“ گڏيل ھندستان ۾ انگريزن خلاف جيڪا سالن جا سال مزاحمتي ۽ گوريلا جنگ ھلي اھا “حر تحريڪ“ ئي آھي. ھن تحريڪ جي تاريخ جي مختلف زاوين تي ڪيتريون پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون . پر انهي تاريخي تحقيق نہ ٿيڻ جا ڪيترا ڪارڻ آھن. ان لاء ڪنهن کي ميار ڏئي نٿي سگهجي. پر ھي ڳالھ بہ نظرانداز نٿي ڪري سگهجي تہ ھر ڪو ماڻھو پنهنجي نظر سان تاريخ کي لکڻ چاھي ٿو،پڙھڻ چاھي ٿو ۽ سمجهڻ چاھي ٿو. ان ڪري جڏھن غير جانبدار تاريخ نويس ڪم ڪرڻ چاھن ٿا تہ انهن کي گھربل سھڪار ۽ مواد نٿو ملي ۽ ٻئي طرف وري انهن جي لکيل تاريخ ڪو پڙھڻ لاء تيار ڪونهي. انهي ڏکوئيندڙ صورت حال جو مشاھدو اسان پاڻ ڪندا رھون ٿا. مون “برٽش پيرڊ“ جي حوالي سان گل حيات ۾ گڏ ٿيل ايتري تہ اڻ لڀ مواد جي نشاندھي ڪئي آھي جو جيڪڏھن اسان جي ادارن ۾ افعال ھجي ھا ۽ تاريخي تحقيق تي ڪم ڪرڻ جو سازگار ماحول ھجي ھا تہ اسان کي مٿي کنهڻ جو وقت نہ ملي ھا ۽ اسان کي مواد يا معلومات پھچائڻ ۾ گھڻو ٽائيم ڏيڻو پوي ھا. جيڪا قوم سندرا ٻڌي يار دوست ميڙي امتحاني سينٽرن تي ڪاپي ڪرائڻ لاء جهڙوڪ ڪاھون ڪري ٿي ۽ پنهنجي اولاد کي پڙھڻ بدران ڪوڙيون ڊگريون وٺي ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي، انهي کي يا انهي جي اولاد کي سنجيدگي سان ماضي جي مطالعي ڪرڻ جو ڇو فڪر ٿيندو؟ پر اسان کي فڪر آھي اسان پنهنجي ماضي بابت مواد ۽ معلومات جي نہ فقط ميڙي چونڊي ڪندا رھنداسين پر ماروئڙن کي اھو بہ ٻڌائيندا رھنداسين تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ڇا پيو ڪري ۽ ڇو پيو ڪري.
ممتاز پٺاڻ
“ حرن خلاف مارشلا ۽ ان بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد”
اڄ مون حر تحريڪ جي حوالي سان ھڪ اھم موضوع کي ھٿ ۾ کنيو آھي . سنڌ ۾ لڳ ڀڳ سڄو سال مارشلا لڳي .مئي 1942 ۾ وقت جي سرڪار “ حر سپريشن ايڪٽ“ پاس ڪرايو ۽ جون 1942 کان وٺي مئي 1943 تائين سنڌ جي وڏي حصي تي مارشلا لڳائي وئي. ان لاء سرڪار اھو جواز پيش ڪيو تہ اھا مارشلا حرن جي خلاف لڳائي پئي وڃي . ليڪن اھا سنڌ خلاف مارشلا ھئي ۽ سڪن سان گڏ ساوا پڻ ساڙيا ويا . مارشلا دوران جتي مارشلا لڳائي وئي انهي ايراضي کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو اترئين حصي ۾ سکر ۽ خيرپور کي شامل ڪيو ويو ۽ ڏکڻي حصي ۾ وري نواب شاھ. حيدرآباد جا ڪجه حصا ۽ ٿرپارڪر ضلعي کي شامل ڪيو ويو. اڳتي ھلي مارشلا کي سنڌو ندي جي اولاھين حصي ۾ ڪشمور کان ڪوٽڙي تائين واري ايراضي پڻ شامل ڪئي وئي. گھڻن ماڻھن کي خبر نہ ھوندي تہ مارشلا دوران ايف . ينگ کي ليزان آفيسر مقرر ڪيو ويو ھو جيڪو اصل ۾ برطانيه ۾ وڏو ڌاڙيل ھيو ۽ کيس سزا طور سنڌ ۾ موڪليو ويو هو. ايڇ ٽي ليمبرڪ ھن مارشلا جي زماني ۾ مارشلا ايڊمنسٽيٽر طور حرن سان قھري ڪيس ڪيا. ھن مارشلا جي زماني ۾ ئي مکي ڍنڍ تي بمباري ڪئي وئي ۽ پير ڳوٺ جي پاڳارن وارو قلعو مسمار ڪيو ويو .مارشلا جي ھن زماني ۾ انگريزن ھوائي توڙي بحري فوج جو وڏي تعداد ۾ استعمال ڪيو . ھي مارشلا ھڪ مڪمل جنگ ھئي جيڪا حرن ۽ سنڌ مٿان مڙھي وئي.
