(گل حيات جي ميڙي چونڊي مان)
“ ھندو مسلم اتحاد ۽ اختلاف بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
دين ۽ ڌرم نظريا ۽ قدر انسان جي ڀلائي لاءِ ھوندا آھن، پر جڏھن انهن کي ذاتي يا گروھي مفادن جي ڪري انسان استعمال ڪندو آھي تہ معاشرن ۾ بگاڙ اچي ويندو آھي ۽ ٻيون قومون انهن اختلافن مان فائدو وٺي پنهنجا مقصد ماڻينديون آھن. سنڌ کي جڏھن بہ ڪو وڏو نقصان پھتو آھي تہ انهي جو اھو ئي ڪارڻ بڻيو آھي. جيئن اڄ ڪلھ صوفين ۽ سنتن جي ھئ ڌرتي لساني، ثقافتي ۽ قبائلي اختلافن کي ھوا ڏيڻ سان ڏکوئي پئي وڃي ۽ سياسي مفادن جي ڪري محبتي ماڻھن جي دلين ۾ نفرتن جا ٻڄ ڇٽيا پيا وڃن. ليڪن عوام نہ فقط طاقت جو سرچشمو ٿيندو آھي پر ڏاھو ۽ سياڻو بہ ٿيندو آھي ۽ اھڙين ڪوششن کي ناڪام ڪري ڇڏيندو آھي.
انگريزن جي زماني کان اڳ سنڌ ۾ ڪجه ھندو مسلم اختلاف ٿيا پر عوام انهن جو پاڻ ئي حل ڪڍي ورتو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ مذھبي ڪٽرڻ پڻو ختم ٿي ويو. پر انگريزن “ويڙھايو ۽ حڪومت ڪيو“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ ھندو مسلم اختلافن کي پروان چاڙھيو.
سماجي سطح تي ھندن توڙي مسلمانن سنڌ جي امن کي ڇيهو نہ رسايو پر جڏھن وري سياست انهن جي معمولي اختلافن وارن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو تہ سندن زخم تازه ٿي پيا.
انگريزن جي دور ۾ سياسي ۽ مذھبي حوالي سان ھندو توڙي مسلمانن جي الڳ الڳ صف بندي ٿيل ھئي. پر سماجي حوالي سان انهن ۾ امن ۽ اتحاد قائم ٿيل ھيو. اھو ئي سبب آھي جو انگريزن جي دور جي وڏين سماجي تنظيمن ۾ ھندو توڙي مسلمان گڏ ھوندا ھيا. 1917 ۾ “دي سٽيزنس ايسوسيئيشن“ جو صدر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ھيو ۽ مکي ڄيٺانند ان جو نائب صدر ھيو. سنڌ جي مکيه ضلعي شھرن ۾ “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسون“ ٿيون، جن ۾ ھندو توڙي مسلمان وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. جڏھن سنڌ ۾ “ ھوم رول ليگ“ ٺھي تہ انهي ۾ بہ ھندو توڙي مسلمان ميمبر ۽ عھديدار ھيا. انهي انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي ھندو ليکڪن اسلام تي ايترو تہ لکيو جن بابت مان پنهنجي پوسٽن ۾ وقت بوقت مثال ڏيندو رھيو آھيان. اھو ايترو تہ مواد آھي جنهن تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. 1911 ۾ لالچند امر ڏنيمل جڳتياڻئ “ محمد رسول اللہ“( صلي اللہ عليه وسلم) جي عنوان سان ڪتاب لکيو. 1930 ۾ وري ھوتچند ڏيئلمل “ اسلام جو پيغمبر“ ڪتاب لکيو.
اتر سنڌ ھندو مسلم اختلافن کان وڌيڪ متاثر ٿي. 1927 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھڪ مسلمان مائي کي اغوا ڪري ھندو بڻائڻ تي وڏا فساد ٿيا ھئا. اھڙي ريت مسجد منزل گاه واري مسئلي تي سکر ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ خوني فساد ٿيا. ڀڳت ڪنور رام جھڙو انسان دوست ڳائڻو انهن ئي فسادن جي نتيجي ۾ ماريو ويو. ھاسانند پمناڻيءَ، جيڪو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بہ ھيو ۽ ھڪ صوفي منش انسان ھيو اھو بہ ھندو مسلم اختلافن سبب ماريو ويو. اھي ٻئي واقعا اتر سنڌ ۾ ٿيا ۽ ان ڪري اتر سنڌ جي ماڻھن ھندو مسلم اتحاد کي برقرار رکڻ جي لاءِ تنظيمون ٺاھيون. انهن مان جيڪي مشھور ٿيون تن مان ھڪ شڪارپور ۾ ھئي ۽ ٻي ڪراچي ۾ ٺاھي وئي. شڪارپور واري تنظيم جو نالو “ سنڌ منارٽيز ايسوسيئيشن“ ھيو ۽ ڪراچي ۾ وري جيڪو فورم ٺاھيو ويو ان جو نالو “ اڪبر آشرم“ ھيو.
