(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي بابت گل حيات ۾ موجود ناياب ڊاڪيومينٽس“
گل حيات انسٽيٽيوٽ ھڪ غريب لوھر جي ٻار جو ٺھيل ادارو آھي ۽ ڪنهن سرڪار يا درٻار اسان جي مالي يا اخلاقي مدد نہ ڪئي آھي پر باقي تڪليفن ۽ مخالفتن جون ڀريون جنهن کان پڳيون آھن انهن ٻڌي کڻايون آھن. اھي تڪليفون ۽ مخالفتون تڏھن وسري وينديون آھن جڏھن اسان پنهنجي سنڌ ۽ ان جي تاريخ سان پنهنجي محنت ۽ محبت مان سڪون وٺندا آھيون. اھو ئي اسان جو وڏي کان وڏو معاوضو آھي ۽ وڏي کان وڏو آٿت آھي جنهن جي آڌار تي اسان ڏينهن رات ھڪ ڪري سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪيون ٿا. ھي ڳالھ بہ اسان لاءِ اللہ جي وڏي احسان برابر آھي تہ جڏھن ڪجه سال اڳ قرضن،مرضن ۽ مسئلن ۾ وڪوڙجي بابا سائين گل حيات انسٽيٽيوٽ کپايو تہ ستت پوءِ اسان ھن جي پھرئين ۽ آخري عشق کي بحال ڪرڻ لاءِ گل حيات کي اڳين کان اڳرو فعال ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي. ھاڻي گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي ٻئي جنم ۾ وڌيڪ بھتر ڪم ڪري رھيو آھي ۽ انهي ڪم ۾ اسان پنهنجي والد صاحب کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي.
مان پنهنجي موضوع تي موٽي اچان. اڄ جيڪا پوسٽ جي شروعات ۾ تصوير رکي اٿم انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ “ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ“ بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ نھايت اھم ۽ ناياب ڊاڪيومينٽس موجود آھن. “ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ “ تي ڊاڪٽر پروفيسر صاحب خان چنه پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ڊاڪٽر حميده کھڙو ان جي سپروائيزر ھئي. ان ڪري ھي چوڻ مناسب ٿيندو تہ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ“ تي گھڻي کان گھڻو مواد ڊاڪٽر پروفيسر صاحب خان چني وٽ موجود ھوندو. پر ھو صاحب بہ اھا ڳالھ مڃيندو تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي انهي موضوع تي ميڙي چونڊي ڪنهن کان گھٽ ڪانھي پر منفرد آھي. ڊاڪٽر حميده کھڙو ھن موضوع ۽ مضمون تي انگريزي ۾ ٻن جلدن ۾ ڪتاب لکيا جيڪي سرڪاري خرچ تي شايع ٿيا. ڊاڪٽر حميده کھڙو محقق ھئڻ سان گڏو گڏ ھڪ غيرتمند ڌيءَ جي روپ ۾ اھي ڊاڪيومينٽس گڏ ڪيا تہ جيئن ھڪ طرف سنڌ جي تاريخ تي اھم ڊاڪيومينٽس محفوظ ڪري سگهجن ۽ ٻئي طرف تي سندس پيءُ خان بھادر محمد ايوب کھڙي کي ھيرو ڪري پيش ڪجي ۽ سندس پيءُ طرفان پوءِ ٿيل ون يونٽ ٺاھڻ واري غلطي جا داغ ڌوئي سگهجن. محمد ايوب کھڙي سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو ۽ ساڳي ئي طريقي سان سنڌ جي ڳچي ۾ ون يونٽ جو ڳٽ وڌو. ٿورن ماڻھن کي خبر ھوندي تہ محمد ايوب کھڙو سنڌ کي عليحدگي واري ڪيس ڳائڻ ۽ ٻڌائڻ لاءَ جنهن جھاز ۾ ولايت وڃي رھيو ھيو، اھو جھاز ڪريش ٿي پيو ھو ۽ انهي حادثي مان محمد ايوب کھڙو بچي ويو ۽ ولايت وڃي سنڌ جو ڪيس پيش ڪيائين. ايڏي قرباني ڏيندڙ ماڻھوءَ جي اھڙين خدمتن کي تازي رکڻ جي لاءِ ڊاڪٽر حميده کھڙو “ سنڌ جي عليحدگي “ بابت ڊاڪيومينٽس گڏ ڪيا ۽ پيءُ تي ٻيا ڪتاب بہ لکيا. مرحومه مائي اپر ڪلاس سان واسطو رکي پئي ۽ ھن کي انگريزي تي عبور ھيو ۽ ھن ۾ محققانا صلاحيتون موجود ھيون. ان ڪري ھن جيڪو لکيو اھو آساني سان ڇپجي ويو. پر ھي ڳالھ مڃڻي پوندي تہ سائين جي ايم سيد پھريون سياستدان ۽ محقق ھيو جنهن انهي موضوع تي ھڪ تفصيلي ڪتاب لکيو .سندس سنڌ جي تاريخ سان دوستيءَ واري قلمي پورھئي جو سندس دوست توڙي دشمن قدر ڪندا.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ھڪ فرد جي ملڪيت ھوندي بہ عوامي ۽ قومي ادارو آھي. ان ڪري گل حيات ڪنهن شخص يا ڪنهن مقصد کي ڌيان ۾ رکي تاريخي اھميت وارو مواد گڏ نہ ڪيو آھي پر نفرتن ۽ محبتن کان بالاتر ٿي عوام جي تاريخ بابت عوام جي لاءِ مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي. ان ڪري گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ ۽ ٻين جي ميڙي چونڊي ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. اسان ڪنهن ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ يا مڃتا ماڻڻ جي لاءِ يا ڪنهن فرد جي وڪالت ڪرڻ جي لاءِ مواد جي ميڙي چونڊي نہ ڪئي آھي. انهئ اصول مطابق اسان“ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ“ بابت ناياب ۽ منفرد ڊاڪيومينٽس گڏ ڪيا آھن .جن منجهان ٿورن جو وچور ھيٺ ڏجي ٿو:
1. انهي تحريڪ بابت سنڌ جي تنهن دور وارن سياسي اڳواڻن جي خط و ڪتابت.2. سنڌ ۾ “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي نالي سان ٿيل چئني ڪانفرنسن جون ڪاروايون ۽ انهن ۾ پاس ٿيل ٺھرائن ۽ ٿيل تقريرن جا متن.3. ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي بابت ڇپيل سموريون خبرون،ايڊيٽوريل ۽ مضمون. 4. آل انڊيا مسلم ليگ جو سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري مسئلي تي مؤقف. 5. آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ نھرو رپورٽ ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ بابت ٺھراءَ. 6. مھاسڀا ۽ سنڌ جي ھندن جو سنڌ جي عليحدگي بابت مؤقف ٺھراءَ ۽ مطالبا. 7. سر آغا خان جو سنڌ جي عليحدگي بابت مؤقف. 8. سنڌ ۾ ٿيل اينٽي سنڌ سيپريشن ڪانفرنسون، انهن جا تفصيل ، ٺھراءَ ۽ تقريرون. 9. گل ميز ڪانفرنس جي اھا ڪاروائي جنهن ۾ سنڌ جي عليحدگي واري مسئلي تي بحث ڪيو ويو.10. شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان ٺاھيل “ سنڌ آزاد پارٽي“ ۽ ان جي شاخن بابت تفصيل. 11. “الوحيد““ توحيد“ ۽ سنڌ جي ٻين اخبارن ۾ ھن موضوع تي ڇپيل مواد.12. سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ تي ڪيل سنڌيءَ ۾ شاعري .
13. سنڌ جي علحدگئ بابت سرڪاري نوٽيفيڪيشن.
پڙھندڙ ھاڻي پاڻ اندازو لڳائن تہ اسان ھٿين خالي ۽ ذريعن ۽ وسيلن جي ڪمي باوجود سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اسان جو سنڌ سان عشق آھي پوءِ اھو ڪنهن کي وڻي نہ وڻي پر ھيءَ تمنا ضرور رھندي تہ جن ماروئڙن لاءِ اسان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪيون ٿا، شال اھي انهي مان فائدو وٺن. ( ممتاز پٺاڻ)