ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“پراڻن ڇاپي ڪتابن جي معلومات بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ”
ڪتاب علمي،ادبي ۽ تاريخي دنيا ۾ ڪليدي حيثيت رکي ٿو .جڏھن پرنٽنگ پريسن جو اڃا وجود عمل ۾ نہ آيو ھيو تڏھن بہ ڪتاب لکيا ويا ۽ سنڌ ۾ ٻولي جي لپي ٺھڻ ۽ رائج ٿيڻ تائين سنڌ ۾ قلمي نسخن ۽ قلمي مواد جو خزانو موجود ھيو.
موجوده لپي نہ ٺھي ھئي تڏھن بہ ڪيترا سنڌي ڪتاب سنڌ کان ٻاھر ڇپيا ۽ انهن بابت مان ھڪ الڳ ۽ تفصيلي پوسٽ لکي چڪو آھيان.
سنڌي ۾ “ ڪتابيات“ ( ببليو گرافي) تي ڪم ڏاڍو دير سان شروع ٿيو آھي. اڳ ۾ ديني فتوائن ۽ مسئلن بابت ڪتاب لکيا ويندا ھئا تہ انهن جا ليکڪ ۽ مصنف پنهنجي ڳالھ جي تائيد ۾ ڪن اھم ڪتابن منجهان حوالا ڏيندا ھئا. ان ڪري لکيل ڪتابن بابت معلومات ملي ويندي ھئي. ھن کان پوءِ جڏھن جديد تحقيق جي شروعات ٿي تہ انهن تحقيقي مقالن ۾ ھڪ خاص چيپٽر رکيو ويندو آھي جنهن ۾ “ موضوع تي اڳ ۾ ٿيل ڪم جو مطالعو“ جي عنوان ھيٺ ٻڌايو ويندو آھي تہ انهي موضوع تي اڳ ۾ ڇا لکيو ويو آھي ۽ انهي تي ڪھڙا ڪتاب موجود آھن. تحقيقي مقالن جي آخر ۾ “ببليو گرافي “ پڻ ڏني ويندي آھي. ھن جو اھو مطلب ٿيو تہ تحقيقي مقالن جي مطالعي مان ڪتابن بابت اھم معلومات ملي وڃي ٿي. جيڪڏھن سمورن تحقيقي مقالن جي ببليو گرافين کي گڏي ھڪ جامع ببليو گرافي ترتيب ڏني وڃي تہ سنڌ ۾ ڇپيل ڪتابن جا تفصيل ۽ انهن جي تاريخ مرتب ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ جي قديم سنڌي ڪتابن بابت “انڊيا آفيس لائبريري“ ڪيٽالاگ ڇپرايا ھيا، ۽ اھي انهي لائبريري ۾ ضرور موجود آھن. جن مان اسان کي ڪتابن بابت تفصيل ملي وڃن ٿا. اھڙي ريت سنڌ ۾ وري کوڙ اھڙا ادارا ھوندا ھيا جن ڪتاب ڇپرايا ۽ اھي وقت بوقت پنهنجن ڇپيل ڪتابن بابت ڪيٽالاگ ڇپرائيندا ھئا. اھڙن اشاعتي ادارن مان پوڪر داس ائنڊ سنز، ھريسنگ ائنڊ سنز، مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز، ڪوڙومل ساھتيه منڊل، رتن ساھتيه منڊل، آشا ساھتيه منڊل، قومي ساھتيه منڊل وغيره جا نالا ذڪر لائق آھن. انهن اشاعتي ادارن جي ڪيٽالاگن مان اسان کي فقط ڪتابن جا نالا ۽ موضوع ملن ٿا. جڏھن تہ ببليو گرافي جي تقاضا ھيءَ آھي تہ ان ۾ ليکڪ، مترجم، موضوع،مضمون، صفحن وغيره بابت تفصيلي معلومات ملي.
سنڌي ۾ ببليو گرافي تي ڪم پوءِ ٿيو ۽ سنڌالاجي طرفان انهي موضوع تي ٻن جلدن ۾ ڪتاب شايع ٿيو. پر ھي ھڪ مستقل موضوع آھي جنهن تي لڳاتار ڪم ٿيڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن اھو ڪم نہ ٿيندو تہ اسان جي ادبي سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾ پاڻ کان گھڻيون غلطيون ٿي وينديون. مان ھڪ مثال ڏيندو ھلان ديوان ڪوڙيمل چندنمل اليمينٽري سائنس تي ھڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ھيو جنهن جو نالو ھيو “ علم اصول طبعي“. انهي ڪتاب جو ڪنهن محقق نالو پبلشرن جي ڪنهن لسٽ ۾ پڙھيو ۽ ھڪ اڌ ھنڌ تي اھو “اصول علم طبعي“ بدران “اصول علم طبي “ لکجي ويو. پوءَ هڪ محقق نقاد انهي ڪتاب کي طب تي لکيل ڪتاب سمجهي سڄن سارن ٽيھن صفحن ۾ ان جو اپٽار ڪيو تہ مصنف صاحب ڪھڙي مرض جي لاء ڪھڙي دوا تجويز ڪئي آھي.
اڄ منهنجي ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد ھي آھي تہ مان اھا گذارش ڪري سگهان تہ سنڌي ۾ ڪتابيات يعني ببليو گرافي تي فني ۽ عالماڻي انداز سان ڪم نہ ٿيو آھي، جيڪو ڪري سگهجي ٿو. اسان سنڌي ڪتابن جي ڇپائي جي تاريخ تي جيڪڏھن ڪم ڪرڻ گهرئون تہ پوءِ معلومات جا مختلف ذريعا ۽ وسيلا ڪم آڻڻا پوندا ۽ جن تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي ڪم ڪري رھيو آھي. اسان ھن موضوع تي انهي ريت ئي ڪم ڪري سگهئون ٿا. جن ذريعن ۽ وسيلن تي گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪم ڪري رھيو آھي اھي آھن:
1. انڊيا آفيس لائبريريءَ طرفان ڇپرايل ڪيٽالاگ ھٿ ڪرڻ.
2. سنڌ جي اشاعتي ادارن طرفان شايع ٿيل ڪتابن جون لسٽون تيار ڪرڻ.
3. مکيه ڪتب فروشن طرفان شايع ڪرايل ڪيٽالاگ ھٿ ڪرڻ.
4. اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪتابن تي شايع ٿيل تنقيدون ۽ تبصرا ھٿ ڪرڻ.
انهن طريقن تي گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪم ڪندو آيو آھي پر ان کانسواءِ چار ذريعا اڃا اھڙا آھن جن تي اسان جي اداري تہ ڪم ڪيو آھي پر ڪيترن محققن ۽ تحقيق جي شاگردن جي نظر نہ پئي آھي،اھي آھن:
1. شروع کان وٺي تعليم کاتو تعليمي ادارن جي لائبريرين لاء ڪتابن جي منظوري ڏيندو ھيو ۽ اھڙا نوٽيفڪيشنس “ اخبار تعليم“ جي پرچن ۾ شايع ٿيندا ھئا ۽ انهن ۾ بہ ڪتابن بابت چڱا تفصيل موجود ھوندا ھئا.“ اخبار تعليم ۾ ڇپيل اھي نوٽيفڪيشن اسان ھٿ ڪري پنهنجي اداري ۾ محفوظ ڪيا آھن.
2. سنڌ سرڪار پنهنجي سرڪاري گزيٽ جو ڀاڱو ٽيون سنڌ۾ ڇپيل ڪتابن جي ڪيٽالاگ طور پڌرو ڪندي ھئي. اھو ڀاڱو نمبر ٽيون لڳ ڀڳ پنجن ڇھن صفحن تي مشتمل ھوندو ھيو ۽ ڪتابن جا اھي شايع ٿيل تفصيل سنڌ سرڪار جي ترجمو ڪندڙ شعبي طرفان جاري ڪيا ويندا ھئا. 1936 کان وٺي 1947 تائين ھر ٽئين مھيني گزيٽ ۾ شايع ٿيل سنڌي ڪتابن جا ڪيٽالاگ گل حيات ۾ موجود آھن. 3. ڪتابن بابت معلومات جو ھڪ اھم ذريعو اھي سرڪاري نوٽيفڪيشن آھن جن ذريعي ڪن ڪتابن تي پابندي لڳائي ويندي ھئي. انهن منجهان بہ ڪيترا نوٽيفڪيشن اسان جي اداري ۾ موجود آھن ۽ مان انهي حوالي سان اڳ ۾ ھڪ تفصيلي پوسٽنگ لکي چڪو آھيان.
4. انگريزن جي دور ۾ ڪن خاص موضوعن تي سرڪار جي منظوري کان سواءَ ڪتاب نہ ڇپرائي سگهبا ھئا. ان لاءِ مصنف يا لکيڪ حڪومت جي چيف پريس ايڊوائيزر کان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ وٺندو ھيو ۽ اھو جھڙوڪ تنهن دور جو انفارميشن ڊپارٽمينٽ هوندو ھيو ۽ جنهن جي انتظامي اڳواڻ کي چيف پريس ايڊوائيزر چيو ويندو ھيو ۽ ھن شعبي جو ڪم جھڙوڪ ڪتابن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مواد ۽ معلومات جي سينسر ڪرڻ ھوندو ھيو.
مان جن موضوعن تي پوسٽنگس لکان ٿو ان مان منهنجو وڏو مقصد ھي ھوندو آھي تہ مان پنهنجي پڙھندڙن کي ٻڌائي سگهان تہ ڪھڙن ڪھڙن شعبن ۽ مضمونن ۾ اسان ڪم نہ ڪيو آھي پر جيڪڏھن اسان ڪم ڪرڻ گهرئون تہ پوء ان جا ذريعا ۽ وسيلا ڪھڙا ھجڻ گھرجن. مان فقط ڳالھ نہ ڪندو آھيان پر گل حيات جي ميڙي چونڊي ۽ ڪم جي طريقي سليقي کي مثال طور تي پيش ڪندو آھيان.