ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
اٺ جنهن وڻ ھيٺان ويھندو آھي اھو اڪثر ڪري ان وڻ کي ئي کائيندو آھي. اھڙي نموني سان ڪي ماڻھون ڪنهن ملڪ ۾ پناھ وٺي اٺ جھڙو ڪم ڪن ٿا تہ ڪي وري انهي ڌرتي جو کائن ٿا، ڌرتي جو ڳائن ٿا ۽ ڌرتي جي خوشحالي ۾ ھٿ ونڊائن ٿا. سنڌ ۾ پارسي ڪميونٽيءَ بہ جڏھن سنڌ ۾ واپار ۽ تجارت سانگي آئي تہ ھن مٽي جو مانُ ۽ شان وڌائڻ ۾ گھڻن کان اڳري رھي.
پارسي ڪميونٽي دل ۽ ذھن جي کليل ڪميونٽي طور پاڻ کي ثابت ڪيو . ان ڪري ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان ملي جلي ھڪ ٿي ويا. جڏھن 1882 ڌاري“ سنڌ سڀا“ نالي “سماجي ۽ نيم سياسي “ جماعت ٺھي تہ ان ۾ ھندو ۽ مسلمانن کان سواءِ پارسي بہ شامل ھئا. اھو پارسين جو ئي ڪارنامو آھي جنهن جي ڪري سنڌ ۾ “ٿياسافيڪل سوسائٽي“ قائم ٿي ۽ ان کان پوءِ “ سنڌ ھوم رول ليگ“ نالي سياسي پارٽي قائم ٿي. “ ٿياسافيڪل سوسائٽي“ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي بہ خدمت ڪئي ھن سوسائٽي طرفان سنڌي ۾“ ستاره “ ۽ “ روح رھاڻ“ رسالا نڪرندا ھئا ۽ سوسائٽي سان لاڳاپيل اديبن سنڌي ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا .
ٿياسافيڪل سوسائٽي کان سواءِ سنڌ ۾ “ھوم رول ليگ“ جي قيام ۾ سنڌ جي پارسي ڪميونٽي جو وڏو عمل دخل ھيو. ٻنهي تنظيمن ۾ ڪليدي ڪردار پارسين جو ھيو پر انهن ھندن توڙي مسلمانن کي نہ فقط پاڻ سان کنيو پر اڳتي وڌايو.
1930 ۾ ميرپور خاص ۾ جيڪا “ ھاري ڪانفرنس“ ٿي انھي جي صدارت جمشيد مھتا ڪئي جيڪو پارسي ھيو. ھن ئي ماڻھو انهي کان اڳ جيڪب آباد ۾ سڏايل “ سنڌ صوبائي ڪانفرنس“ جي صدارت بہ ڪئي ھئي .جمشيد مھتا جڏھن ڪراچي جو ميئر ٿيو تڏھن ڪراچي جا مکيه روڊ ۽ رستا ۽ اھم عمارتون روزانو ڌورايون وينديون ھيون. جڏھن تہ ھاڻي اسان جي دور ۾ اسان کان ئي روڊ ۽ رستا انساني رت سان وھنجهاريا وڃن ٿا . سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ھلي تہ ان ۾ پارسي ڪميونٽي ڀرپور حصو ورتو جمشيد مھتا“ اينٽي سنڌ سيپريشن“ تحريڪ وارن ھندن کي پمفليٽ ۽ ڪتابڙا لکي لاجواب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سياست ۾ نج سنڌين وانگر ڪردار ادا ڪرڻ کان سواءِ علمي ۽ قلمي ميدانن ۾ بہ پارسي ڪميونٽيءَ جو وڏو ڪردار رھيو آھي. ھن ڪميونٽيءَ انگريزي زبان ۾ تمام سٺا ۽ گھڻا ڪتاب لکيا ۽ شاعري بہ ڪئي. شاعري تي پڻ سندن کوڙ ڪتاب آھن. ماڻڪ پٿاوالا پارسي ھيو ۽ وڏو جاگرافيدان ھيو .ھن سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ سنڌ جي قديم ماڳن مڪانن ۽ ڪراچي جي جاگرافي تي مثالي ڪم ڪيو ۽ ڪتاب لکيا جيڪي شايع ٿيا. جڏھن گڏيل ھندستان کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جو چوٻول ٿيو تہ ھن بہ جاگرافيائي اھميت ۽ منطق جي حوالي سان ھندستان جي ورھاڱي جو پنهنجو نظريو پيش ڪيو ھيو .سندس اھا تحرير ۽ ٻيا ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.
پارسي ڪميونٽي وڏا شاعر ۽ عالم پيدا ڪيا انهن جا ڪتاب بہ گل حيات ۾ آھن. بليموريا ھن ڪميونٽي سان واسطو رکندو ھيو. ھو پنهنجي دور جو وڏو تاريخ جو ڄاڻو ۽ محقق ھيو .1936 کان پوءِ جڏھن سنڌ ۾ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ٺاھي وئي تہ ھي ان جو ميمبر ٿيو ۽ اڳتي ھلي ان جو صدر پڻ ٿيو. “ موھين جي دڙي“ مان لڌل شيون جيڪي لاھور ۽ دھلي کڻي ويا ھئا،بليموريا انهن کي واپس ڪرائڻ لاءِ وڏي تحريڪ ھلائي. ڪراچي ۾ جڏھن بہ ڪي وڏيون تنظيمون قائم ٿيون تہ پارسي ڪنهن کان پٺتي نہ رھيا. ھن ڪميونٽي ڪراچي.، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ وڏا خيراتي ڪم ڪيا ۽ اسپتالون خواه ڊسپينسريون قائم ڪيون. حيدرآباد ۾ جيڪا گدو بندر ۾ چرين جي اسپتال آھي اھا پڻ ھڪ پارسي سر ڪائوسجي جھانگير 1852 ۾ قائم ڪرائي ھئي .
انگريزن جي اچڻ کان کوڙ ساريون واپاري ڪميونٽيون سنڌ ۾ آيون، پر پارسي ڪميونٽي پنهنجي گھڻن ڳڻن جي ڪري نالو ڪمايو. انهن پنهنجي حيثيت بہ رکي پر سنڌ جي سونهن جو حصو بہ ٿي رھيا، بلڪه انهي جي سونهن ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھيا. گل حيات ۾ ھن ڪميونٽي جي تنظيمن.سماجي خدمتن ۽ علمي ڪارنامن بابت گھڻو مواد موجود آھي ۽ اسان جي ڪوشش رھندي تہ ان کي پنهنجي ذريعن وسيلن جي ڏڍ تي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪندا رھون