ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”گل حيات ۾ گڏ ٿيل انگريز دور جي گورنرن جون تقريرون“
گل حيات انسٽيٽيوٽ جن انوکن ۽ عجيب مگر اھم موضوعن تي مواد گڏ ڪيو آھي انهن ۾ “ تقريرون“ بہ اچي وڃن ٿيون. اھي تقريرون مختلف سياسي پارٽين جي جلسن ۾ بہ ڪيون ويون تہ وقت جي حڪمرانن بہ سنڌ جي دوري ڪرڻ وقت ڪيون.
سياسي تقريرن منجهان ڪيتريون تقريرون بابا سائين پنهنجي ڪتاب“ سنڌ جي سياسي چرپر“ ۾ ڇپرايون ۽ اھي گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ رکيل آھن. اھڙي ريت 1896 کان وٺي 1920 تائين سنڌ ۾ “ساليانيون صوبائي ڪانفرنسون“ ٿيون ۽ انهن ڪانفرنسن جي صدارت ڪندڙن جيڪي تقريرون ڪيون اھي بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. انهن ڪانفرنسن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ جمشيد مهتا جيڪي تقريرون ڪيون انهن مان ھڪ ھڪ تقرير لڳ ڀڳ 100 صفحن جون آھن. اھي ڪتابي صورت ۾ ڇپيون ھيون ۽ ان ڪري اسان وٽ انهن جي ھارڊ ڪاپي بہ موجود آھي تہ گل حيات جي ويب سائيٽ تي انهن جي سافٽ ڪاپي بہ موجود آھي.
اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي جيڪي تقريرون رکيون آھن اھي ٿوريون ۽ نموني خاطر رکيون آھن. جڏھن تہ انهن جو تعداد گھڻو آھي ۽ گل حيات ۾ ان جون چڱو خاصو تعداد موجود آھي. ويب سائيٽ تي رکيل تقريرن کي اسان فقط انگريزن جي دور تائين محدود نہ ڪيو آھي، پر جيئن جيئن موقعو ملندو ٿو وڃي اسان تيئن تيئن ان ۾ موجوده دور جي سياستدانن ۽ عالمن اديبن جون بہ تقريرون رکندا ويندا آھيون. مثال طور شھيد بينظير ڀٽو جون ڪيتريون ئي تقريرون اوھان کي اسان جي ويب سائيٽ تي نظر اينديون. اھڙي ريت سنڌ اسيمبلي قائم ٿي تہ ان جي اجلاسن ۾ مشھور سياستدانن چونڊيل نمائندن جي حيثيت ۾ تمام اھم ۽ تاريخي تقريرون ڪيون. انهن جو گھڻو حصو ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھي. پر 1943 ۾ پاڪستان جي پٺڀرائئ ڪرڻ واري اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد جيڪا تقرير ڪئي ھئي اھا اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
سياستدانن ۽ حڪمرانن جون تقريرون نہ فقط وقت ۽ حالتن جو عڪس پيش ڪنديون آھن، پر دور جي سنگين مسئلن جي نشاندھي بہ ڪنديون آھن ۽ انهن جي حل جا دڳ پيچرا بہ ٻڌائينديون آھن. 1843 ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. ڀريا چار سال نيپيئر فوجي صوبائي گورنر ٿي رھيو. ان جي وئي کان پوء سنڌ کي ممبئي پرڳڻي سان ملايو ويو ۽ ھتي ڪمشنر مقرر ڪيا ويا. 1936 ۾ جڏھن سنڌ صوبائي حيثيت ورتي تہ انگريز گورنر مقرر ڪيا ويا. 1847 کان 1947 تائين سنڌ ۾ ھندستان جا وائسراء بہ آيا، ممبئي پرڳڻي جا گورنر بہ آيا، پرنس آف ويلس بہ دوري تي آيو، چئلمسفورڊ جي اڳواڻي ۾ ۽ پوء سائمن جي اڳواڻي ۾ آئيني سڌارن بابت ماڻھن کان راء وٺڻ لاء ڪاميٽيون بہ آيون. ان کان گھڻو اڳ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي تحرڪ سان “ لاپو ۽ رسائي ڪميشن“ بہ سنڌ ۾ آئي. انهن سمورن سنڌ ۾ مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ دوري وقت تقريرون ڪيون.
