( گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ لاڙڪاڻي جي خلافتي سياستدانن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
سنڌ ۾ خلافت ڪميٽي جون 200 کان مٿي شاخون ھيون. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن سمورين شاخن جي سرگرمين جو رڪارڊ موجود آھي.
خلافت تحريڪ سنڌ جي سياسي ماحول کي ڀريا چار سال نھايت گرم ۽ فعال رکيو. انهن پورن چئن سالن جي ڪرانالاجي اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. اڄ مون لاڙڪاڻي ضلعي کي موضوع بڻائي ھيءَ پوسٽ لکي رھيو آھيان ،جڏھن تہ اھڙي طرح جي مان ھر ھڪ ضلعي تي الڳ پوسٽ لکي سگهان ٿو. ضلعن تہ ڇا پر شھرن بہ خلافت تحريڪ ۾ وڏا مثال قائم ڪيا.مثال طور ميھڙ ۾ ئي ڏھن ٻارھن کان وڌيڪ وڏيون خلافت ڪانفرنسون ٿيون جنهن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
خلافت تحريڪ ۾ لاڙڪاڻي نہ رڳو سنڌ ۾ پر گڏيل ھندستان ۾ ڌاڪو ڄمايو .ھيءُ ئي ضلعو آھي ۽ لاڙڪاڻو ئي انهي ضلعي جو شھر آھي جنهن منجهان سنڌي مھاجرن جون اسپيشل ٽرينون ڀرجي ڪابل ڏانهن روانيون ٿيون. جديد دور جي سياست ۾ ھجرت جو عملي تصور لاڙڪاڻي وارن ڏنو ۽ انهيءَ مثال منجهان 1947 کان پوءِ فائدا وري ٻين ورتا. جان محمد جوڻيجو انهي ھجرت تحريڪ جو ھي بي بدل اڳواڻ ھيو ان ڪري کيس سنڌ توڙي ھند ۾ “ رئيس المھاجرين“ جو لقب مليو. چون ٿا تہ ھن کي اجمير ۾ زھر ڏنو ويو ۽ لاڙڪاڻي جي سنڌ ھند ۽ جڳ مشھور سياستدانن جي غير طبعي موت جو اھو آغاز ھيو ۽ گهڻو پوءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس اولاد کي ماريو ويو.
لاڙڪاڻي جي خلافتي سياستدانن ئي دراصل لاڙڪاڻي جي لاھوري سياستدانن ۽ سندن ساٿين کي سياسي طور تي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا ۽ پوءِ ھو جڏھن سياسي طور تي ڪمزور ٿيا تہ لاڙڪاڻي جي ڀٽن کي لاڙڪاڻي جي سياست جي واڳ پنهنجي ھٿ ۾ وٺڻ جو موقعو مليو.
لاڙڪاڻي ضلعي تمام وڏا نالي وارا خلافتي اڳواڻ پيدا ڪيا انهن جي نالن جو وچور تمام وڏو آھي پر ڪجه نالا ڏيڻ آئون ضروري ٿو سمجهان جيڪي آھن: قمبر وارو پيرتراب علي شاھ، ٺلاھ جا پير مٺل شاھ ۽ پير امام الدين شاھ، مولوي احمد ملوي ۽ مولوي خدابخش ملوي، مولوي حزب اللہ شاھ.، مولوي امين اللہ، مولوي خوش محمد ميروخاني، مولوي شفيع محمد تونيه، مولوي عبدالغفور، مولوي پير عبدالفتاح شاھ، مولوي عبدالقادر، مولوي عبدالواحد، مولوي عبيداللہ لاشاري، مولوي محمد ڪاڪيپوٽو،مولوي غلام رسول عباسي، مولانا غلام مصطفا قاسمي، مولوي محمد دائود تونيه، مولوي محمد عظيم شيدا، مولوي محمد قاسم مشوري، مولوي مير محمد نورنگي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو، مولانا محمد عاقل عاقلي ۽ مولوي نظير حسين جتوئي وغيره. ڳوٺ ملان ابڙا جا سمورا مولوي خلافت تحريڪ ۾ رھيا. خلافت تحريڪ تي لاڙڪاڻي جي شاعرن بہ خوب شاعري ڪئي. مثال طور پير مٺل شاھ ٺلاھي جڏھن سزا ڪاٽي سکر واري جيل مان آزاد ٿي آيو تہ محرابپور جتوئي جي نامياري شاعر غلام رسول جتوئي انهي واقعي تي ھڪ وڏو شعر لکيو جنهن جي شروعات ھن ٿل سان ڪئي وئي ھئي:
