ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ شھيد اللہ بخش سومري بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.”
اسان انگريزن جي غلامي کان جيڪو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، ان ۾ اڻ ڳڻيل انسانن جون قربانيون ۽ سياسي اڳواڻن جون خدمتون شامل آھن. پر مواد جي ڪميءَ ۽ پسند نا پسند جي روين فقط چند ماڻھن کي امر ۽ آئيڊيل بڻايو آھي. جيڪي بيشڪ ھر وجه کان اسان جي محبتن ۽ عقيدتن جا حقدار آھن، پر ان منجهان اسان کي نظرياتي طور تي ٻہ وڏا نقصان ٿيا آھن: ھڪ نقصان اھو ٿيو آھي جو اسان انڌي تقليد جا عادي بڻجي چڪا آھيون ۽ شخصيت پرستي اسان جي سياسي سوچن ۽ لوچن تي حاوي بڻجي چڪي آھي. پاڻ کي ٻيو نقصان اھو پھتو آھي تہ اسان ڪنهن شاندار عمارت کي ڏسي واه واه تہ ڪيون ٿا پر اسان جي نظر انهي پيڙھ تي نٿي پوي جنهن تي اھا شاندار عمارت پير کپائي بيٺي آھي. سنڌ ۾ ھليل آزادي جي تحريڪ دوران جن مثالي سياسي تدبر سان ڪم ڪيو انهن منجهان شھيد اللہ بخش سومرو بہ ھڪ آھي.
شھيد اللہ بخش سومري تي ھن وقت تائين جيڪو لکيو ويو آھي ان کي اسان مثالي قلمي پورھيو تہ چئي سگهئون ٿا، پر اھو بہ چوندا سين تہ اھو ڪم ٺيٺ تحقيقي بنيادن تي ٿيل ڪونهي ۽ ان ۾ داخليت پسندي ( Subjectivity) جو وڏو اثر نظر اچي ٿو. گل حيات انسٽيٽيوٽ اھي ڳالھيون ڳڻيندي انگريزن جي دور جي ھر وڏي سياسي مدبر بابت مواد گڏ ڪيو آھي جن ۾ شھيد اللہ بخش سومري جو نالو بہ اچي وڃي ٿو.
شھيد اللہ بخش سومري تمام وڏن سياستدانن جي موجودگي ۾ سنڌ جي سياست ۾ ڌاڪو ڄمايو ۽ ڪيترو وقت اقتدار ۾ رھيو. ھن جي اھڙي ۽ اھا سياسي حيثيت اڳ ۾ ڪانہ ھئي، ان ڪري پروفيشنل جيلسي هن کي ڏسڻي پئي.ھن کان اڳ سرشاھنواز ڀٽو،حاجي عبداللہ ھارون، سائين جي ايم سيد.،سر غلام حسين ھدايت اللہ ۽ خان بھادر محمد ايوب کھڙو سياست ۾ پاڻ مڃرائي چڪا ھئا. انهن جي موجودگي ۾ ھن جو مٿي اڀري اچڻ سندس سياسي بصيرت جي شاھدي ڏئي ٿو. اللہ بخش سومرو سنڌ جي سياستدانن مان پھريون شھيد ھيو ۽ ھن کان پوء سندس اھو رڪارڊ لاڙڪاڻي جي ڀٽن ٽوڙيو ۽ سرشاھنواز ڀٽي جو پٽ، پوٽا ۽ پوٽي ھڪ ٻئي پٺيان شھيد ٿيا.
شھيد اللہ بخش سومرو سياست ۾ وڏو نالو ھيو پر ان کي اکيون ٻوٽي بي بدل سياستدان چئي نٿو سگهجي. ھن سياست ۾ وڏا ڪارناما بہ سر انجام ڏنا ۽ ڪن موقعن تي سياسي ڪمزوريون بہ ڏيکاريون. مثال طور ھو اڃا ممبئي ڪائونسل جو ميمبر ھيو تہ “مسجد منزل گاھ “ واري مامري تي ايتري ھمدردي ڪيائين جو مسلمانن کي مالي ۽ اخلاقي مدد ڏيڻ لاء تيار ٿي ويو. پر جڏھن سندس ئي وڏ- وزارت وارن ڏينهن ۾ ھن جي حڪومت ڊاھڻ لاء ۽ مسلمانن کي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاء “مسجد منزل گاه جي تحريڪ“ ھلي تہ ھن کي انهي ئي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻو پيو .سندس مبهم ۽ غير واضح حڪمت عملين مامري کي طول ڏنو ۽ جنهن وڃي ھندو مسلم فسادن جو روپ ورتو.
شھيد اللہ بخش سومري جو انتھائي بھادري وارو سياسي قدم اھو ھيو تہ ھن وڏو احتجاج ڪندي پنهنجو خطاب انگريز حڪومت کي واپس ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس حڪومت کي ڊسمس ڪيو ويو ھيو. انهي انتھائي قدم کڻڻ پٺيان سندس وطن دوستي ۽ آزادي جي تحريڪ سان محبت کي چئلينج ڪري نٿو سگهجي، پر ھن جڏھن اھو خطاب ڇڏيو تہ ان وقت ڪانگريس طرفان “ ھندستان ڇڏيو“ جي تحريڪ ھلي رھي ھئي. ان ڪري خان بھادر اللہ سومري جو اھو قدم ڪانگريس جي تحريڪ جي تائيد ۽ پٺ ڀرائپ سمجهو وڃي ٿو.
شھيد اللہ بخش سومري جي شخصيت ۽ سياست کي وڌيڪ بھتر نموني سمجهڻ لاء اھو مواد پڙھڻو پوندو جيڪو گل حيات انسٽيٽيوٽ ھن بابت گڏ ڪيو آھي مثال طور:
1.
15 آڪٽوبر 1942 تي “ برطانيه جي ھائوس آف ڪامنس“ ۾ سندس حڪومت کي ڊسمس ڪرڻ واري معاملي تي وڏو بحث ٿيو ھيو .ان جا تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن.
2. شھيد اللہ بخش سومري پنهنجي خطاب ڇڏڻ وقت جيڪو احتجاجي خط لکيو ھيو ۽ ان تي ھندستان جي فرنگي سرڪار جيڪو ردعمل ڏيکاريو ھيو تان جو ويندي 10 آڪٽوبر 1942 تي ھن خلاف قدم کنيو ويو ۽ سرڪاري حڪم نامو ڪڍيو ويو. اھو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.
3. سنڌ جي وزير اعظم ھجڻ جي صورت ۾ ھو سرڪار جي “وار ڪميٽي“ جو اڳواڻ پڻ ھيو، جنهن جو ڪم ھيو جنگ دوران حڪومت لاء مالي امداد گڏ ڪرڻ ۽ جنگ جي اثرات تي نظر رکڻ. سندس اھڙي خط و ڪتابت ۽ ان سان لاڳاپيل رپورٽون اسان جي اداري ۾ موجود آھن.
4. انهي مواد کان وڌيڪ اھم مواد جيڪو گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي اھي سنڌ جي گورنر جون مخفي رپورٽون آھن جيڪي ھر پندرھين ڏينهن تي ھندستان جي وائسراء ڏي موڪليون وينديون ھيون. ھنن رپورٽن ۾ شھيد اللہ بخش جي شخصيت ۽ سياسي حڪمت عملين بابت تمام اھم ۽ وڏيون ڳالھيون ڪيون ويون آھن . ھي مواد شھيد اللہ بخش سومري جي سوانح نگارن جي نظر مان شايد نہ نڪتو آھي. انگريز گورنر ڪي سنڌي سياستدانن جا سڄڻ ڪونہ ھيا پر انهن انگريز حڪومت جي بچاءَ ۽ محبت ۾ جيڪي ڳالھيون لکيون آھن، انهن مان شھيد اللہ بخش کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
5. “انڊين اينيوئل رجسٽر “ نالي رسالو سال ۾ ٻہ دفعا ڇپبو ھيو انهي ۾ شھيد اللہ بخش سومري بابت جيڪو مواد شايع ٿيو آھي اھو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.
6. مسجد منزل گاه تحريڪ دوران مسلم ليگ 1938 کان وٺي شھيد اللہ بخش سومري ۽ سندس حڪومت خلاف باھ ٻاري ۽ اخبارن ايڊيٽوريل لکيا اھو مواد پڻ اسان وٽ موجود آھي.
7. سنڌ اسيمبلي ۾ شھيد اللہ بخش خلاف ھڪ کان وڌيڪ دفعا “بي اعتمادي جون رٿون“ پيش ٿيون. انهن منجهان ھڪ رٿ جو تفصيل اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. باقي گھڻو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ اڃا گل حيات ۾ پيو آھي.
منهنجي گذارش ھي آھي تہ ماضي جي شخصيتن تي نئين سر تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن سندن خدمتن جو صحيح نموني سان ڪاٿو ڪري سگهجي. شھيد اللہ بخش سومرو سنڌ جي سياست ۽ آزادي جي تحريڪ جو ھڪ انمول ھيرو آھي، انڪري ھن جي شخصيت ۽ ڪردار تي وڌيڪ مواد ۽ جديد تحقيقي طريقن جي روشني ۾ لکڻ جي ضرورت آھي