( گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ امن سڀا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
انگريزن جي دور ۾ احتجاجي ۽ دنگل واري سياست جو آغاز تڏھن ٿيو جڏھن انگريزن اتحادي ملڪن سان گڏجي ترڪي جي سلطنت تي پنهنجئ مرضيءَ وارو ٺاھہ مڙھيو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ھيءَ وڏي سلطنت پاش پاش ٿي وئي . ٻئي طرف وري روولٽ ايڪٽ جھڙو ڪارو قانون لاڳو ڪري ماڻھن جي منهن بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي .عوام کي اھي ٻئي ڳالھيون نہ وڻيون ۽ انهن حڪومت کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا. انگريزن اھڙي خطرناڪ صورتحال ۾ پنهنجي يارن ۽ وفادارن کي ياد ڪيو جن سنڌ ۾ مختلف ھنڌن تي “امن سڀا “جي نالي سان شاخون کوليون ۽ کولرايون تہ جيئن ماڻھن کي “ عدم تعاون“ تحريڪ کان پري رکجي ۽ انهن ۾ سرڪار سان وفاداري ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪجي. حڪومت پنهنجي سياسي فيصلن جي دفاع لاءِ، عدم تعاون تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ ۽ ماڻھن جي ذھنن کي مٽائڻ لاءِ نہ فقط امن سڀائون قائم ڪرايون پر وڏو سياسي لٽريچر پڻ ڇپرايو ۽ ورھايو .مان ھن پوسٽ ۾ انهي سياسي لٽريچر جي ڳالھ ٻولھ نہ ڪندس پر فقط سنڌ ۾ قائم ٿيل امن سڀائن جي حوالي سان ھيءَ پوسٽ لکان ٿو.
حڪومت کي سنڌ جو اپر ڪلاس تہ مدد ڪرڻ لاءَ موجود ھيو پر حڪومت مولوي فيض الڪريم ساند جي نالي سان ھڪ ديني عالم بہ ھٿ ڪري ورتو جنهن خلافت تحريڪ جي خلاف حڪومت جي حق ۾ قلمي جھاد شروع ڪيو ۽ “ تحقيق الخلافت“ جي نالي سان ڪتاب لکيو جنهن ۾ محمد عبدالغني نالي حڪومت جي وفادار هن جو ساٿ ڏنو. اھو ڪتاب ھڪڙي قسم جو فتوا وارو ڪتاب ھيو جنهن تي ھن ڪيترن عالمن ۽ پيرن کان صحيون ورتيون.پوءِ انهي فتوا جي خلاف خلافتي عالمن کوڙ سارا ڪتاب لکيا .
سنڌ ۾ جن ھنڌن تي “امن سڀا“ جون شاخون کوليون ويون انهن ۾ اوٻاڙو.بدين، ٻيلو، ٽنڊو باگو،ٽنڊو ڄام،ڳڙھي ياسين، محبت ديرو، مانجهند،ڏھرڪي، نصيرآباد،سڪرنڊ، قاضي احمد،قمبر، ھالا، نئون ديرو، مڇر، ميرپورخاص، رتوديرو،روھڙي، دادو، کڏھڙو، لاڏيون، ٺٽو، شڪارپور، حيدرآباد،گوني، کوروواھ، بلڙي، وغيره ذڪر لائق آھن.
حيدرآباد ۾ 14 اپريل 1921 تي “اينٽي نان ڪوآپريشن سوسائٽي“ ٺاھي وئي ھئي جنهن ۾ ٺاڪرداس کيمچند،مرزاقليچ بيگ، ديوان ھشمت راءِ، مکي ھرڪشنداس، لوڪومل گوبند بخش، ڄيٺسنگ نارائڻ سنگ، گوپال داس منگها سنگ، علي اڪبر بار آئٽ لا انهي سوسائٽي جي پھرين گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ فيصلو ڪيو تہ پنهنجي علم،عمل ۽ قلم سان “ عدم تعاون“ جي تحريڪ خلاف جھاد ڪبو ۽ ماڻھن ۾ حڪومت سان وفاداري ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويندو.
امن سڀائن جي گڏجاڻين جي صدارت اڪثر ڪري انگريز سرڪاري ڪامورا ڪندا ھئا يا وري ڪو تر جو جاگيردار يا وڏيرو ڪندو ھيو .
امن سڀا ۾ ٻين جن سنڌ جي شخصيتن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ماڻھن کي سرڪار جي وفادار ٿي رھڻ جو تاڪيد ڪيو انهن منجهان ڪجه نالا مان حيدرآباد جي “ اينٽي نان ڪوآپريشن سوسائٽي “ جو مٿي ذڪر ڪندي ٻڌايا اٿم. باقي ڪن نالن جو وچور ھيٺ ڏيان ٿو.
مکي ڏيارام، ( گوني)، ديوان اڌارام ( ٽنڊو محمد خان)،ڊاڪٽر پوھومل گنگارام( ٽنڊو محمد خان)،ڀائي ٿانورداس( ٽنڊو محمد خان)،ڀائي لوڪومل ( ٽنڊو محمد خان)، مولچند پيسومل( سکر)، مولوي خوش محمد(مڇر)، وڏيرو نبي بخش خان( سکر)، سرائي سبز علي خان( نصير آباد)، سيٺ نارومل( نصيرآباد).،سيٺ آئلداس( نصيرآباد) وڏيرو محمد صديق وڳڻ( نصير آباد)، تنومل (بدين)، ديوان وزيرمل ( بدين)، شاھنواز خان ڀٽو( رتو ديرو)، راء بھادر مولچند( رتوديرو)، ديوان ڀوڄ راج ( رتوديرو)، سيد علي اڪبر شاھ( روھڙي)، ڀنڀوخان( اوٻاڙو)، ڊاڪٽر عبدالرزاق ( اوٻاڙو)،ميان محمد ذاڪر ( اوٻاڙو) گرڌاري مل ( اوٻاڙو)، ڊاڪٽر اڌارام (سڪرنڊ) ديوان ڪرپلداس( ٽنڊو آدم). خان بھادر ڄام مٺاخان( ٽنڊو آدم)، ديوان راء بھادر جهمٽ راء( ٽنڊو آدم)، عبدالحڪيم ڀنڀرو( ٽنڊو آدم). ڏيارام ڌنومل( ٽنڊو آدم) چوڌري غلام حسين( ٽنڊو آدم) سيٺ راڌا ڪرشن (ٽنڊو آدم) ديوان واڌومل ( ٽنڊوآدم) ديوان ٽيڪ چند( ٽنڊو آدم). خان بھادر مير غلام محمد خان(ٽنڊو باگو)، خان صاحب سيد علي بخش شاھ( ٽنڊو باگو)، مکي ھرومل ( ٽنڊو باگو)، ڀائي ٽوپڻمل ( ٽنڊو باگو).
مون سنڌ ۾ قائم ٿيل اھم سڀائن جو ذڪر ڪيو آھي پر نالا فقط ڪن شاخن جي عھديدارن ۽ ميمبرن جا ڏنا اٿم.اھڙي ريت جيڪڏھن مان سنڌ جي سمورن امن سڀائن جي ميمبرن جا نالا ڏيندس تہ پوءِ مون کي اڃا وڌيڪ ٻٽي پوسٽون لکڻيون پونديون. جڏھن تہ مون کي فقط اھا گذارش ڪرڻي ھئي تہ انهن امن سڀائن جون سرگرميون ڪھڙيون ڪيون ۽ انهن ڪھڙا فيصلا ڪيا ۽ سنڌ جي ڪھڙن ماڻھن انهن ۾ ساٿ ڏنو.ھن پوسٽ ۾ مون کي اھو ٻڌائڻو آھي تہ سنڌ ۾ قائم ٿيل سمورين امن سڀائن جون ڪاروايون، انهن جي عھديدارن ۽ ميمبرن جا نالا، انهن مان ڪيترن جا سوانح خاڪا،مولوي فيض الڪريم جا لکيل ڪتاب ۽ فتوائون ۽ سرڪار طرفان عدم تعاون خلاف جاري ڪيل بيان ۽ اخبارن ۾ امن سڀائن جي حق ۾ ڇپيل مواد سمورو گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي.( ممتاز پٺاڻ)