(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ شاعر نہ ھئا پر شاعري ڪيائون“
ماڻھو جڏھن پاڻ جھڙن ماڻھن کي راضي ڪرڻ ۽ انهن کان مڃتا وٺڻ تي لاھي پاھي بيھندو آھي تہ ھو پنهنجي سوچن ۽ لوچن ۾ ڪا نواڻ پيدا نہ ڪري سگهندو آھي. ڳالھ دلچسپي ۽ محبت جي آھي ۽ نہ ڪي مڃتا يا مطلب جي. منهنجي بابا سائين انهي ئي اصول مطابق سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪيو آھي ان ڪري اھڙن موضوعن کي روشناس ڪرايو اٿس، جنهن تي اڃا محققن جي نظر نہ پئي آھي. مثال طور اڄ جي موضوع کي ڏسو جنهن کي مون چونڊي اڄ ڪجه ويچار ونڊڻ چاھيان ٿو.
ھر ڪو ماڻھو شاعري کي پسند تہ ڪندو آھي پر شاعري ڪرڻ ھر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪونهي. پوء بہ سنڌ لطيف جي نگري آھي ۽ لاکيڻي لطيف شاعري کي ايترو تہ مشھور ۽ مقبول بڻايو جو سنڌ جي شاعرن جو تعداد شايد پاڪستان جي ٻين ٻولين جي شاعرن کان وڌيڪ آھي.
سنڌ جي شاعرن کي اسان ٽن قسمن ۾ ورھائي سگهون ٿا. ھڪڙا اھي شاعر آھن جن شاعري تہ ڪئي پر اھا انهن پاڻ کان يا سندن پونئيرن کان محفوظ ٿي نہ سگهي. ٻئي قسم جا اھي شاعر آھن جن جو ڪلام يا شعر محفوظ ٿيو ۽ اسان تائين پھتو. ٽئين قسم جا شاعر اھي آھن جن شاعري ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪئي پر اھي نہ تہ شاعر ٿي سگهيا نہ وري شاعري سان پوء ايترو شغف رکيائون .ھن ٽئين قسم جي قلم ڌڻين کي اسان اھو چئي سگهئون ٿا تہ اھي شاعر نہ ھئا مگر ڪجه شاعري ضرور ڪيائون. اڄ انهن مان ڪن جو ذڪر ڪندس.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي وڏو شاعر ھيو، بلڪه مشھور شاعرن جو استاد ھيو. ھن ڏاڍي شاعري ڪئي جيڪا ان وقت جي رسالن ۾ تہ ڇپبي ھئي پر ڪتابي صورت ۾ نہ شايع ٿي. ھن جي نهن ڊاڪٽر شمس عباسئ سندس شخصيت ۽ خدمتن تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي ڪلام تي ھڪ الڳ باب پڻ ڏنو اٿس، پر ھن جي ٽڙيل پکڙيل شاعري جو انتخاب نہ ڏنو اٿس .ھتي ھن جي شاعري جو ڪجه مثال ڏجي ٿو جيڪو جولاء 1933 ۾ “ ڪراچي مان نڪرندڙ ڪاميابي“ رسالي ۾ ڇپيو:
شاھن جو شه شافع محشر صلي اللہ عليه وسلم.
راه ٿڙين جو ھادي رھبر صلي اللہ عليه وسلم.
نور خدا منظور خدا محبوب خدا مقبول خدا.
سڀ کان پيارو پاڪ پيغمبر صلي اللہ عليه وسلم.
سندس پٽ حڪيم “ احسن“ پڻ شاعر ھيو پر سندس ڪلام بہ نہ گڏ ڪيو ويو ۽ نہ ئي محفوظ ٿي سگهيو. ھن جو ڪجه ڪلام گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ محفوظ آھي آگسٽ 1941 جي “سندو“ جي 21 صفحي تي جيڪا سندس شاعري شايع ٿي آھي ان جو مثال عرض رکجي ٿو:
ڏسون سي ڏينهن تہ آزادي جا اکين سان اڄ،
ٻڌون وري جي چون چوطرف مبارڪ باد.
اي ھند واسي ملي پاڻ ۾ ٿي سڀ “ احسن“،
پريم، ايڪي سندو اڄ ڪيو پڪو بنياد.
مولانا دين محمد “ وفائي“ بہ شاعري ڪئي پر سندس ڪلام شايد محفوظ ٿي نہ سگهيو .ھن جي شاعري جو نمونو مرحوم اللہ بخش سرشار عقيلي نئين زندگي رسالي جي مئي 1953 واري پرچي جي صفحي 21 تي ڏنو آھي. اھي تہ انهن شاعرن جا مثال آھن جيڪي شاعر بہ ھئا پر سندن ڪلام ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي نہ سگهيو .ھاڻي اچو انهن ليکڪن تي جيڪي قلم ڌڻي تہ ھيا پر شاعر نہ ھيا.ان ھوندي بہ سندن ٿوري شاعري ملي ٿي.
اھڙن ليکڪن مان روچي رام گنگارام سڏاڻي ھڪ آڳاٽو ليکڪ آھي. ھن تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. ھن جا شاعري تي ڪتاب ڪونہ آھن پرجيڪا شاعري ڪئي اٿس اھا بيتن تي مشتمل آھي جن منجهان ھڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو.:
پکيئڙا پر ڏيھہ جا لامين ات لڏن،
پايو پيچ پريت جا سي ڪوڏين ٿا ڪڏن.
وسريو وڃي تن، تہ ڪو ايندو وقت وڇڙڻ جو.
ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي سنڌ صوبي جي ڪانگريس پارٽي جو صدر ھيو. بنيادي طور تي سياستدان ھيو ۽ ھن جا ڪجه شعر ملن ٿا. جڏھن تہ ھن جي شاعر جي حيثيت ۾ ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪانهي. سندس ڪلام جو نمونو ملاظہ ڪريو:
وري ورندو وارو تنهنجو، ھمت ھار نہ ھاري،
ڏکيا لنگهيا ڏينهڙا سندءِ، آھ سکن سندي تياري.
حق ملي حقدارن ھاڻي، چؤ چؤ ٿي چوڌاري،
سندس اھو شعر “ سنڌو“ رسالي جي جنوري 1947 واري پرچي ۾ ڇپيو ھيو.
رحيمداد مولائي “ شيدائي“ تاريخ نويس ھيو ھن صحافت بہ ڪئي ۽ “ شيدائي “ جو تخلص بہ استعمال ڪندو ھو، پر ھن جي ڄاڻ سڃاڻ شاعر واري نہ پر محقق واري ھئي. سندس ھڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو جيڪو ھن 1936 ۾ لکيو :
جن ٻاڏايو ٻين کي سي مورک شال مرن،
دھشت سندي دم کان ٿا ڪائنرا ڪنبن،
مورت پسي من ۾ ٿا “ شيدائي“ مرڪن.
سي ڪيئن بيک گھرن؟ جي اصل آڪاسي ھئا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جڳ مشھور محقق ھيو، مگر شاعر ڪونہ ھيو پر سندس شاعرانه ٻول سنڌي ادبي بورڊ جي “ مھراڻ“ رسالي جي“ شاعر نمبر“ ۾ ڏنا ويا آھن.
رسول بخش پليجو جڏھن سنڌ مدرسي ۾ پڙھندو ھيو تہ ھن ان وقت شاعري ڪئي. قائد اعظم محمد علي جناح جي شان ۾ سندس شاعري سنڌ مدرسي مان نڪرندڙ مخزن ۾ شايع ٿي ھئي. “ نئين دنيا“ جي جنوري 1956 واري پرچي جي 21 صفحي تي سندس شاعري شايع ٿي، جيڪا اڄ بہ ڪيترا نوجوان مثال طور چوندا ۽ ٻڌائيندا آھن جيڪا آھي:
جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاھيندا اچون،
نون سرن ۾ زندگي جو گيت ڳائيندا اچون.
نئين زمين تي ھڪ نئون جهان بڻائيندا اچون،
نئين جهان تي ھڪ نئون جهان بڻائيندا اچون.
نئين جهان تي ھڪ نئون فلڪ وڇائيندا اچون.
جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاھيندا اچون.
رسول بخش پليجو بنيادي طور تي سياستدان ھيو. ھن جو شاعري سان دائمي طور تي شغف ڪونہ ھيو. پر جيڪا ٿوري شاعري ڪيائين اھا اھم آھي.ھن جي شاعري گل حيات ۾ موجود آھي.
محمد ابراھيم جويو وڏو دانشور ۽ سنڌ جو ڏاھو ھيو. ھن جي ڄاڻ سڃاڻ بہ شاعر جي حيثيت سان ڪانهي. آڪٽوبر 1967 جي “ نئين دنيا “ رسالي جي صفحي 12 تي سندس طويل شاعري شايع ٿي جنهن مان مثال ھيٺ ڏجي ٿو:
پرستش جنهن کي پنهنجي آھ، سو انسان ئي ناھي،
وطن جي حب جنهن کي ناھ، سوانسان ئي ناھي،
پراون جي اڳيان پڇ- لوڏ ھرھر ۽ تکي تڪڙي،
۽ پنهنجن تي ئي باھو باھ، سو انسان ئي ناھي.
رکي روزا، نمازون ٿو پڙھي، ۽ حج پڻ ھر ھر،
بندن سان ناھ جنهن جو ٺاھ، سو انسان ئي ناھي. ڪري منهن تي خوشامند ۽ اٿس پر پٺ گلا غيبت،
تنهن بزدل سان ڪنهن جو ڇاھ؟ سو انسان ئي ناھي.
منهنجا پڙھندڙ دوست مون سان انهي ڳالھ ۾ متفق ٿيندا تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ نہ رڳو نوان موضوع مانوس ڪرايا آھن، ليڪن انهن تي مواد پڻ گڏ ڪيو آھي. شل اسان جو نماڻيون ڪوششون قوم کي قبول پون.( ممتاز پٺاڻ)