ھي پنهنجي جڳھ تي ھڪ اھم موضوع آھي تہ ڪھڙا وائسراء، ڪھڙا گورنر ۽ ڪھڙا وفد سنڌ ۾ آيا. منهنجي والد صاحب انهي حوالي سان ھڪ لسٽ بہ ٺاھي ورتي آھي ۽ انهن جون ڪيتريون تقريرون پڻ گڏ ڪيون آھن . جنهن کي “ سنڌ جي گورنرن جون تقريرون“ جي عنوان سان فائيلن ۾ محفوظ ڪيو آھي. اسان ڪوشش ڪنداسين تہ انهن تقريرن کي پڻ ڪا صورت ڏئي ڪمپوز ڪرائي ويب سائيٽ رکون. اھي تقريرون تعداد ۾ چڱيون خاصيون آھن انهن منجهان خاص طور تي گورنرن جيڪي“ درٻاريون“ سڏائي تقريرون ڪيون اھي، وڏي اھميت رکن ٿيون.
درٻار اڪثر ڪري چئن پنجن ضلعن جي مکيه ماڻھن کي گھرائي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ سڏائي ويندي ھئي ۽ ان ۾ ماڻھن کي سندون بيج ۽ ٽائيٽل ۽ آفرين ناما بہ ڏنا ويندا ھئا. مثال طور 6 نومبر 1928 تي ممبئي جي گورنر حيدرآباد ۾ درٻار لڳائي جنهن ۾ حيدرآباد،ڪراچي ٿرپارڪر ۽ نواب شاھ ضلعن جا امير گھرايا ويا ھئا. ھن درٻار ۾ ڪيترن ئي ماڻھن کي خانبھادر ۽ خان صاحب جا خطاب ڏنا ويا ۽ ڪيترن کي آفرين ناما ڏنا ويا. مثال طور ڄام جان محمد ولد ڄام محمد شريف، مير يار محمد، حاجي گل محمد کيڙو، ڄام ڪانڀو خان، حاجي گل محمد رند، حاجي خير بخش لغاري کي “ خان بھادر“ جو خطاب ڏنو ويو جڏھن تہ صالح شاھ دوست محمد ۽ حاجي سھراب خان مري کي “ خانصاحب“ جو لقب ڏنو ويو. انهن چئني ضلعن منجهان تمام گھڻي تعداد کي آفرين ناما ۽ سندون ڏنيون ويون. ان وقت تي گورنر سنڌ جي انهن چئني ضلعن جي اپر ڪلاس جي غير مشروط وفاداري تي اطمينان ڏيکاريو ۽ پنهنجئ تقرير ۾ انهن کي يقين ڏياريو ھيو تہ سائمن ڪميشن جي سفارش جي روشني ۾ سنڌ کي بہ مناسب آئيني سڌارا ملندا . ھن پنهنجي حڪومت جي ڪارنامن جو ذڪر ڪندي پنهنجي حڪومت جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻڌايو تہ گذريل سال سنڌ ۾ ٻوڏين جيڪا تباھي آندي ان لاء حڪومت پنجھتر ھزار روپين تي مشتمل “ ٻوڏ ساھتا فنڊ “ قائم ڪيو ھيو. ھن پنهنجي تقرير ۾ سکر بئراج جي تعمير جو بہ ذڪر ڪيو ۽ درٻارين کي ٻڌايو تہ سرڪار ان بئراج جي پراجيڪٽ تي سنجيدگي سان ڪم ڪري رھي آھي.
اھي انگريز گورنر ظاھر آھي تہ انگريزي ۾ تقريرون ڪندا ھئا ۽ انهن جي تقريرن جي پڄاڻي کان پوء ڪو ڏيھي عملدار انهي تقرير جو سنڌي ۾ تت ٻڌائيندو ھيو ۽ اھو نھايت اطمينان ۽ وفاداري جي جذبن سان درٻاري ٻڌندا ھئا.
اھي تقريرن جڏھن موقعي ۽ ماحول کي نظر ۾ رکي پڙھجن ٿيون تہ انهي دور جي سنڌ اکين اڳيان اڀري اچي ٿي. انهن تقريرن جي اھميت آھي ۽ اھي اسان جي سياسي، سماجي ۽ قومي نفسيات کي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. مون کي خوشي انهي ڳالھ جي آھي تہ اسان نت نون ۽ اھم موضوعن کي مانوس بہ ڪرايو آھي ۽ اھو بہ ٻڌايو آھي تہ انهي موضوع تي گل حيات ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو مواد موجود آھي