ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد “
مون مختلف برادرين کي نظر ۾ رکي ٻن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجه لکيو آھي ۽ ڪجه اڳتي بہ لکندس. لکڻ جو پھريون مقصد ھي آھي تہ مان ٻڌائي سگهان تہ جيڪي برادريون ٻاھران اچي سنڌ ۾ آباد ٿيون,سنڌ جو کاڌو ۽ سنڌ جو ڳاتئون، اھي امر بڻجي ويون ۽ سنڌي سماج جو اٽوٽ حصو بڻجي ويون. لکڻ جو ٻيو مقصد اھو ھوندو آھي تہ مان پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ انهي برادري يا ڪميونٽي بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو مواد موجود آھي.
ارغون ۽ ترخان بہ ڌاريا ھئا . سنڌ تي حڪمراني بہ ڪيائون پر سنڌ کي پنهنجو نہ ڪيائون. ان ڪري سنڌ بہ کين پنهنجو نہ ڪيو ۽ اڄ سنڌ ۾ انهن جو نالو نشان ئي ڪونهي. ان مان انهن طبقن ۽ ڌرين کي سبق وٺڻ گهرجي تہ سنڌ جي ڪنهن حصي کي الڳ ڪري حڪمراني ڪرڻ ۽ سنڌ جي سماج ۽ ثقافت کي پنهنجو نہ ڪرڻ، سندن بہ ارغونن ۽ ترخانن جھڙو حشر ڪندو.
شاھ عبداللطيف جا وڏا ٻاھران آيا ۽ سنڌ کي پنهنجو ڪيائون تہ سنڌ شاھ لطيف جي روپ ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر کي جنم ڏنو. حضرت علي مڪي ٻاھران آيو ۽ سنڌ کي پنهنجو ڪيائين تہ ھن جي پونئيرن منجهان پاڳارا خاندان جنم ورتو جيڪو صدين کان سنڌ ۾ روحاني گادي سمجهيو وڃي ٿو. اھڙي نموني سان ھالا جا مخدوم بہ ھڪ معتبر روحاني گادي جا سنڀاليندڙ آھن ۽ اھي بہ حضرت ابوبڪر صديق جي اولاد مان آھن. مرزا قليچ بيگ جو پي سنڌ ۾ آيو ھن سنڌ کي پنهنجو ڪيو ۽ سنڌ مرزا قليچ بيگ جھڙو شمس العلماءُ پيدا ڪري ڏيکاريو. چوڻ جو مقصد ھي آھي تہ جنهن سنڌ کي پنهنجو ڪيو سنڌ ان کي امر بڻائي ڇڏيو.
خوجا ڪميونٽي جو سومرن جي دور کان وٺي سنڌ سان محبت ۽ روحانيت جو تعلق رھيو آھي. سنڌ اسماعيلي مبلغن کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت جي ورقن ۾ سونھري اکرن ۾ لکي ڇڏيو. پير صدرالدين ۽ پير ڪبير سنڌي شاعري ۾ “ گنان“ جي صنف جو اضافو ڪيو .
پراڻن ڪتابن پڙھڻ مان خبر پوي ٿي ت 1839 ۾ جڏھن ڪراچي جي آدم شماري 4850 ھئي تہ انهن ۾ 350 خوجا ھئا. سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني ٿي تہ ڪيتريون ئي غير سنڌي واپاري ڌريون سنڌ ۾ لڏي آيون جنهن جي نتيجي ۾ 1847 ۾ ڪراچي ۾ خوجن جا 300 خاندان لڏي آيا ۽ انهي دور ۾ خواجا غلام، خواجا بنو ۽ محب علي خواجا تمام مشھور واپاري ھئا.
خوجن جي سياسي حيثيت ۽ حڪومت سان ويجهڙائپ جو دور انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ سان ئي ٿيو. ان کان پوء انگريزن سرآغا خان جي حيثيت کي تسليم ڪيو ۽ ان جي سياسي خدمتن کي مان ڏنو. جڏھن 1905 ۾ ھندستان جي مسلمانن جو وفد پنهنجا مسئلا کڻي وائسراء سان ملڻ ويو تہ ان جي قيادت سر آغا خان ڪئي. وري ھڪ سال پوء جڏھن ڍاڪا ۾ “ آل انڊيا مسلم ليگ“ ٺھي تہ ان جو باني صدر بہ سرآغا خان کي بڻايو ويو. سر آغا خان جون اھي سياسي خدمتون ھڪ سنڌ ڄائي خوجن جي روحاني رھبر جون خدمتون ھيون. اسان کي خبر آھي تہ آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون ساليانو اجلاس 1907 ۾ ڪراچي ۾ ٿيو ھو ۽ انهي جو ڪريڊٽ پڻ سنڌ جي خوجن ڏانهن وڃي ٿو، جن جو روحاني رھبر سر آغا خان پارٽئ جو صدر ھيو. سر آغا خان کان پوء ھڪ ٻئي خوجي قائداعظم محمد علي جناح مسلم ليگ کي ھڪ فعال جماعت بڻائي ڏيکاريو ۽ انهي جي پليٽ فارم تان پاڪستان جي تحريڪ ھلائي ۽ ھڪ الڳ آزاد ملڪ وٺي ڏيکاريو.
1839 کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين خواجا ڪميونٽي سنڌ سان مثالي محبت ڪئي آھي ۽ ان جي بي مثال خدمت بہ ڪئي آھي. مون ٻين ميونسپالٽين جو رڪارڊ تہ ڪون ڏٺو آھي پر گل حيات ۾ ھن برادري بابت مواد مان معلومات ملي ٿي تہ ڪراچي ميونسپالٽي ۾ ھن برادري جا ماڻھون سالن جا سال ميمبر ٿي رھيا. مرحوم جي الانا جڳ مشھور ماڻھو ھيو ۽ شاعري ۾ دنيا جهان ۾ نالو ڪمايائين ۽ تحريڪ آزادي تي ڪتاب لکيائين ۽ تحريڪ آزدي ۾ ڀرپور حصو ورتائين. اھو پڻ انهي برادري سان تعلق رکندو ھيو. سندس گھر ڌياڻي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ٿي ۽ سندس پٽ پيار علي الانا پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ تعليم جو وزير ٿيو. نامور محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا بہ ھن ڪميونٽي سان واسطو رکي ٿو جنهن سنڌالاجي کي مثالي ادارو بڻايو ۽ جيڪو علام اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بہ رھيو آھي. ڊاڪٽر ڪريم خواجا نہ فقط پيپلز پارٽي جو سياسي اثاثو رھيو آھي پر ھو ڪيترين لرنيڊ باڊيز جي ميمبر ۽ صلاحڪار جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رھيو آھي.
مون کي ڪو تفصيل سان ريسرچ پيپر لکڻو ڪونهي پر اھو گوش گذار ڪرڻ چاھيان ٿو ت خوجا ڪميونٽي سنڌ سان عشق ڪندڙ ڪميونٽي آھي، جنهن پنهنجي منفرد ڪلچر سان سنڌ جي خدمت ڪئي آھي. آغا خان يونيورسٽي ۽ آغا خان اسپتال ان جا ٻہ مثال اسان اڳيان آھن. 1839 کان وٺي ھن ڪميونٽئ جي سياسي ، سماجي ۽ تعليمي خدمتن بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ تمام گھڻو مواد پيو آھي. اسان جي ڪوشش رھندي تہ آھستي آھستي ھن سموري مواد کي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون