(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ گل حيات ۾ سک ڌرم بابت گڏ ٿيل مواد“
سنڌ ۾ سک ڌرم وارن تي ڪنهن تفصيل سان ڪونہ لکيو آھي. سنڌ جي گزيٽيئر ۽ ضلعي وار گزيٽيئرس ۾ سکن بابت مختصر معلومات شامل آھي. جس ھجي ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻي کي جنهن پنهنجي ڪتاب “ سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ سکن بابت شروعاتي معلومات ڏني آھي. انهي مان خبر پوي ٿي تہ ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ ۾ سک ڌرم جي شروعات ٿي .آڏواڻي خاندان جو وڏو ديوان آڏو مل نور محمد ڪلھوڙي سان گڏ سنڌ ۾ آيو ھو ملتان ويجهو ڳوٺ “ لوھ پور“ جو ويٺل ھيو ۽ سک ھيوان ڪري لڳ ڀڳ سمورا آڏواڻي سک ڌرم سان واسطو رکندا ھئا. ھنن کان پوءِ قنڌاراڻي ۽ سندن اولاد بہ سک ٿيا.
تاريخ جي ورقن ورائڻ مان پتو پئي ٿو تہ ٽالپرن جي دور ۾ حيدرآباد ۾ سکن اڪال ڀنگو ٺاھيو جيڪو حيدرآباد جي اولھندي ڪچي ۾ ھيو. اڪال ڀنگي لاءِ پلاٽ وقت جي حڪمرانن ڏنو ھو. اتفاق سان سکن جي اھا مذھبي جاءِ ھڪ مسجد جي ڀرسان ھئي، انهي اڪال ڀنگي ۾ صبح ۽ سانجهي وقت ناد ۽ نغارا وڄايا ويندا ھئا جنهن ڪري مسلمانن ۽ سکن جي وچ ۾ وڏو اختلاف پيدا ٿي پيو. پر وقت جا حڪمران وچ ۾ آيا ۽ جن اھو فيصلو ڏنو تہ مسجد کي شھيد نہ ڪيو ويندو ۽ اھا انهي ھنڌ تي قائم ھوندي. ليڪن مسلمان ڪنهن ٻئي ھنڌ تي مسجد ٺاھي عبادت ڪندا. اھو اڪال ڀنگو ڪچو ھيو پر 1855 ۾ انهي جي نئين سر پڪي عمارت جوڙائي وئي.
سنڌي سکن منجهان ڪيترن کي، بلڪ اسان منجهان بہ اھا ڪنهن وٽ شايد خبر نہ ھجي تہ سنڌ ۽ سکن جو انهي اڪال ڀنگي کان بہ صديون اڳ ھڪ تعلق رھيو آھي. 13 جنوري 1588 تي گولڊن ٽيمپل جو افتتاح ميان مير ڪيو ھيو. ميان مير سنڌي ھيو ۽ سنڌ مان لڏي وڃي پنجاب ۾ آباد ٿيو ۽ اتي ھن علمي خواه روحاني حساب سان وڏو مرتبو ۽ نالو ڪمايائين.
1947 کان پوءِ جڏھن سک ۽ ھندو انڊيا لڏي ويا تہ اتي سکن پنهنجي برادري بابت وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آھي ۽ کوڙ ساريون ويب سائيٽيون قائم ڪيون اٿن. پر ھتان ھندو توڙي سک ھٿين خالي لڏي ويا، ان ڪري سکن جي سنڌ ۾ رھڻ دوران سرانجام ڏنل سماجي،سياسي ۽ ادبي معلومات جو جيڪو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي اھو ھند يا دنيا جي ڪنهن بہ ملڪ ۾ رھندڙ سنڌي سک وٽ موجود ڪونهي.
ڪلھوڙن جي دور کان وٺي 1947 تائين سنڌ جي سکن بي مثال علمي ادبي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون. جيئن مون عرض ڪيو آھي تہ انهي جا تفصيل ۽ انگ اکر گل حيات ۾ موجود آھن. سنڌ ۾ سکن جون سماجي ۽ ڌرمي تنظيمون بہ ھونديون ھيون ۽ اھي آزادي سان پنهنجي ڌرم جو پرچار ڪري سگهندا ھئا.“ سک ٽرئڪٽ سوسائٽي“ جي نالي سان حيدرآباد توڙي ڪراچي ۾ سکن جا ٻہ اشاعتي ادارا ھوندا ھئا جن سک ڌرم تي سوين ڪتاب ڇپرايا ۽ انهن ڪتابن ذريعي انهن سنڌ ۾ پنهنجي دين ڌرم جي بہ ڳالھ ڪئي ۽ سنڌ ۾ مذھبي رواداري جا مثال بہ قائم ڪيا .اھا سوسائٽي حيدرآباد ۾ تہ اڳ ۾ قائم ٿي پر ڪراچي ۾ اھا 1926 ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ٻنهي سوسائٽين جيڪي ڪتاب شايع ڪرايا انهن جي تعداد جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ مھيني ۾ ھڪ ڪتاب شايع ٿيندو ھيو. حيدرآباد واري سوسائٽي الڳ ڪتاب ڇپرائيندي ھئي ۽ ڪراچي واري سوسائٽي الڳ ڇپرائيندي ھئي. 1926 کان وٺي 1947 تائين 20 سالن ۾ في سال جي حساب سان سنڌ جي سکن 24 ٽرئڪٽس ڇپرايا جيڪي ويھن سالن ۾ 500 کان مٿي ٿين ٿا. گل حيات انسٽيٽيوٽ سکن جي عملي ادبي ۽ سياسي خدمتن کان علاوه ھن قسم جي ڪتابن بابت بہ معلومات گڏ ڪئي آھي.
مان 500 ڪتابن جي لسٽ تہ ھتي ڏئي نٿو سگهان، پر انهن مان ڪن جا نالا مثال طور ڏيان ٿو. اهي ھن ريت آھن: “بلي ۽ راڌي( 1926) “ بابا ديپسنگه شھيد“ (1927) “ پياري جي جڳنناٿ ياترا“( 1928) “ ستونت ڪؤر“( 1929)“ٻال پريتم“( 1930)“ ڪمار اجيت سنگه“) 1931)“ نراس پريمي“( 1931) “ ھيراجواھر“( 1931)“ صوف“( 1932)“ خلق ۾ خالق“( 1937) “ ڪماليت جو صاحب“ “ معصوميت“ ملڪ ڀاڳو“( 1932)“ پتورت ناريون“( 1931)“ ڦاٽڪ بردار“( 1938)“ چوٻي پريتم“( 1932)“ شھيد مالھا“( 1931)“ دل جو درد“(1934)“ چمن جو ميوو“( 1935)“ وغيره.
گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي قومي ۽ تاريخي ذميوارين کي نھايت محبت ۽ محنت سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي .اسان جون اھي محنتون تڏھن ساڀ پونديون جڏھن سنڌ جا سڄڻ جاڳي پوندا ۽ اسان جي ميڙي چونڊي مان ڪو فائدو وٺندا. ( ممتاز پٺاڻ)