ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”بزم ادب، ڪراچي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
منهنجي والد صاحب ڪراچي جي ادبي تاريخ تي پي ايڇ. ڊي ڪئي جنهن ۾ ھن ادبي تنظيمن جو احوال ڏيندي “سنڌي بزم ادب“ جو بہ ذڪر ڪيو آھي. پر جيئن تہ بابا سائين کي 1947 تائين ادبي تاريخ جو احوال ڏيڻو ھيو ان ڪري ان کان پوءِ پراڻين ادبي تنظيمن جي ڪارڪردگي بابت مواد تہ ميڙي چونڊي رکيائين، پر اھو ٿيسز ۾ ڏيڻ ناممڪن ھيس. ڇو تہ تحقيقي مقالن جون پنهنجون فني ۽ تحقيقي تقاضائون ٿين ٿيون ۽ تحقيق ڪندڙ کي اھي ٽوڙي پنهنجي ڳالھ نہ ڪرڻي پوندي آھي. ان ڪري گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪوشش ڪئي تہ انهن تنظيمن جو 1947 کان پوءِ بابت جيڪو مواد ملي سگهي ان کي گڏ ڪري محفوظ ڪري رکي تہ تاريخ جو تسلسل نہ ٽٽي ۽ ڪا ڳاله اڌوري يا اڻپوري نہ رهجي وڃي. ان ڪري مان ڪوشش ڪري ھن بزم جو اھو احوال ڏيندس جيڪو 1947 کان پوءِ جو ھوندو ، ڇو تہ ان دور بابت گل حيات ۾ بزم جي معلومات پئي آھي .پر ان کان اڳ ٿورو پس منظر ضرور دوستن سان شيئر ڪندس. ھي بزم مشھور شاعر غلام احمد نظاميءَ 1923۾ قائم ڪئي. غلام احمد نظامي پنهنجي دور جو ھڪ فعال شاعر ھيو. ھن “بزم نظامي“ بہ قائم ڪئي هئي ۽ “بزم ادب“ بہ قائم ڪئي سندس انهي “بزم ادب“ اڳتي ھلي “ سنڌي ادب بزم“ جو روپ ورتو . انهي بزم جو مرڪز ڪراچئ جي اخوان ھال شڪارپوري محلي ۾ ھوندو ھيو ۽ اھا بزم دراصل “بزم جميعت الاخوان شڪارپوري“ جي ماتحت ھوندي ھئي. ھئ بزم ان ڪري قائم ڪئي وئي ھئي تہ1. سنڌي ماڻھن ۾ علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪيو وڃي،2. تعليم جي رغبت پيدا ڪئي وڃي، 3. نوجوانن ۾ تقرير ۽ تحرير جو شوق پيدا ڪيو وڃي ، 4. شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ھن بزم 1946 کان وٺي ويندي 1957 تائين جيڪي علمي ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏنيون ، اھو سمورو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي.
انهي عرصي دوران ڪيترائي اديب ۽ شاعر ھن بزم جي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رھيا. انهن جو تعداد تہ تمام گھڻو آھي پر ڪي خاص نالا ڏيڻ ضروري ڄاڻان ٿو. جيڪي آھن: غلام احمد نظامي، اوستو محمد جمن ھالو، اللہ بخش عقيلي، علي محمد خالدي، عبدالحق ميمڻ، محمد احاق آخوند، حبيب اللہ فڪري، احمد حسين تيجاڻي، محمد حسين شيرو، اوستو حاجي، اسحاق “مجنون“، امير بخش قريشي امير، غياث الدين “سلام“، عبد الحليم “ جوش“، محمد حسن “ساز“، علي محمد “اسير“، عبدالرئوف موساڻي، سارنگ لطيف، اياز قادري، علي محمد مجروح، عبدالرحيم غمگين، ۽ محمد حسين آتش وغيره،
ھن بزم ڪيترا مشاعرا بہ ڪرايا ۽ جن طرحن تي اھي مشاعرا ڪرايا ويا انهن مان ڪي آھن:
1. “ دل خدا جو آھي گھر ھرگز نہ دل آزارجي.“
2. “ سينگار ڪري يار مٺڙو محب ٿو ماري“
3. “ پنهنجي تدبر سان تقدير بنائڻ گھرجي“
ھن بزم طرفان جيڪي طرحي يا غير طرحي مشاعرا ٿيندا ھئا انهن جي صدارت اڪثر ڪري ٻاھران آيل مھمانن کان بہ ڪرائي ويندي ھئي . انهن منجهان ڪن جا نالا آھن: ساقي سجاولي، عطامحمد حامي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل ۽ انجم ھالائي وغيره. اھي مشاعرا سنڌي ۾ بہ ٿيندا ھئا تہ اردو ۾ بہ ٿيندا ھئا.
18 مارچ 1956 تي ھن بزم سنڌي ٻولي جي حوالي سان ھڪ ٺھراءُ پاس ڪيو جنهن جا لفظ آھن:“ ھي بزم حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿي ڪري تہ سنڌي زبان کي سرڪاري زبان تسليم ڪري اھو درجو ڏنو وڃي جو اردو ۽ بنگالي زبان کي ڏنو ويو آھي“
ھن بزم جي ھر ڪنهن گڏجاڻي ۾ قرآن شريف جي تلاوت کان پوءِ ڪو شاعر پنهنجي نعت پيش ڪندو ھو. ان کان پوءِ گڏجاڻي جو صدر آجياڻي جي تقرير پيش ڪندو ھو. تنهن کان پوءِ ڪنهن نہ ڪنهن موضوع تي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ مقالو پيش ڪيو ويندو ھيو. ڪڏھن ڪڏھن ڪو خاڪو بہ پيش ڪبو ھيو ۽ آخر ۾ طرحي يا غير طرحي مشاعرو منعقد ڪيو ويندو ھيو. ڪن ڪاروائين پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ گڏجاڻين ۾ آکاڻيون ۽ افسانا بہ پيش ڪيا ويندا ھئا، ٻارن جي ٻاري جي سري ھيٺ ٻاراڻو ادب بہ پيش ڪيو ويندو ھيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن راڳ روپ بہ ڪرايو ويندو ھيو.
گل حيات انسٽيٽيوٽ جي اھا ڪوشش رھي آھي تہ تاريخ جي مسنگ لنڪس- وچ تي ڇڏيل حقيقتون ميڙي چونڊي رکجن تہ جيئن ڪنهن شخصيت،اداري يا واقعي بابت محقق کي گھڻي کان گھڻي معلومات ملي وڃي. ھن بزم تي بابا سائين 1947 تائين لکيو پر اھا بزم لڳ ڀڳ 1957 تائين سرگرم عمل رھي ان ڪري پوئين ڏھن سالن جي مواد کي بہ ھٿ ڪري بزم بابت 1923 کان وٺي 1957 تائين سموري ڪھاڻي ۽ ڪارڪردگي بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪيو ويو آھي. اھو محققن لاءَ ھڪ سبق پڻ آھي تہ ھو ڊگري وٺڻ لاءِ ڪنهن مخصوص دور بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪري مقالو لکي چپ ڪري نہ ويھن ليڪن موضوع ۽ عنوان تي ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ بہ مواد ۽ معلومات گڏ ڪري تاريخي تحقيق جي تقاضا پوري ڪندا اچن