20190603 133329
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
 

انگريزن جي دور ۾ جن انسانن ڌرتي جي  حالتن ۽ انگريزن جي غلامي سان مثالي بغاوت ڪئي انهن مان شيخ عبدالمجيد سنڌي پڻ ھڪ آھي. ھو سياسي ۽ نظرياتي طور تي تہ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ويجهو رھيو، پر تاريخ ۾ پنهنجي ھڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ٺاھي ويو . ھن عظيم انسان جي سوانح ۽ سياسي ڪارنامن تي ڪو مناسب ڪم نہ ٿيو آھي جڏھن تہ ھن جيڪي قلمي،نظرياتي  ۽ سياسي ۽ صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن تي الڳ الڳ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون.
      شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مذھب سان بغاوت ڪري مسلمان ٿيو . ھن مذھبي حوالي سان ڪٽرپڻي جو مظاھرو تہ نہ ڪيو پر سنڌ جي اھڙي تشخص لاء ڪم ڪندو رھيو جيڪو اسلامي رنگ وارو تہ ھجي پر انهي ۾ مذھبي رواداري ۽ ھندو توڙي مسلمانن جي ڀائپي برابري بہ موجود هجي.
 شيخ عبدالمجيد سنڌي جي زندگي سان لاڳاپيل ٽي واقعا اھڙا آھن، جيڪي ھن کي ڪيترن سياستدانن کان منفرد بڻائن ٿا. پھريون ھئ آھي تہ پاڻ جڏھن سکر جيل ۾ سياسي قيدي ھيو تہ خلافت جي ھڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاء ھندستان جا وڏا مسلمان ليڊر آيا جن اھو فيصلو ڪيو تہ سکر جيل جي چوڌاري طواف ڏيڻ وانگر چڪر ڏنا ويندا. انهن ائين ڪيو ۽ سکر جيل اندران توڙي ٻاھران “ اللہ اڪبر“ جي نعارن سان گونججي اٿيو. سياسي مڃتا جو اھڙو مثال مشڪل ئي ملي. ٻيو مثال سندس شادي متعلق آھي ھو جيل ۾ ھيو، حيدرآباد ۾ سياسي جلسو ٿيو ۽ ان ۾ ھن عظيم انسان جي سياسي بصيرت، قومي قربانين ۽ وطن دوستي جا دل کولي بيان ڪيا ويا. اتي ھڪ نياڻيءَ چيو تہ “ شيخ عبدالمجيد جڏھن آزاد ٿيندو تہ مان ان سان شادي ڪندس“. ٽيون واقعو  کيس “سنڌي “ سڏجڻ  بابت آھي. چون ٿا تہ 1932 ۾ لاھور ۾ ھڪ وڏو سياسي جلسو ٿيو جنهن جي صدارت علامہ اقبال ڪري رھيو ھيو . انهي جلسي ۾ اچي ڏڦيڙ پيو ۽ جلسو ڦٽڻ وارو ھيو ، تنهن تي شيخ عبدالمجيد ھڪدم وڃي مائيڪ سنڀالي تہ ھيٺان ماڻھن جا آواز اچڻ لڳا تہ “ سنڌي کي ٻڌو، سنڌي کي ٻڌو“. جلسي ۾ خاموشي ٿي وئي ۽ ان کان پوء جلسي جي ڪاروائي ھلائڻ ممڪن ٿي پئي. انهي ڏينھن کان شيخ عبدالمجيد جي نالي سان “سنڌي “ لفظ شامل ٿي ويو. 
    شيخ عبدالمجيد سنڌي جي حيثيت سنڌ جي سياسي ۽ آزادي جي تحريڪ ۾ پيڙھ جي برابر آھي جنهن تي شاندار عمارت تہ جڙي راس ٿي ۽ ان جي خوبصورتي سڀني محسوس ڪئي ۽ ڏٺي،  پر پيڙھ تي نظر ڪيترن جي  ڪانہ پئي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ 1919 ۾ “روولٽ ايڪٽ “ خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ گرفتار ٿيو . ھن “الوحيد اخبار “  کي اوج تي رسايو ۽ جڏھن سنڌ ممبئي کان جدا ٿي تہ “ الوحيد اسپيشل سنڌ آزاد نمبر“ ڪڍيائين جيڪو ھڪ اھم تاريخي دستاويز آھي.
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ  سنڌ ۾ ممبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ کي عوامي تحريڪ بڻائڻ لاء “ 1931 ۾  “سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاھي ۽ اھو سندس ھڪ تمام وڏو ڪارنامو آھي جنهن ۾ سندس سياسي بصيرت نظر اچي ٿي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ انهي پارٽيءَ جي مينيفيسٽو ۾ اھو ٻڌايو تہ سنڌ جي عليحدگي کان پوء جڏھن سنڌ اسيمبلي ٺھندي تہ ان ۾ عوامي ڀلائيءَ ۽ سنڌ جي روشن مستقبل لاء اسيمبلي کي ڇا ڪرڻو پوندو اھي. سمورا تفصيل ھن 1931 ۾ ئي ھن پارٽي جي منشور ۾ ٻڌايا آھن. اھو سندس ھڪ نظرياتي تربيت جو عمل ھيو جنهن ذريعي ھن عوام کي ٻڌايو تہ جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سندن چونڊيل نمائندا ايوانن ۾ ۽ حڪومت ۾ اچي ڪھڙا ڪم ڪندا. 
شيخ عبدالمجيد سنڌي جي اھا “سنڌ آزاد پارٽي “ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقبول ٿي ۽  ان جون شاخون کوليون ويون جن منجهان ڪن شاخن جا نالا ھيٺ ڏيان ٿو:
 ڪراچي، حيدرآباد، ڳوٺ عبدالحئي( تعلقو ڊگري)، اللہ آباد تعلقو دادو، بٺورو، چڪ، ڇتن شاھ.دائود مھيسر( نزد ميھڙ)، فقير آباد ( ضلعو ٿرپارڪر)، ھالا، ھاشم سومرو( ضلعو ٺٽو)، جيڪب آباد، جھمپير، سجاول، نواب شاھ، عودي ۽ شڪارپور وغيره. 
اسان وٽ “تاريخي تحقيقي “   اڃا عام نہ ٿي آھي ۽ “ماضي جو مطالعو“  اسان جي اوليتن ۽ دلچسپين ۾ شامل ڪونہ ٿي سگهيو آھي ان ڪري اسان کوڙ ڳالھيون نہ ڪيون آھن ۽ نہ ئي ٻڌيون آھن. شيخ عبدالمجيد سنڌي تي مرحوم خان محمد پنھور انگريزي ۾ ڪتاب لکيو ھيو جنهن ۾  منهنجي والد صاحب جو مضمون پڻ شامل آھي. ان کان پوء جيڪڏھن ڪنهن ھنڌ يا ڪنهن شخص ڪو “آزاد پارٽي “ تي ڪم ڪيو آھي تہ محققن ۽ تاريخي تحقيق ڪندڙ ادارن ۾ باھمي ربط ۽  لاڳاپو نہ ھجڻ ڪري خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڪنهن ڪو ڪم بہ ڪيو آھي يا نہ ۽ جيڪڏھن ڪو ڪم ٿيو آھي تہ اھو ڪھڙو ۽ ڪيترو ٿيو آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي حساب سان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سندس سياسي خدمتن ۽ سندس ٺاھيل “سنڌ آزاد پارٽي“ بابت چڱو خاصو مواد گڏ ڪيو آھي. مون ھن کان اڳ بہ شيخ عبدالمجيد سنڌي بابت ھڪ پوسٽ لکي آھي پر اڄ مون جيڪي ڳالھيون ڪيون آھن اھي اضافي آھن ۽ نہ ڪي ساڳين ڳالھين جو ورجاءُ آھي.
 مان اڳ ۾ اھو لکندو ۽ چوندو رھيو آھيان تہ جيڪڏھن ڪو محقق يا تحقيق ڪندڙ ادارو اسان کان سھڪار وٺندو تہ ان سان ڀرپور سھڪار ڪيو ويندو. پر ھاڻي مون ھيءُ لکڻ ۽ چوڻ شروع ڪيو آھي تہ جيئن جيئن وقت مليو تہ تيئن تيئن اسان تاريخي اھميت وارو مواد ۽ رڪارڊ پاڻ ئي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪندا وينداسين

Good Wishes