ممتاز پٺاڻ
تڏهوڪي سنڌ اسيمبلي ميمبر سيرو مل وشنداس جي هندن جي ڏکوئيندڙ صورتحال بابت سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير
(سيرو مل وشنداس هيءَ تقرير 16.03.1949 تي ڪئي.)
آئون اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته گذريل سال لاڙڪاڻي ۾ هندو ڪانفرنس ٿي هئي جن ۾ هندن اعلان ڪيو هو ته اسان هندو پاڪستان جا وفادار ٿي رهنداسين ۽ پاڪستان ۾ رهنداسين ۽ پاڪستان ۾ مرنداسين ۽ جيئنداسين.
هندن جي پنگتيءَ زندگي ۾ سوين رڪاوٽن اچڻ ڪري هنن پنهنجا ٻار ٻچا هندوستان موڪليا ۽ انهيءَ سبب ڪري هو پنهنجا ٻار ٻچا واپس نٿا گهرائين. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ڪن هندوستان عمر ۾ ڪو نه ڏٺو آهي. جن جي زمينن ۽ جاين کي لاءِ وارث ڪيو ٿو وڃي سو اهو سنڌ گورنمينٽ جو فرض آهي ته انهن جي ملڪيت جي پوري پوري حفاظت ڪن. مان اوهان کي هڪڙو مثال پيش ڪريان ٿو ته مسٽر شيوارام جيڪو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج مقرر ٿيل هو ۽ هن کي هٽائي سب حج ڪيو ويو آهي ڇا جي ڪري جو هن جا ٻار ٻچا هندوستان ۾ رهن ٿا ۽ پاڻ هتي رهي ٿو. مان اوهان کي يقين ڏيارڻ ٿو گهران ته جيڪي هندو رهيل آهن سي پاڪستان سان وفادار آهن. هندوستان ۾ رهيل هندو واپس اچڻ لاءِ تيار آهن بشرطيڪه هنن کي حق حقوق ڏنا وڃن ۽ جن جي زمينن ۽ جاين تي قبضا ٿيل آهن سي کين موٽائي ڏنيو وڃن. آئو اوهان کي اهڙي بي جائز قبضا جو مثال ڏيان ٿو ته حيدرآباد ۾ پناهگيرن هڪ ٽڪاڻي تي قبضو ڪري ويٺا آهن. اهو مان کين عرض ڪري رهيو آهيان ۽ نه کين Complain ڪريان ٿو ڇاڪاڻ ته اهي حڪم هنن کان اڳ پاس ٿيل آهن تنهن کانسواءِ جيڪا Statement ڏني هئائون اها Statement تازي اطلاعات سنڌ ۾ ڏني وئي آهي. مون کي خبر آهي ته اهو انجام پورو ڪيو ويو مگر هنن کان اڳ ۾ جيڪو ٿيو آهي سو ته بيٺل ماڻهو جيل ۾ Rot ٿي رهيا آهن جن کي پڇڻ وارو ڪوئي ڪونهي انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ گهران ٿو . انهن مان هڪڙو آهي پروفيسر نانگراڻي اهو هڪ Respectable Gentleman آهي. هو پروفيسر صاحب هندو پئنچات جو پريزيڊنٽ شڪارپور ۾ آهي. هن هميشه هندن ۽ پناهگيرن جي شيوا پي ڪئي آهي ۽ خود مهاجرين هن مان گهڻو خوش آهن. هن هندن کي موٽائڻ جي زبردست ڪوشش پي ڪئي آهي. اهڙي عزت واري وفادار ماڻهوءَ کي تعجب جي ڳالهه آهي چيو وڃي ٿو ته رفيوجيز ۾ دست اندازيءَ سبب بند ڪيو ويو آهي. مون کي خبر نه ٿي پوي ته هن ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي جنهن کان هن کي بند ڪيو ويو آهي. ٻيو آهي تيبا ڀائي، هي اهو ماڻهو آهي جنهن سنڌ ۾ ويونگه يعني ڪَتڻ کي ڪامياب ڪيو ۽ پاڻ به ويونگه جو ڪم ڪندو هو هن اهڙا ڪيترا اسڪول کوليا آهن ۽ نوابشاهه ۾ به اهڙو اسڪول کوليو اٿس ۽ هن هندوستان ڏانهن وڃڻ جو ڪڏهن به خيال نه ڪيو ۽ چيائين ته مان هتي پاڪستان ۾ پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندس ۽ هندوستان نه ويندس. هن کي هندوستان ۾ به ويونگه جا اسڪول آهن انهيءَ تهمت هيٺ هن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ ڏوهه هيٺ کيس جيل ۾ رکيو ويو آهي. جنهن کي ڇهه مهينا ٿي چڪا آهن. ٽيون آهي چيتا سنگهه. هن کي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو آهي هن وٽان جيلر جي صحيح ۽ مهر سان خط آيل آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته هو هڪ وڏو زميندار آهي جنهن کان ٽي هزار ايڪڙ زمين زوريءَ ڦري وئي آهي ۽ چار هزار ڌاڙيل ڦري ويا آهن ۽ پڻ هن جي زال ۽ ڌيءَ مسلمان ڀڄائي کڻي ويا آهن. وڌيڪ لکيو اٿس ته هن ڪيتري عرصي کان اهي ڪيس داخل ڪيا آهن پر اهي ڪيس هلايا نه ٿا وڃن. پاڻ ماجسٽريٽ تي مٿس زور بار وجهن ٿا ته ڪيس نه هلائي ۽ واپس وٺي.
اها ڳالهه ان خط ۾ لکيل آهي. مان اها خبر پنهنجي خاطري بعد ڏيان ٿو. جناسب اسپيڪر صاحب توهان کي خبر آهي ته اسان کي هندو پريس ڪو نه آهي ۽ جيڪڏهن آهي به ته پاڪستان کان ٻاهر جنهن ڪري اسان هندوستان ڏانهن اهي شڪايتون به نٿا موڪليون.
تنهن جي معنيٰ ڪيس ڪو نه آهي ڇا ۽ هيءُ خط سينٽرل جيل جي جيلر جي صحيح ۽ سرڪار جي ٺپي سان ”B“ ڪلاس جي ماڻهوءَ کان آيل آهي. تنهنڪري اهو جعلي ٿي نٿو سگهي يا ڪنهن چرئي جو لکيل ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري اهي حقيقتون سمجهڻ گهرجن. تنهن کان پوءِ چوٿون بابر ڪشچند جو اوهان جو واقف آهي. هن جي ٽيهن هزارن جي ملڪيت پنجن هزارن ۾ وڪرو ڪئي وئي آهي ۽ کيس جيل ۾ رکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ جيل ۾ رکڻ لاءِ گورنمينٽ کي ڪو به سبب ڪو نه آهي هو پاڪستان سان وفادار آهي ۽ پاڪستان ۾ رهڻ گهري ٿو. انهن ڳالهين تي مون کي اميد آهي ته آنربل منسٽر ڌيان ڏيندو ۽ خاص نظر رکي هن کي پورو پورو انصاف ڏيڻ ۾ اچي.
مسٽر سيرو مل وشنداس: ائين برابر آهي پر ڌيءُ ۽ زال موٽي کيس ڪو نه مليا آهن. تي ڪيس داخل ڪيا اٿس پر هن تي زبردستي ڪئي وڃي ٿي ته ڪيس واپس وٺي توهان مهرباني ڪري جاچ ڪريو اهو ماڻهو چريو نه آهي. جيