textgram 1559119842
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
 
سنڌ نہ فقط صدين کان وٺي علم جو گھوارو رھي آھي، پر سماجي خدمتن جو بہ ھن ڌرتي جو پنهنجو منفرد انداز رھيو آھي. انگريزن جي اچڻ کان پوء اسان جي ھر ڳالھ ۾ وڏيون تبديليون آيون ۽ سماجي خدمتن سر انجام ڏيڻ جو نئون دور شروع ٿيو. انهي زماني کان وٺي سنڌ ۾ غير فرقيوارانہ سماجي تنظيمون بہ قائم ٿيون تہ برادرين جي بنياد تي بہ سماجي ڪم ٿيڻ شروع ٿيا. “ سنڌ سڀا“ سنڌ جي پھرين جديد سماجي تنظيم ھئي جيڪا 1882 ڌاري قائم ٿي ۽ جنهن ۾ ھندو توڙي مسلمان ۽ پارسي وغيره عھديدار ۽ ميمبر ھئا. ھيءَ ھڪ غير فرقيوارانہ سماجي تنظيم ھئي.
      انهي زماني ۾ سرڪاري ملازمن ۽ سماجي تنظيمن کي سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ تي ڪا بہ پابندي ڪانہ ھئي. ان ڪري “ سنڌ سڀا“ جتي سماجي ڪم ڪيا اتي ميونسپالٽيءَ جي چونڊن وقت بہ لائق ۽ سٺن اميدوارن جي نہ فقط تائيد ڪيائين  پر انهن لاء چونڊ مھم بہ ھلائيائين. ھن تنظيم کان علاوه مختلف شھرن ۾ قائم ٿيل ًسٽيزنس ايسوسيئيشن“،“سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ ۽ ٻين سماجي تنظيمن بہ ھڪ ئي وقت تي سماجي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون. ًسنڌ سڀا“ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ ۾ ھزارين سماجي تنظيمون قائم ٿيون آھن. اھي غير فرقيوارانہ بہ ھيون ۽ آھن تہ برادري جي بنيادن تي بہ قائم ٿيون. اھي مردن بہ ٺاھيون تہ عورتن بہ ٺاھيون. ان کان سواء مختلف مذھبي ڌرين بہ پنهنجي پوئلڳن لاء سماجي تنظيمون ٺاھيون. وڏن شھرن ۾ جڏھن اندروني سنڌ جا ماڻھون واپار  ،تجارت ۽ تعليم سبب آيا تہ انهن بہ پنهنجي پنهنجي ڳوٺ يا ذات جي بنياد تي وڏن شھرن ۾ تنظيمون جوڙيون.    ماضي جي تنظيمن ۽ موجوده دور جي تنظيمن ۾ برابري بہ آھي تہ زمين آسمان جو فرق بہ آھي . فرق اھو آھي تہ سنڌ ۾ کوڙ اھڙيون تنظيمون قائم ٿي چڪيون آھن، جيڪي مغربي ملڪن ۾ قائم ٿيل “مالي ساھتا ڏيندڙ ادارن“ کان مالي مدد بہ وٺن ٿيون ۽ انهن جي ڏسيل يا ڏنل “ پراجيڪٽس“ تي ڪم بہ ڪن ٿيون. اھا روايت ماضي ۾ ڪونہ ھئي. 
سماجي تنظيمن جو قسم ڪھڙو بہ ھجي پر انهن سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون آھن. اڄ جي دور جي ڪن سماجي  تنظيمن جيڪڏھن ڏنل ۽ ڏسيل پراجيڪٽس تي ڪم ڪيو آھي يا ٻاھرين مالي ساھتا ڏيندڙ ادارن کان ڏوڪڙ ورتا آھن تہ اھا ڪا “ اربعا خطا ڪانهي“. پر اھڙن سماجي تنظيمن کي سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن ۽ مفادن تي گھڻي کان گھڻو توجه ڏيڻو پوندو.
سماجي تنظيمن جي اڻ کٽ ۽ روز بروز وڌندڙ تعداد سنڌ ۾ سماجي سڌارڪن جي تعداد ۾ بہ وڏو اضافو آندو آھي. ھر ڪا تنظيم جيڪڏھن پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي عھديدارن جا ڪوائف شايع ڪرائي تہ هوند وڏو قلمي خزانو گڏ ٿي سگهي ٿو. سنڌ ھر دور ۾ وڏا سماجي سڌارڪ پيدا ڪيا آھن. پر جيڪڏھن اسان ڏيارام گدومل کي ھڪ اوائلي مثالي سماجي سڌارڪ چئون تہ ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿيندو. ھن ڀلمانس سنڌ، پنجاب ۽ ممبئي ۾ گھڻيون سماجي تنظيمون کوليون. ھن جي سماجي خدمتن ۽ سماجي تنظيمن تي ھڪ الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
 انگريزن جي دور ۾ جيڪي سماجي سڌارڪ ٿي گذريا اھي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو نالو سونھري اکرن ۾ لکرائي ويا. حسن علي آفنديءَ سنڌ  مدرسو ٺاھيو، ڏيارام ڄيٺمل ڊي جي ڪاليج ڪراچي برپا ڪرايو. اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جو سنڌ ۾ ڄار سماجي سڌارڪن جي محنت ۽ خلوص سان وڇائجي ويو . ڪن سماجي سڌارڪن عوام جي ڀلائي لاء پارڪ ۽ باغ ھڻايا ۽ ڪن اسپتالون جوڙايون. انهن جو مقصد سنڌي سماج ۾ بھتر تبديلي آڻڻي ھئي ۽ ماڻھن سان ڀلائي ڪرڻي ھئي. اسان جي اڄوڪي دور ۾ اسان جون ڪي  سماجي تنظيمون پنهنجي وسان نہ ٿيون گهٽائن .ڪن اسڪول قائم ڪرڻ شروع ڪيا آھن تہ ڪن وري حادثاتي حالت ۾ ايمبولينس سرورس جو آغاز ڪيو آھي. مطلب تہ اڄوڪي سماجي سڌارڪ جو شعور بہ ساڳوئي صدين واري يا ماضي واري سماجي سڌارڪ جي شعور جھڙو آھي. مٽي ساڳي آھي ۽ مٽي جي خوشبو ساڳي آھي. پر جنهن ڳالھ جي ڪمي نظر اچي ٿي تہ اھا هئ آھي تہ اڄ جي دور جون تنظيمون نہ پنهنجي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون ۽ نہ وري سماجي سڌارڪن جا ڪوائف ۽ ڪارناما گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائن ٿيون. اسان سنڌي ماضي پرست تہ آھيون پر تاريخ دوست نہ آھيون. اسان اھو وساري ويھون ٿا تہ جيڪڏھن اسان پنهنجي محبتن ۽ خدمتن، تجربن ۽ مشاھدن جو رڪارڊ محفوظ ڪري نئين نسل ڏانهن منتقل ڪنداسين تہ ان منجهان گھڻا ماڻھون گھڻو لاڀ پرائي سگهن ٿا.
گل حيات انسٽيٽيوٽ کان جيترو پڳو آھي اوترو اسان نہ رڳو ڪم ڪيو آھي پر ڪيترن سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن جي زندگي جا احوال گڏ ڪري اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيا آھن. سماجي تنظيمن ۽   سماجي سڌارڪن کي پنهنجي تاريخ پاڻ مرتب ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن سنڌ جي سياسي تاريخ لکي سگهجي ٿي ۽ سنڌ جي ادبي  تاريخ لکي سگهجي ٿي تہ پوءِ سماجي تاريخ لکڻ ۾ اسان سستي جو مظاھرو ڇو ڪيون؟

Good Wishes