ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت. “
لڳاتار ٻن سالن کان مان ھي پوسٽون لکندو اچان ٿو . شروعات ۾ گل حيات جي لائبريري ۾ موجود ڪتابن جو تعارف لکندو ھئس ۽ اھو سلسلو پڙھندِڙن کي وڻيو. ڇو تہ کين اھا خبر بہ پئي پئي تہ اسان جي اداري جي لائبريري ۾ ڪھڙا ڪتاب رکيل آھن . ھي سلسلو سال کن ھليو. ان کان پوءِ جڏھن بابا سائين اسان جي چوڻ تي ڪراچي کي ڇڏي اچي گل حيات ۾ پنهنجي رھيل تحقيقي ڪم کي پوري ڪرڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو تہ سندس ھٿ سان لکيل نوٽس جي ڀريل ڳوڻين جي ڇنڊ ڦوڪ مون کي ڪرڻي پئي ۽ پوءِ مون کي ذھن ۾ آيو تہ ڪتابن جي تبصرن کي فى الحال روڪي مان پِڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ گل حيات ۾ اھو ڪھڙو خزانو موجود آھي جنهن جي ماروئڙن کي خبر پوڻ گهرجي ان ڪري مون مختلف موضوعن تي پوسٽس لکڻ شروع ڪيون ۽ ان ڪم ۾ بہ مونکي سال کن لڳي ويو آھي.
سنڌ ۾ فقط گل حيات يا ان جي لائبريري ڪانهي .اسان جي ڌرتي صدين کان وٺي علم جو گھوارو رھي آھي ۽ سنڌ جا ھزارين خاندان اھڙا آھن جن وٽ ”خانداني ڪتب خانا“ موجود آھن ۽ اھو سلسلو صدين کان وٺي جاري آھي. تاريخ جا ورق ورائيندي خبر پوي ٿي تہ پاڳاري خاندان جي باني حضرت محمد راشد روضي ڌڻي جو والد ڪتابن خريد ڪرڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو ايتري قدر شوقين ھيو جو ھڪ دفعي جڏھن ڪتابن جي ڳنڍ کڻي پيو وڃي تہ چورن کيس ڦريو ۽ ھن کي شھيد ڪري وڌو.چورن سمجهيو هو تہ پير محمد بقا مال ملڪيت کنيون پيو وڃي.
انگريزن جو دور آيو تہ ذاتي ۽ خانداني ڪتب خانن سان گڏ ھڪ طرف سرڪار بہ لائبريريون قائم ڪيون تہ ٻئي طرف اين جي اوز بہ پنهنجون لائبريريون ۽ ريڊنگ رومز قائم ڪيون .انهي جو اٽر ھي ٿيو تہ انگريزن جي ھڪ صدي واري دور ۾ جتي ڪٿي بہ فعال اين جي اوز قائم ٿيا، اتي لائبرريون بہ قائم ٿيون انهن جو تعداد ھزاين ۾ آھي . انگريز ملڪ ڇڏي ويا ۽ ھندن جي لڏ پلاڻ ٿي تہ ان جي نتيجي ۾ اين جو اوز ۽ سرڪار طرفان قائم ٿيل لائبريرين تي منفي اٽر پيو. جيڪي اين جي اوز نہ رھيا انهن جون لائبرريون بہ نہ رھيون. سرڪاري ڪتب خانا ننڌڻڪا ٿي ويا ۽ انهن مان ڪيترا ڪتاب ڪن شاھينگن جي ور ڇڙھي ويا يا ڪٻاڙين ۽ پڪوڙن وارن جي ھٿ اچي ويا.
سنڌ انهي نقصان جو ازالو ڪري ورتو آھي ۽ ھاڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪاري لائبرريون بہ آھن تہ ذاتي ۽ خانداني لائبرريون بہ آھن.پر جنهن ڳالھ جو شديد احساس ٿئي ٿو اھو ھي آھي تہ انهن لائبررين جو پاڻ ۾ رابطو يا سھڪار ڪونهي.