“ مٺل پير پرڻجي آيو رات راڻي،
سکر جيل مان جارج پنجين جي نياڻي.“
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ خلافت تحريڪ جون کوڙ ساريون گڏجاڻيون ٿيون ۽ وڏيون ڪانفرنسون ٿيون. اھو سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪ مثال قائم ٿيو تہ لاڙڪاڻي جي ھڪ خلافت ڪانفرنس ۾ ماڻھن کي شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪرڻيون پيون.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ خلافت تحريڪ بابت تمام گھڻو مواد موجود آھي. خلافت تحريڪ ھجرت تحريڪ کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترا ڏينهن ملھايا ۽ سياسي سرگرميون ڪيون جھڙوڪ 17 آڪٽوبر 1919 تي “ يوم خلافت جو ڏينهن“، 19 مارچ 1920 تي سرڪار طرفان ملھايل “ جشن صلح“ جي خلاف ملھايل ڏينهن. ڊسمبر 1922 ۾ ترڪي جي خليفن سان ملھايل وفاداري جو ڏينھن، 1922 ۾ يونان جي مذمت ڪرڻ جو ڏينهن جنهن قستنطنيه تي حملي ڪرڻ جو منصوبو سٽيو ھيو، نومبر 1923 تي “ جزيرة العرب ھفتو“ ملهائڻ وغيره.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن سمورن واقعن بابت مواد موجود آھي. ان کانسواءِ خلافتي اڳواڻن ۽ لاھوري سياستدانن جي وچ ۾ جيڪا سياسي ڪشمش ٿي ۽ ھڪ ٻئي خلاف بيان بازي شروع ڪيائون اھا پڻ گل حيات ۾ موجود آھي. ان دور جي انگريزي توڙي سنڌي اخبارن۾ لاڙڪاڻي جي خلافت تحريڪ ۽ ان جي شاخن بابت خبرون شايع ٿيون اھو سمورو مواد پڻ ھن اداري ۾ موجود آھي. مولوي دين محمد وفائي نامور خلافتي اڳواڻ جان محمد جوڻيجي تي “ ياد جانان“ ڪتاب لکيو ھجرت تحريڪ تي ۽ ٽن اسپيشل ٽرينن جي رواني ٿيڻ تي اخبارن ۾ تمام گھڻو مواد شايع ٿيو. تازو پشاور ۾ سنڌي مھاجرن بابت ۽ پٺاڻن طرفان سندس مدد ڪرڻ جي حوالي سان تحقيق ٿي آھي، اھو مواد پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھي. لاڙڪاڻي ۾ جيڪي وڏيون خلافت ڪانفرنسون ٿيون ۽ ان موقعي تي جيڪي صدارتي تقريرون ڪيون ويون اھي پڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھن. گل حيات انسٽيٽيوٽ نہ فقط اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل ۽ ٽڙيل پکڙيل مواد ميڙي محفوظ ڪيو آھي پر مکيه خلافتي سياستدانن جي زندگين بابت مواد پڻ گڏ ڪيو آھي. وري آئون ساڳيا لفظ ورجايان تہ گل حيات ۾ رڳو لاڙڪاڻي جي حوالي سان مواد ڪونهي پر سڄي سنڌ ۾ خلافت تحريڪ بابت ائين مواد هن اداري ۾ موجود آھي جيڪو ھاڻي اسان ويب سائيٽ تي بہ رکڻ شروع ڪيو آھي. ممتاز پٺاڻ