ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”سنڌ ھاري پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

   سکر بئراج جي تعمير شروع ٿي تہ سنڌ جي اپر ڪلاس کي اھا سوچ آئي تہ ھاڻي زمينون ٻين جي ھٿن ۾ وڃڻ نہ گهرجن، ان ڪري ھارين سان گڏجي پنهنجي حقن، ھارين جي حقن ۽ زمينن کي بچائڻ لاء ڪا تحريڪ ھلائڻ گهرجي .ان ڪري انهن 1930 ۾ “سنڌ ھاري پارٽي“ ٺاھي  جنهن جو صدر پرنسپال گوڪلي کي ڪيو ويو. جڏھن تہ جي. ايم سيد ،شيخ عبدالمجيد سنڌي. ڄيٺمل پرسرام انهي جا سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا. 1930 ۾ ھي پارٽي مير پور خاص ۾ سڏايل ھڪ ڪانفرنس ۾ جوڙي وئي ھئي ۽ انهي ڪانفرنس جي صدارت جمشيد مھتا ڪئي ھئي.
     انگريز جڏھن سنڌ ۾ آيا تہ ستت پوء واپاري ۽ تجارتي ڪميونٽيون سنڌ ۾ آيون جن ننڍن ڪارخانن کان وٺي وڏن ڪارخانن تائين گھڻو ڪجه ٺاھيو ۽ انهي پس منظر ۽ اثر ھيٺ ڪراچي ان کان پوء حيدر، شڪارپور ۽  سکر ۾ مزدور طبقو پيدا ٿيو،جن پنهنجون تنظيمون بہ ٺاھيون ھيون ۽ انهن پنهنجي حيثيت بہ مڃرائي ورتي ھئي. ان جو مطلب اھو ٿيو تہ سنڌ ۾ “مزدور تحريڪ“ جي شروعات اڳ ۾ ٿي ۽ “ھاري تحريڪ“ جي شروعات گھڻو پوء ٿي. سنڌ ۾ ھارين جي منظم نہ ٿيڻ جو اھم ڪارڻ اھو ھيو تہ ھارين جي وڏي اڪثريت وٽ پنهنجي زمين ڪانہ ھئي ۽ اھي وڏيرن ۽ جاگيردارن جون ٻنيون ڪندا ھئا ۽ اڄ بہ ڪن ٿا. ان ڪري انهن وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن  سان اختلاف ڪرڻ جي سگه ساري نہ سگهندا ھئا.
    1930 ۾ اسان جي اپر ڪلاس “ھاري پارٽي ٺاھي“، پر ھي اھو دور ھيو جڏھن سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ ڪرڻ لاء وڏي زور شور سان تحريڪ ھلي رھي ھئي. ان ڪري ھاري تحريڪ ۽ ھاري پارٽيءَ کي سنڌ جي ممبئ کان الڳ ٿيڻ تائين سياستدانن طرفان ڪو خاص توجه نہ ملي سگهيو   سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي تہ وڏين پارٽين پنهنجي اندروني تنظيم سازي طرف توجه ڏنو ۽ ڪانگريس پارٽيءَ بہ ھڪ “ھاري ڪميٽي “ ٺاھي تہ جيئن ھارين کي منظم ڪري سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف ڪو ماحول جوڙي سگهجي. ڇو تہ سنڌ جي اپر ڪلاس ئي سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ ھلائي ھئي ۽ آدم شماري جي حساب سان اڪثريت ۾ ھجڻ جي ڪري سنڌ جا وڏيرا ۽ پير ئي سنڌ ۾ اقتدار ۾ اچي ڪري اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي چڪا ھئا. ڪانگريس طرفان ٺاھيل ھاري ڪميٽي ايترو مقبول نہ ٿي ڇو تہ سنڌ جو ھاري ڪانگريس جي چوڻ سان پنهنجي وڏيرن ۽ پيرن جي خلاف ٿي نہ پيو سگهي ۽ ڪانگريس وٽ وري ھارين جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪرڻ لاء ايترو وقت ڪونہ ھيو ڇو تہ انهي پارٽيءَ انگريزن خلاف “عدم تعاون“ ۽ “ ھندستان ڇڏيو“ جون تحريڪون ھلايون.
   سنڌ ھاري ڪميٽي کي ڪيترائي بي لوث اڳواڻ مليا جن منجهان ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري، حيدر بخش جتوئي، مولوي عزيز اللہ جروار، مولوي عبداللہ لغاري، عبدالقادر کوکر، غلام حسين سومرو، علي احمد قريشي، فقير محمد مڱريو،قاضي فيض محمد، رئيس بروھي، مولوي نذير حسين، مولوي معاذ.،سيد شاھنواز شاھ.، قادر بخش نظاماڻي.، محمد خان لاکو، محمد امين کوسو، الاھي بخش قريشي ۽ ارباب نور محمد پليجي جھڙا  نالا ذڪر لائق آھن. 
ھاري ڪميٽيءَ کي چونڊون کٽي اسيمبليء َ ۾ اچڻ جو موقعو نہ مليو پر ان ھوندي بہ سنڌ سرڪار کي ڀرپور دٻاءُ ۾ رکيو  ۽ ھارين جي حقن بابت جاکوڙ ڪندي رھي. ھاري ڪميٽي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت 1943 ۾ “ سنڌ ليجسليشن ڪميٽي“ ٺاھي ۽ مارچ 1947 ۾ وري “ ھاري جاچ ڪميٽي“ ٺاھي پر ستت پوء پاڪستان قائم ٿيو ۽ اھي سرڪاري ڪوششون جھڙوڪ بي اثر ٿي ويون.
حيدر بخش جتوئي ھن پارٽي ۾ وڏي جان وڌي ۽ سندس قيادت ھڪ سرگرم ۽ فعال پارٽيءَ کي سنڌ جي سياسي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ھاري پارٽي سان لاڳاپيل کوڙ سارا ڊاڪيومينٽس موجود آھن جن منجهان اسان ڪيترا پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا آھن. حيدر بخش جتوئي ھاري پارٽي جي حوالي سان نہ رڳو اخبار ڪڍي پر ڪيترا پمفليٽ لکيا ۽ ڪتاب تخليق ڪيا. سندس اھو قلمي پورھيو گل حيات ۾ موجود آھي. سنڌ ھاري پارٽيءَ جيڪي بہ گڏجاڻيون يا ڪانفرنسون ڪيون انهن بابت اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيل مواد اسان وٽ موجود آھي. مارچ 1947 ۾ جيڪا سر راجرس ٽامس جي چيئرمني ۾ “ھاري جاچ ڪميٽيٖ“ ٺاھي وئي ھئي اھا پڻ اسان وٽ موجود آھي. مرحوم ديدار سولنگي ھاري ڪميٽي تي ايم فل لاء تحقيق ڪئي ۽ ھن مرحوم ڪيترا ڏينھن گل حيات ۾ ويھي اسان جي گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات مان ڀرپور استفادو ڪيو ۽ ھن اھڙو ذڪر پنهنجي ايم فل واري مقالي ۾ پڻ ڪيو آھي جيڪو ھاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آھي. 
سنڌ ھاري پارٽي جيڪو نظرياتي ۽ سياسي پورھيو ڪيو آھي ان جي تقاضا ھي آھي تہ انهي پارٽي تي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ وڌيڪ ڪتاب ڇپجڻ گھرجن. اسان وٽ ھن پارٽي بابت جيڪو مواد موجود آھي اھو ڪنهن وقت وڃائڻ کان سواء ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

Good Wishes