ذاتي لائبريرين ۾ سنڌ جي سماجي، سياسي،ادبي ۽ ديني اھميت وارو خزانو موجود آھي. پر ڪيترا خاندان ۽ فرد فياضي کان ڪم نٿا وٺن .جنهن ڪري اھڙن خزانن مان محقق ۽ تحقيق جا شاگرد ڪو لاڀ پرائي نٿا سگهن. ڪيترن خاندانن وٽ پنهنجا شجرا موجود آھن ۽ ڪيترن خاندانن وٽ قلمي قرآن ۽ نادر قلمي ڪتاب موجود َآھن. سرڪاري ادارن کي ھوش اچي ھا تہ اھي اھڙي مواد جي اسڪين ڪرائي ھڪ وڏو شعبو قائم ڪري پئي سگهيا. پر نوڪري ڪرڻ وارا خدمت ڪونہ ڪندا آھن ۽ انهن کي اھڙو جنون ئي ڪون ھوندو آھي تہ اھي تباھ ٿيندڙ تاريخي خزاني کي بچائي سگهن. بخل ۽ بي توجهي سبب سنڌ طب جو وڏو خزانو تباھ ڪري ڇڏيو . جيڪڏھن طب جا ڪتاب اسان بچائي سگهون ھا تہ ھن وقت سنڌ ۾ ڪيترا طبي ڪاليج موجود ھجن ھا ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ طب تي تحقيق ٿئي ھا.
مون ٻن سالن کان جيڪو ڪجه لکيو آھي اھو پاڻ پڏائڻ، گل حيات جي واکاڻ ڪرڻ يا پاڻ کي متان مٺو چوڻ لاءِ ڪون لکيو آھي. مقصد فقط اھو ھوندو آھي تہ اسان ماروئڙن کي اھو ٻڌائي سگهون تہ گل حيات ۾ ڇا ڇا موجود آھي ۽ سنڌ جي تاريخ جا اھي ڪھڙا پهلو يا موضوع آھن جن تي ھن وقت تائين ڪم نہ ٿيو آھي. منهنجي ھن نماڻي ڪوشش جا مثبت نتيجا نڪتا آھن. مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھون ايندا رھن ٿا. اسان سندن ميزباني بہ ڪيون ٿا تہ مفت ۾ اڻ لڀ ۽ ناياب مواد بہ ڏيئون ٿا. ڇا اسان لاءِ اھو اعزاز گھٽ آھي تہ ڪنهن وڏي شخصيت جو پوٽو يا ڏوھٽو پنهنجي ڏاڏي يا ناني تي تحقيق ڪرڻ لاءِ مواد ۽ معلومات گل حيات انسٽيٽيوٽ مان وٺڻ اچن. اڄ تحريڪ آزادي جي ھڪ اڏول اڳواڻ پير مٺل شاھ راشدي ٺلاھي جو پوٽو سيد وسيع الله راشدي نوشھرو فيروز مان ڪھي اچي پنهنجي ڏاڏي جي سوانح ۽ سياسي خدمتن بابت مواد وٺڻ آيو ۽ اسان معاوضي وٺڻ کان سواءِ کيس مواد ۽ معلومات جا جهول ڀري ڏنا. اسان ڌرتئ ڌڻين کي ڏنو آھي ورتو ڪونہ آھي. پر اڄ جيڪو مواد مفت ۾ راشدي صاحب کي ڏنوسين. اھو کيس اڌ لک روپيئن ۾ بہ ڪٿان نہ ملي ھا.
مان وري پنهنجي يا گل حيات جي تعريف نٿو ڪيان پر ٻڌائڻ ٿو گهران ت علم کي عام ڪرڻ لاءِ ، تحقيق کي پروان چاڙھڻ لاءِ ۽ تاريخي تحقيق تي تحقيقي معيارن مطابق ڪم ڪرڻ جي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ اسان جي ذاتي، خانداني ۽ سرڪاري لائبررين کي اھڙيون روايتون قائم ڪرڻ گهرجن. ڇو تہ ان سان ئي ذھني ۽ فڪري قبلن کي درست ڪري سگهبو.
منهنجي صلاح آھي تہ جن دوستن يا خاندانن وٽ لائبريريون آھن، اھي پنهنجي پنهنجي لائبريرين جا ڪيٽا لاگ تيار ڪن ۽ انهن جي آڌار تي اخبارن خواه رسالن ۾ مضمون لکن ۽ ٿي سگهي ت انهن ڪيٽالاگن جي ڪاپي گل حيات کي بہ موڪلي ڏين تہ اسان سندن ئي نالن سان گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي دنيا جهان کي ٻڌائي سگهون تہ سنڌ پنهنجي علم دوستي جي روايتن کي ڪيئن نہ قائم رکيو آھي. اسان کي سنڌ جي سمورين ذاتي لائبريرين جو نہ فقط جامع ڪيٽالاگ مرتب ڪرڻو آھي پر انهئ آڌار تي ھڪ جامع انڊيڪس ۽ ببليو گرافي بہ ٺاھڻي آھي . الله ڪندو تہ اسان پنهنجي ان نماڻي ڪوشش ۾ علم دوستن جي سھڪار سان ڪو نئون ڪم ڪري سگهنداسين ۽ ڪا نئين روايت قائم ڪري سگهنداسين