اڪبر آشرم جو ٺاھيندڙ لاڙڪاڻي جو اي. ايڇ .جئسنگهاڻي ھيو. ھي تنظيم اپريل 1930 ۾ ٺاھي وئي جن جي ميمبرن مان جمشيد مھتا، حاتم علوي، ڪيولرام ڏيارام، درگداس بي آڏواڻي، قمبر علي، ڊاڪٽر سعيد، منوھرداس ڪوڙومل، رام بي موٽواڻي، عبداللہ ڀائي ڪريم جي ۽ فداحسين شيخا جا نالا ذڪر لائق آھن.
ھن تنظيم جا ٽي مقصد ھئا: 1. مختلف مذھبن طرفان ڏنل امن ۽ اتحاد واري درس کي عام ڪرڻ، 2. سنڌ ۾ ھندو ۽ مسلم اتحاد کي قائم رکڻ،3. ھڪ ٻئي منجهان شادين ذريعي فرقي وارانہ اختلافن کي ختم ڪرڻ. ھيءَ ڳالھ ذھن نشين ڪرڻي آھي تہ انهي تنظيم سنڌ ۾ مختلف مذھبن ۽ گروھن جي وچ ۾ شادي ڪرڻ واري ڳالھہ کي اٿاريو، جيڪا نہ فقط عجيب ۽ انوکي ڳالھ آھي پر ھڪ انقلابي سوچ جو پڙاڏو پڻ آھي. ھن تنظيم طرفان رسالن جي نموني جا ڪتابڙا پڻ ڇپرايا ويا انهن ۾ پڻ جئسنگهاڻيءَ اھڙي قسم جي شادين جي حق ۾ مضمون لکيا. ٻين جن موضوعن تي انهن ڪتابڙن ۾ لکيو ويو، اھي ھيا : “ھندو مسلم اتحاد“، “ گيتا ۽ قرآن“ ،“ خدا جي ڪبريائي ۽ انسانن جي ڀائپي“، “ ھندستان ۾ اسلام جا مثبت اثر“، “ صوفي ثقافت“ ۽ “ ويدانيت“وغيره
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ھندو مسلم اختلاف توڙي اتحاد بابت ورتل ڪوششن ۽ انهي قسم جي واقعن بابت گھڻو ڪجه مواد موجود آھي. ھندو مسلم اتحاد کي وڏي کان وڏو نقصان ھندن جي سياسي پارٽيءَ “ھندو سڀا“، مذھبي پارٽي “آريا سماج“ ۽ “شڌي تحريڪ“ ڏنو. آريا سماجين سياست ۽ سماج ۾ ڏڦيڙ ۽ غنڊاگردي کي پروان چاڙھيو. شڌي تحريڪ خطرناڪ حد تائين اڳتي وڃي سنجوڳي شيخن کي ھندو بڻائڻ ۾ ڏاڍ ۽ زبردستي کان ڪم ورتو .جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن طرفان وري ھندن کي مسلمان بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. انهن ڳالھين مذھبي بنياد تي سنڌ ۾ ڏاڍو ڏڦيڙ وڌو ۽ سنڌ جي آبادي کي ھندن ۽ مسلمانن جي ڪئمپن ۾ ورھائي ڇڏيو. سنڌ ۾ جڏھن اھا باھ ٻري تہ سياسي پارٽين پنهنجي مفادن لاءِ انهي تي جھڙوڪ پيٽرول ھاريو. خاص طور تي مسلم ليگ مسلمانن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي لاءَ ۽ ڪانگريس وري ھندن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وجھڻ لاءَ اھڙيون حڪمت عمليون ٺاھيون جن جي نتيجي ۾ ھندو توڙي مسلمان ھڪ ٻئي جا ايترو تہ ويري ٿي ويا جو ريلوي اسٽيشنن ۽ ٻين ماڳن مڪانن تي ھندو لاءِ الڳ پاڻي ۽ مسلمانن لاء الڳ پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو.سنڌ جي مذھبي ۽ سياسي حوالي سان اھا وڏي تقسيم ھئي جنهن اڳتي ھلي گڏيل ھندستان کي تقسيم ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪيو. مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ ورھاڱي ٿيڻ وقت ۽ ان کان ٿورو وقت اڳ مسلم ليگ جو صدر بہ سنڌي ھيو ۽ ڪانگريس جو صدر بہ سنڌي ھيو. مسلم ليگ قائد اعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ مسلمانن جو آواز بڻجي وئي ۽ ڪانگريس وري آچاريہ ڪرپالاڻي جي صدارت ۾ ھندستان جي تقسيم وارن ڏھاڙن ۾ ھندن جي ترجماني ڪئي. انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ھندو مسلم اتحاد ۽ اختلافن تي گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي جنهن جي مون مختصر جهلڪ پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪئي آھي.( ممتاز پٺاڻ)