ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
ھر دور ۽ ان جي حالتن جي تقاضا ٿيندي آھي تہ ڪي تنظيمون جڙن ، ڪي تحريڪون ھلن ۽ ڪي واقعا جنم وٺن. جڏھن اھو دور ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻھون وڃي مقام ۽ قبرستان وسائن ٿا تہ پوء نہ ٿيون رھن اھي تنظيمون ۽ تحريڪون ۽ نہ وري ڪو انهن کي ياد ڪرڻ لاء تيار آھي. پر ماضي جا افراد، ادارا ۽ واقعا تجربن ۽ مشاھدن جو اھم ورثو ڇڏي ويندا آھن جن منجهان سياڻا ماڻھون سبق پرائيندا آھن.
انگريزن جي دور ۾ جيڪي تمام اھم ادبي تنظيمون جڙيون ۽ جن سالن جا سال سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ علم ادب جي مثالي خدمت ڪئي “ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ پڻ انهن مان ھڪ آھي. ھئ سوسائٽي 1933 ۾ جوڙي وئي. شروع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ۽ 1936 کان پوء گورنر انهي سوسائٽي جو سرپرست ھوندو ھيو. باقي عھديدار وقت بوقت مٽبا رھيا ۽ ان جي ميمبرن ۾ پڻ اضافو ٿيندو ويو.
ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي فعال رکڻ ۾ بليموريا، چيتن ماڙي والا ۽ اي بي آڏواڻيءَ اھم ڪردار ادا ڪيو. بليموريا شروع ۾ ھن سوسائٽي جو خزانچي ۽ سيڪريٽري رھيو ۽ آخري دور ۾ وري ان جو صدر پڻ ٿيو. عجيب اتفاق آھي تہ ھن لڳ ڀڳ ڏھ سال سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ ٻين اھڙين سوسائٽين ۾ مثالي ڪم ڪيو . ھو وڏو ڄاڻو، آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان ھيو پر ھن جي سوانح بابت ڪا تفصيلي ڄاڻ نٿي ملي . ھو پارسي خاندان مان ھيو ۽ ڪراچي جي مارسٽن روڊ تي رھندو ھيو. باقي ھن جا وڌيڪ تفصيل في الحال ڪون ٿا ملن.
“سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ميمبرن منجهان ڪي نالا آھن: جي ايم سيد، ميران محمد شاھ، ايڇ ٽي ليمبرڪ، مير بند علي خان، فخر جي ڪائونس جي، اي ايل پرائيس، سي اي انڪل سريا، خان بھادر محمد صديق ميمڻ، سر مانٽيگو ويب، ڊي آر مانڪنڊ. سھراب ڪيٽرڪ، اين آر واڊيا، غلام رسول ڪيھر، حيدر بخش جتوئي، حاتم علوي، بولچند راڄپال، ڀيرومل آڏواڻي، ھاسانند مامتورا، لعل چند جڳتياڻي، سوڀراج نرملداس، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر داؤد پوٽو وغيره.
ھن سوسائٽئ طرفان مھيني ۾ ھڪ دفعو ادبي ۽ تحقيقي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جن ۾ ميمبر پنهنجا تحقيقي مقالا پڙھندا ھئا ۽ اھي پوء سوسائٽي جي ٽہ ماھي رسالي “ دي جنرل آف سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ۾ ڇپبا ھيا. انهن منجهان ڪيترا مضمون اسان فوٽو اسٽيٽ ڪرائي گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ رکيا آھن. البته، 1934 کان وٺي آخر تائين پڙھيل ۽ شايع ٿيل تحقيقي مقالن جي انڊيڪس پڻ اسان جوڙي ورتي آھي جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي ۽ ان کي جلد پنهنجي ويب سائيٽ تي پڻ رکيو ويندو. بليموريا، اي بي آڏواڻي.بي ڊي ميرچنداڻي، ماڻڪ پٿا والا، چيتن ماڙي والا ۽ ايڇ ٽي ليمبرڪ ڪيترائي مقالا لکيا جيڪي انهي رسالي ۾ شايع ٿيا.
“سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جو اصلي رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي جنهن کي جيئن جو تيئن ويب سائيٽ تي رکيو ويندو. “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ پنهنجي ميمبرن کان تہ تحقيقي مقالا لکرايا، پر اھا وقت بوقت تحقيقي مقالا نويسي جي چٽا ڀيٽي بہ ڪرائيندي ھئي ۽ محقق ليکڪن کي انعام ڏيندي ھئي. ھن سوسائٽيءَ وڏي کان وڏو اھم ڪم ھي ڪيو ھيو جو 1936 ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کي جواز بڻائي ھندستان جي آرڪالاجيڪل ڊپارٽمينٽ سان وڏي زوردار لک پڙھ ڪئي ھئي تہ “موھين جي دڙي“ مان لڌل نادر شيون جيڪي پنجاب ۽ دھلي جي عجائب گھرن ۾ پيون آھن اھي واپس ڪيون وڃن. ھسٽاريڪل سوسائٽي انهي تحريڪ ۾ ڪاميابي تہ ڪانہ ماڻي پر پنهنجي سنڌ دوستيءَ جون شاھديون ثابتيون ضرور ڇڏي وئي آھي. نادرات جي واپسي بابت ھسٽاريڪل سوسائٽي جيڪا لک پڙھ ھلائي اھا بہ اصلي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.
- or
Mumtaz Pathan
This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.">This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.