گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
“ گل حيات ۾ جاسوسي ادب Detactive literature جي ميڙي چونڊي“
اسان ڳالھيون ڏاڍيون وڏيون ڪيون آھن ۽ ڪندا آھيون، پر ڪم ڏاڍو گھٽ ڪيو آھي. مثال طور تاريخي تحقيق ۾ اوترو ڪجه نہ ڪيو آھي جيڪو سنڌ جي شاندار ماضي جي تقاضا آھي. اسان کي جيڪي تاريخ تي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ملن ٿا انهن ۾ ڪيترائي جهول آھن .مثال طور مواد جي ڪمي ۽ ليکڪ جي پسند يا نا پسند اسان کي معياري تاريخ کان محروم ڪيو آھي. جيتري قدر ادبي تاريخن جو احوال آھي اھي بہ مختلف زاوين کان نہ لکيون ويون آھن .جڏھن تہ اسان کي سمورا زاويا ذھن ۾ رکي ڪري ادبي تاريخ لکڻ گھرجي. اسان انهي سلسلي ۾ مختلف موضوعن کي ذھن ۾ رکي ۽ مختلف مضمونن کي ڌيان ۾ رکي ادبي تاريخون لکي سگھئون ٿا .جھڙوڪ: “ مذھبي ادب جي تاريخ“. “ سياسي ادب جي تاريخ“،“ ٻاراڻي ادب جي تاريخ“، “ تاريخي ادب جي تاريخ“، “ عورتاڻي ادب جي تاريخ“، “ لوڪ ادب جي تاريخ“ ۽ “جاسوسي ادب جي تاريخ“ وغيره وغيره. ادبي تاريخن جا ڪتاب سمورن موضوعن ۽ مضمونن جي حوالي سان لکي سگهجن ٿا.
سنڌي ۾ شروع کان وٺي “ جاسوسي ادب“ تخليق بہ ٿيندو رھيو آھي ۽ ترجمو بہ ٿيندو رھيو آھي. پر ھن وقت تائين انهي کي موضوع بڻائي ڪنهن ڪم نہ ڪيو آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۽ سندس باني انهي حوالي سان جس لھڻن ٿا جو ھن اداري طرفان نہ فقط نت نون موضوعن کي مانوس ڪرايو ويو آھي، ليڪن انهن تي چڱو خاصو مواد پڻ گڏ ڪيو ويو آھي. اھا ئي گل حيات انسٽيٽيوٽ جي نماڻي مگر وڏي خدمت آھي. جنهن کي اسان ھن وقت محسوس نٿا ڪيون، ليڪن ڪو وقت ضرور ايندو جو اسان جون محبتون ۽ محنتون محققن کي ياد اينديون. تاريخي تحقيق جي حوالي سان اھا اسان جي والد صاحب جي سوچ ۽ لوچ آھي جن جي ڪري اسان جي تاريخ جي مختلف زاوين تي نظر پوي ٿي ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ جو اتساھہ پيدا ٿئي ٿو.
سنڌي ۾ “جاسوسي ادب“ تمام آڳاٽو آھي ۽ ھن قسم جي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ خاص ادارا قائم ٿيل ھوندا ھئا. ڏنو مل بصر مل حيدرآباد جو ھڪ مشھور ۽ آڳاٽو ڪتب فروش ھيو ھن ڪيترائي جاسوسي ناول ڇپرايا مثال طور 1914 ۾ مرزا قربان علي بيگ ۽ مرزا مدد علي بيگ جو “ مسٽريز آف حيدرآباد عرف ڪامل عيار“ جي عنوان سان جاسوسي ناول ڇپرايو. ھن ڪتب فروش ٻيا بہ جاسوسي ناول ڇپرايا جن مان “حيرت انگيز عرف شھزادو“ ، “ طلسم حيرت “ ۽ “عقل چرخ بھادر جاسوس“ ذڪر لائق آھن. انهي ئي ڪتب فروش جنوري 1919 کان وٺي “ جاسوسي ناولس اخبار“ شروع ڪئي جيڪا نالي ۾ تہ اخبار ھي پر دراصل اھو لڳ ڀڳ 32 صفحن وارو رسالو ھيو جنهن ۾ قسط وار جاسوسي ناولن کان سواءِ مضمون، خبرون ۽ لطيفه پڻ ڏنا ويندا ھئا. انهي کان پوءَ حيدرآباد مان ئي خوشيرام موٽو مل ھيراننداڻيءَ جي مئنيجري ۾ “ماھوار ناول اخبار“ جاري ٿي جنهن ۾ پڻ جاسوسي ناول بہ قسطوار ڇپبا ھئا.“ مسٽريز آف دي ڪورٽ آف لنڊن“ جھڙو جاسوسي ناول جيڪو ماستر ھاسومل پيسو مل ليلا راماڻيءَ جو ترجمو ٿيل ھيو اھو 1923 واري سال ۾ ھن “ماھوار ناول اخبار “ ۾ شايع ٿيو. مئي 1937 ۾ ڪراچي منجهان “ سنسار چڪر“ جي نالي سان رسالو شايع ٿيو جنهن جو پبلشر ھوندراءِ پھلاج راءِ ھيو. ھن رسالي ۾ انگريزي ۾ لکيل جاسوسي ناولن جو ترجمو ڏنو ويندو ھيو پر اصلي ليکڪن جو نالو ڪونہ ڏنو ويندو ھيو. جن مترجمن اھي ناول ترجمو ڪيا انهن منجهان ھاسو مل پيسو مل ناٿاڻي، ھيرانند طالب، محمد بخش سڪايل ۽ دولترام ڪلياڻي جا نالا ذڪر لائق آھن.
“سنسار چڪر“ ۾ کوڙ سارا جاسوسي ناول شايع ٿيا انهن منجهان 38 ناولن جي لسٽ منهنجي اڳيان پئي آھي جن منجهان ڪجه نالا ھيٺ ڏيان ٿو: “ لعل چٺي“ “ موت جو تجلو“ “ ڀيانڪ وڇون“ “ خون جو پياسي“ “ خون جي تلاش“ “ سفيد ڀوت“ “ خوني اک“ “ ڀيانڪ بدمعاش“ “ ٽرين ۾ خون“ “ غئبي خون“ “ دشمن“ “ شيطان جي کوپڙي“ “ رازداري خوني“ “ شريف شيطان“ “ ڪرامتي انسان“ “ خوني تلوار“ “ قھري تلوار“ “ قاتل ڏينڀو“ “ ڦاسي“ “ نقاب پوش“ “ طوفان“ “ زھري تير“ “ موتمار بجلي“ “ زھري زخم“ “ دغا“ “ خوني بدلو“
ھنن جاسوسي ناولن سنڌي ۾ پڙھندڙن جو ھڪ وڏو حلقو تيار ڪري ورتو ۽ ماڻھن ۾ ڪتب بيني جو چاھ پيدا ٿيو. پڙھندڙن جي انهي ذھني لاڙي کي ڏسي ٻين ڪتب فروشن ۽ پبلشرن بہ جاسوسي ناول شايع ڪرڻ جو آغاز ڪيو. مان ھتي سمورن ڪتب فروشن يا پبلشرن جو تہ تفصيل ڏئي نٿو سگهان، ان ڪري فقط سکر جي“ ھري سنگ ائنڊ سنس “ طرفان شايع ٿيل ڪن جاسوسي ناولن جو مختصر وچور ڏيان ٿو. انھن مان هي جاسوسي ناول 1926 تائين شايع ٿيا هئا: “ ڊبل خون“ “ خوني نقاش“ “ گپت غفا ڊبل ڊاڪو“ “ زھري خنجر“ “ خوني چڪر پرو ٽيا جاسوس“ “ فرينچ ڊاڪو ۽ قھري ڪاغذ“ “ امير ڊاڪو ۽ نازين چور“ “خوفناڪ قاتل“ “ جاسوسي جنگ“ “ خوني ڊاڪٽر“ “ جيرو جاسوس “ “ موھن لعل هاسوس“ وغيره.
اڄ جي ھيءَ پوسٽ پڻ ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي تہ مان پنهنجي محققن ۽ ليکڪن جو توجه انهي ڳالھ ڏانهن ڇڪرائي سگهان تہ اسان جي ادب ۽ تاريخ جا کوڙ زاويا آھن جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. وري آئون پنهنجا لفظ ورجايان ٿو تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۽ اسان جي دلين جا دروازا سدائين محققن ۽ ليکڪن لاءِ کليل رھندا. ( ممتاز پٺاڻ)