ممتاز پٺاڻ.
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.)
“ سنڌي ادبي بورڊ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
مون پنهنجي پوسٽن ۾ اھو پئي عرض ڪيو آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ انگريزن جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين “ادارن،“واقعن“ ۽ “افراد“ بابت مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي ۽ اھو سلسلو اڃا تائين جاري آھي. “سنڌي ادبي بورڊ“ بہ انهن مان ھڪ آھي. بابا سائين مخدوم طالب المولا جي چيئرمنئ واري زماني ۾ 1989 ۾ ھن بورڊ جو ميمبر ٿيو ھيو . اھا بورڊ جي تيرھين گورننگ باڊي ھئي،جنهن ۾ مخدوم جميل الزمان ( حضرت مخدوم نوح جي درگاھ جو موجوده گادي نشين) ،غلام رباني آگرو، علي احمد بروھي ۽ بشير احمد مورياڻي جھڙا ميمبر ھئا.
انهي کان اڳ جو آئون انهي دور جي “سنڌي ادبي بورڊ“ بابت لکان، مناسب ٿيندو تہ سنڌي ادبي بورڊ جي قائم ٿيڻ جو ڪجه پسمنظر ٻڌايندو هلان. اڳي تعليم کاتي کي “پبلڪ انسٽرڪشنس“ چيو ويندو ھيو. سنڌ جو ناميارو محقق ڊاڪٽر داؤد پوٽو انهي جو ڊائريڪٽر ھوندو ھيو. ھن 1939 ۾ درسي ڪتابن ۾ اعرابون ڏياريون تہ جيئن ٻار لفظن جا صحيح اچار ڪڍي سگهن. ڊاڪٽر داؤد پوٽي جي اھا ڪوشش خاص طور تي غير مسلم لساني ماھرن ۽ اديبن کي نہ وڻي . جن وڏي تحريڪ ھلائي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اخبارن جا ڪيترائي ڪالم ڀرجڻ لڳا. ڊاڪٽر داؤدپوٽي جي ھن عمل تي جھڙوڪ سنڌ ۾ ٻارڻ ٻري پيو .ڪن اخبارن ان کي فرقي بازي جو رنگ ڏنو تہ ڪن اخبارن شخصي حملن ۽ ذاتي تنقيد کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻايو. وڏن شھرن ۾ “سنڌي ساھت سڀائون “ قائم ٿيون تہ جيئن ڊاڪٽر داؤد پوٽي کي فيصلي وٺڻ تي مجبور ڪيو وڃي. حڪومت ھن صورتحال کان ڏاڍو پريشان ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر داؤد پوٽي کان اھڙي قدم کڻڻ بابت پڇاڻو ڪيو ويو جنهن تي ھن نھايت بردباري ۽ بھادري سان جواب جمع ڪرائيندي چيو تہ ھن ڪا ڦير غير ڪان ڪئي آھي پر درستگيون ڪيون آھن. قائم ڪيل سڀائن ٺھراءَ پاس ڪري ڇپرائي ورھائڻ شروع ڪيا جن ۾ اھا ڌمڪي ڏني وئي تہ جيڪڏھن اعرابن کي نہ ھٽايو ويو تہ اسڪولن ۾ اعرابن ڏنل ڪتابن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ سرڪار خلاف تحريڪ ھلائي ويندي. انهن سڀائن اھو بہ مطالبو ڪيو تہ سنڌي لپي ۾ موجود “ث“،س“ ۽ “ص“ حرفن بدران رڳو “ س“ حرف قائم ڪجي.
ڌرين وزيرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ تعليم جي تڏھوڪي وزير سائين جي ايم سيد 14 آگسٽ 1940 تي 9 مسلمانن ۽ 6 ھندن ميمبرن تي مشتمل سرڪاري حڪم نامي نمبر 666-8/40 موجب “سينٽرل ايڊوائزري ڪنٽرول بورڊ فار سنڌي لٽريچر“ قائم ڪيو. جنهن ڪجه ڪتاب بہ ڇپرايا ۽ لساني مسئلن تي سرڪار کي صلاحون بہ ڏنيون. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 1948 ۾ بورڊ کي نئين سر تشڪيل ڪيو ويو. 1950 ۾ تڏھوڪي سنڌ سرڪار انهي بورڊ منجهان ھڪ ڪاروباري ڪميٽي جوڙي تہ جيئن “ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي جوڙيل رٿائن تي عمل ڪرائي سگهي.ڊسمبر 1951 ۾ انھي بورڊ کي ٽوڙيو ويو ۽ ڪاروباري ڪميٽي جي ميمبرن جو تعداد وڌائي “ سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪيو. اھو ھيو سنڌي ادبي بورڊ جو تاريخي پس منظر.
مون پنهنجي اڄوڪي پوسٽ ۾ جيڪا تصوير ڏني آھي اھا سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن سالن ( 1989 کان 1991) جي ڪارڪردگي جي رپورٽ آھي، جيڪا منهنجي والد صاحب لکي ھئي جڏھن پاڻ انهي بورڊ جو ميمبر ھيو. مخدوم جميل الزمان ۽ بابا سائين بورڊ جا فعال ميمبر ھيا ان ڪري بابا سائين جيڪا راءَ ڏيندو ھيو ، ان کي مخدوم جميل الزمان نہ فقط ٽيڪو ڏيندو ھيو پر ان کي عملي جامعو پھرائڻ جي بہ ڪوشش ڪندو ھيو. ٻئي ميمبر انهي راء جا ھئا تہ سنڌ جي ماڻھن کي اھا خبر ملڻ گھرجي،بلڪ ڏيڻ گھرجي تہ “سنڌي ادبي بورڊ“ ڇا پيو ڪري .انهي ڪري منهنجي بابا سائين مخدوم جميل الزامان جي نگراني ۾ بورڊ جي ٽہ سالا ڪارڪردگي جي رپورٽ ترتيب ڏني جيڪا سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرائي .ھن رپورٽ ۾ بورڊ جي ٽن سالن جي واقعاتي تاريخ ڏني وئي آھي ۽ اھو ٻڌايو ويو آھي تہ “ سرتيون“ رسالي جي شروعات ڪيئن ڪئي وئي ۽ ٻين رسالن جي معيار کي ڪيئن سڌاريو ويو. ياد رھي تہ بابا سائين انهي زماني ۾ “ گل ڦل“ رسالي جو نگران ھوندو ھيو. بورڊ انهن ٽن سالن ۾ ملازمن ۽ پورھيتن کي ترقيون ڏئي سندن دليون جيتي ورتيون .ڪھڙي ملازم يا پورھيت کي ڪھڙو گريڊ مليو؟ اھي تفصيل ھن رپورٽ ۾ موجود آھن. آگسٽ 1991 ۾،سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم طالب المولا سنڌي اديبن،شاعرن ۽ ليکڪن کي نقد انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ اھو بہ اظھار ڪيو تہ ضرورت مند قلمي پورھيت جي مالي امداد بہ ڪئي ويندي. چيئر مين جي انهي اعلان جي روشني ۾ “ اديبن کي امداد ڏيندڙ ڪاميٽي“ جوڙي وئي ھئي جنهن جا تفصيل ۽ ڪارڪردگي ھن رپورٽ ۾ موجود آھن. رپورٽ لکڻ ۽ شايع ڪرڻ ھڪ منفرد عمل ھيو جنهن تي ادبي حلقن ۽ اخبارن جي ورقن ۾ چڱي چوٻول ٿي.
ھاڻي مخدوم سعيد الزمان “سنڌي ادبي بورڊ“ جو چيئرمين ٿيو آھي ۽ بابا سائين کي پڻ بورڊ آف گورنرس جو ھڪ ميمبر بڻايو ويو آھي. اميد ڪري سگهجي ٿي تہ ڪيتريون نيون ڳالھيون ٿينديون ۽ ڪيتريون چڱيون ڳالھيون ٿينديون