گل حيات انسٽيٽيوٽ انهي مارشلا واري زماني جي ڪرانالاجي ٺاھي آھي جنهن ۾ ڏينھن ڏينهن جي واقعن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. مارشلا جي موضوع تي کوڙ مواد موجود آھي. ان جا تفصيل ھن ريت آھن:
1. وقت جي گورنر طرفان مارشلا، حرن ۽ سورھيه بادشاھ بابت ھندستان جي وائسراء کي موڪليل رپورٽون ( جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن)
2. انهي دور جي اخبارن ۾ مارشلا جي ڪاروائين ۽ عوام سان ٿيل زيادتين جا تفصيل. ( اهڙو ڪجه مواد گل حيات ۾ موجود آھي.)
3. سنڌ اسيمبلي ۾ مارشلا لاڳو ڪرڻ بابت سوال جواب ۽ وقت بوقت پاس ڪيل حرن بابت ايڪٽ. ( اھو مواد گل حيات ۾ موجود آھي)
4. مارشلا اختياري وارن طرفان ۽ ھندستان جي فوج طرفان جاري ڪيل مخفي ھدايت ناما ( انهن مان ڪجه اسان جي ويب سائيٽ تي“ پاڳارا ڪارنر“ ۾ رکيا آھن)
5. حر تحريڪ ۽ مارشلا تي ڪن رٽائرڊ فوجين.جن ھن مارشلا ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ،انهن جيڪو ڪجه لکيو آھي اھو رسالن ۾ شايع ٿيو ھيو اھو مواد پڻ اسان گڏ ڪيو آھي.
مارشلا جي زماني ۾ ڪيتريون ملٽري ڪورٽس ٺاھيون ويون. حرن ۽ ٻين ماڻھن کي پڪڙي سزائون ڏنيون ويون ۽ سنڌ جي مختلف ھنڌن تي حر ڪئمپون ٺاھيون ويون. ان زماني ۾ 482 حرن کي مختلف سزائون ڏنيون ويون جن منجهان 107 حرن کي ڦاسي جي سزا ڏني وئي. فوجي اختياري وارا ڦٽڪن جون سزائون بہ ڏيندا ھئا. انهن فوجي ڪورٽن 1883 ماڻھن کي سخت پورھئي جي سزا ۽ 530 ماڻھن کي ڦٽڪن جون سزائون ڏنيون. فوجي آپريشن دوران مارشلا جي زماني ۾ 89 ماڻھن کي شھيد ڪيو ويو. مارشلا واري ايراضي جي وڏي حصي ۾ رات جي وقت تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويندو ھيو . ايڇ ٽي ليمبرڪ جيڪو سنڌ ۾ مارشلا ايڊمنسٽريٽر ھيو انهي مارشلا بابت ھڪ رپورٽ لکي جيڪا پڻ گل حيات ۾موجود آھي