textgram 1555665371

گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
“ آڳاٽن اشاعتي ادارن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
    1853 ۾ سنڌي ٻولي جي موجوده لپي ٺھي پر سنڌي ڪتابن جي ڇپجڻ جو آغاز انهي کان بہ اڳ ٿيو. جڏھن سنڌ ۾ اڃا پرنٽنگ پريسون عام نہ ٿيون ھيون تہ سنڌي جا ڪتاب گڏيل ھندستان جي ٻين شھرن منجهان بہ ڇپبا ھئا. انهي موضوع تي مان ھڪ الڳ تفصيلي پوسٽ لکي چڪو آھيان. 
سنڌ ۾ جڏھن پرنٽنگ پريسون عام جام ٿيون تہ انهي جي نتيجي ۾ اشاعتي ادارن قائم ٿيڻ جو سلسلو بہ شروع ٿيو ۽ سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اھي اشاعتي ادارا قائم ٿيا ، جن منجهان ھري سنگ ائنڊ سنس سکر، ف
پوڪر داس ائنڊ سنس، ڪوڙومل ساهتيہ منڊل حيدرآباد، نئين دنيا ڪتاب گھر ڪراچي، ھيمنداس بوڪ سيلر سکر، ھندو ساهتيہ پرڪاشن کيانتو ٽنڊو، نيو جيون ساهتيہ منڊل حيدرآباد، ڪھاڻي ساهتيہ منڊل حيدرآباد، ڏنو مل ائنڊ سنس حيدرآباد، رتن ساهتيہ منڊل ڪراچي، نيو جيون ساهتيہ منڊل نواب شاھ، ھندستان ساهتيہ منڊل ڪراچي، نوجوان ساهتيہ منڊل ڪراچي، سندر ساهتيہ منڊل ڪراچي، شوالداس نارائڻ داس ڪتب فروش سکر، محمد عظيم تاجر ڪتب شڪارپور، ڏنو مل بصر مل تاجر ڪتب حيدرآباد، قومي ساهتيہ منڊل ڪراچي وغيره ذڪر لائق آھن. مون انگريزن جي دور جي ڪن ٿورن مگر تمام مشھور اشاعتي ادارن جا نالا ٻڌايا آھن جڏھن تہ انگريزن جي دور جي اشاعتي ادارن ۽ پرنٽنگ پريسس جي مڪمل لسٽ، جيڪا منهنجي والد صاحب ٺاھي آھي اھا گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. 
ڊاڪٽر اللہ رکئي ٻٽ سنڌ ۾ ڪتب فروشيءَ جي اوائلي تاريخ تي تحقيقي مقالو لکي ولايت مان  ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. اسان جي ڪم ۽ سندس ڪم ۾ فرق اھو آھي تہ ھن اوائلي دور تي ڪم ڪيو، جڏھن تہ اسان انگريزن جي  سموري دور جي اشاعتي ادارن ۽ پرنٽنگ پريسن تي ڪم ڪيو آھي. اڄ جيئن مان اشاعتي ادارن بابت ھي پوسٽ لکان ٿو ،تيئن ڪوشش ڪندس تہ ھڪ پوسٽ پرنٽنگ پريسن بابت بہ لکان. 
   انگريزن جي دور ۾ چئن قسمن جا اشاعتي ادارا قائم ٿيا1. پهرين قسم جا اهي اشاعتي ادارا ھئا جن جو مقصد فقط “ ڪتب فروشي“ ھيو جيئن پوڪر داس  ائنڊ سنس،ھري سنگ ائنڊ سنس ۽ مولوي محمد عظيم ائنڊ سنس وغيره. 2. ٻئي قسم جا اشاعتي ادارا ديني ۽ ڌرمي تبليغ لاءِ قائم ڪيا ويا ۽ اھي اڪثر ڪري ھندو ڌرمي جماعتن  سان واسطو رکندا ھئا. 3 . ٽئين قسم جا اشاعتي ادارا ادبي فروغ لاءَ قائم ڪيا ويا ۽ جن طرفان ادبي ڪتاب بہ شايع ٿيندا ھئا ۽ ماھوار رسالو بہ شايع ٿيندو ھيو.  جيئن سنڌي ساھت سوسائٽي پاران رسالو پڻ ڪڍيو ويو اھڙي ريت سندر ساهتيہ منڊل، رتن ساهتيہ منڊل ۽ ڪھاڻي ساهتيہ منڊل طرفان رسالا بہ نڪرندا ھئا4. چوٿين قسم جا اشاعتي ادارا وري نظرياتي ۽ سياسي تبليغ لاءِ قائم ٿيا ويا. جھڙوڪ نئين دنيا ڪتاب گھر ۽ قومي سائتيہ منڊل وغيره.
