊاڪيومينٽينشن ڪري گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي سگهجي ٿي.
مثال طور سالن کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ ”سچل ادبي مرڪز “ ٻولي جي جهولي ڀري رھيو آھي ۽ شاعري کي پروان چاڙھي رھيو آھي. ھي ادبي ادارو پي ايڇ ڊي ۾ منهنجي والد جي شاگرد ۽ نامياري پياري برجستي شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد ٺاھيو آھي. سچل ادبي مرڪز جي انفراديت ۽ اھميت ھي آھي جو ھي اھڙو ادبي ادارو آھي جنهن کي پنهنجي عمارت آھي. ھن مرڪز سوين مشاعرا ڪرايا آھن، ادبي ڪانفرنسون ڪرايون آھن ۽ ڪتابن جون مھورتون ڪرايون آھن.ھن مرڪز جي ادبي خدمتن تي ھر وجه کان پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي.
لاڙڪاڻي ۾ ” سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ پڻ سالن کان وٺي خدمتون سر انجام ڏيندي پئي اچي. جڏھن مرحوم محمد ھاشم ميمڻ لاڙڪاڻي جو ڊي سي ھيو ھن اھا سوسائٽي ٺاھي. بابا سائين، مھتاب اڪبر راشدي، انيس انصاري، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ زيب عاقلي وغيره انهي سوسائٽي جا باني ميمبر آھن.
لاڙڪاڻي کان سواءِ مکيه ضلعن ۾ اھڙيون ھسٽاريڪل سوسائٽيون آھن جيڪي وڏو ڪم ڪنديون رھن ٿيون پر خليل مورياڻي، ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ ٻين دوستن شڪارپور ھسٽاريڪل سوسائٽي کي مثالي طور تي فعال بڻائي رکيو آھي.
”جميعت الشعراءُ“ سنڌ ۾ سالن جا سال ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ڪرايا. انهي زماني ۾ ترقي پسنديءَ ۽ رجعت پسندي جا ھٿيار ھڪ ٻئي جي خلاف استعمال گهٽ ٿيندا ھئا. ان ڪري جميت الشعراءَ سنڌ جي ميڙاڪن ۾ کاٻي توڙي ساڄي ڌر وارا شاعر ۽ اديب شرڪت ڪنداھئا. سالن جا سال وڏي ادبي خدمت ڪندڙ ھن ادبي تنظيم سان لاڳاپيل اديبن ۽ شاعرن انصاف گهٽ ڪيو آھي. ھن تنظيم طرفان جيڪي ساليانا ميڙاڪا ٿيندا ھئا انهن مان اڪثر ميڙاڪن جون ڪاروايون ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيون. اسان ڪوشش ڪري اھڙو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪنداسين.
ادبي تنظيمن جو ذڪر ڪندي ” بزم طالب المولا“ جي نالي ۽ خدمتن کي پڻ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. مخدوم طالب المولا جي زماني ۾ ھي بزم تمام وڌيڪ فعال رھي. تازو وري انهي کي منظم نموني سان فعال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. ھن بزم جي ادبي خدمتن تي پڻ پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي.
مون اڄوڪي ھن پوسٽ ۾ جهڙوڪ دوستن کي اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ت گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪيئن ۽ ڪھڙي ريت ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن تي ڪم ڪرڻ گهري ٿو. ھي اھڙو وڏو ڪم آھي جنهن کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ” انسائيڪلو پيڊيا آف سنڌي لٽرري اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشنس “ جي نالي سان ڪيترن جلدن ۾ ڪتاب لکي سگهجي ٿو