     جيڪي اشاعتي ادارا ڪراچي ۾ قائم ٿيا انهن جو تفصيلي احوال بابا سائين پنهنجي پي ايڇ ڊي واري مقالي ۾ ڏنو آھي. ان ڪري اھڙن اشاعتي ادارن جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ ضروري نٿو سمجهان. انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيل مکيه اشاعتي ادارن منجهان ھڪڙي ھڪڙي اداري تي ايم فل لاءَ مقالو لکي سگهجي ٿو ۽  انهن اشاعتي ادارن کي موضوع وار تقسيم ڪري الڳ الڳ پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي جھڙوڪ ادبي اشاعتي ادارا،نظرياتي ۽ سياسي اشاعتي ادارا ۽ مذھبي اشاعتي ادارا وغيره.    جيتوڻيڪ انگريزن جي دور ۾ مسلمان بہ اشاعتي ادارن قائم ڪرڻ ۾ پٺتي نہ رھيا پر وڏو انگ ۽ ادارن جو وڏو تعداد ھندن جي ئي ھٿ ۾ ھو. مذھبي اشاعتي ادارن ديني اختلافن کي ضرور وٺرايو پر ادبي ۽ قومي اشاعتي ادارن ھندو مسلم اتحاد کي قائم رکڻ لاءَ ھندو توڙي مسلمانن جون لکڻيون ۽ ڪتاب شايع ڪيا. اھا حڪمت عملي رسالن کي جاري ڪرڻ ۾ بہ ڪم آندي وئي. مثال طور شڪارپور مان نڪرندڙ “ سنڌو“ رسالو ھيو تہ ڪانگريسي سوچ رکندڙ ماڻھن جي ملڪيت، پر انهي رسالي ۾ دل کولي مسلمان ليکڪن ۽ شاعرن کي لکڻ جو موقعو ڏنو ويو.اھو تہ مون رسالي جو مثال ڏنو. پر اشاعتي ادارا بہ ھندو مسلم اتحاد کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھيا. مثال طور حيدرآباد جي “قومي ساهتيہ منڊل“ طرفان شايع ٿيل ڪتابن تي نظر وجهو. ھي منڊل حيدرآباد جي عامل ڪالوني ۾ ھوندو ھيو ۽ ڀيرو مل ايسر داس انهي جو سيڪريٽري ۽ پبلشر ھوندو ھيو. ھن منڊل جيڪي ڪتاب شايع ڪيا انهي جو وچور تہ آئون پوءِ ڏيندس پر پنهنجي ڳالھ تي اڳ ۾ ٽيڪو ڏيان تہ اھڙن اشاعتي ادارن ھندو مسلم اتحاد کي قائم رکڻ ۾ وڏا جتن ڪيا. اپريل 1944 ۾ ھن منڊل طرفان“ آلاپ وطن“ ڪتاب شايع ٿيو جنهن ۾ شاھ لطيف، سچل سرمست ،حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، غلام احمد نظامي، محمد بخش واصف، مرزا اسد بيگ، سوڀراج نرملداس فاني، ڪشن چند بيوس، نرمل جيوتاڻي، ھري دلگير، ھوندراج“ دکايل“ گوبند مالھي، نارايڻ شام وغيره جو ڪلام ڏنو ويو آھي. ھن منڊل ڪيترن شخصيتن تي ڪتاب ڇپرايا جن مان اللہ بخش سومرو، سڀاش چندر بوس،گانڌي، جواھر لال نھرو،ابو الڪلام آزاد وغيره ذڪر لائق آھن ھي اشاعتي ادارو سال ۾ خريدار کان 8 روپيه وٺندو ھو ۽ 800 صفحن جيترو مواد مھيا ڪندو ھيو.  ھري سنگ، پوڪر داس ۽ محمد عظيم تمام گھڻا ڪتاب ڇپرايا جن ۾ ناول، قصا، طب تي ڪتاب،  ڌرمي ڪتاب، اسلام تي ڪتاب، شاعري جا ڪتاب، ڪافين جا ڪتاب، آکاڻين جا ڪتاب، لوڪ ادب جا ڪتاب، ڊڪشنريون، ديوان وغيره اچي وڃن ٿا. اشاعتي ادارا گھڻا آھن ۽ انهن طرفان شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد سون  ۾ آھي .جن جو ھڪ پوسٽ ۾ تفصيل ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. بس گذارش ھي ڪرڻي آھي تہ انگريزن جي دور جي اشاعتي ادارن ۽ شايع ٿيل ڪتابن تي جڏھن بہ ڪو ساٿي ڪم ڪندو تہ ھن کي گل حيات جو ڀيرو ضرور ڪرڻو پوندو.  دوست اھا ڳالھ نوٽ ڪن تہ   گل حيات انسٽيٽيوٽ نت نون موضوعن کي نہ فقط مانوس ڪرايو آھي پر انهن بابت مواد بہ گڏ ڪيو آھي.( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes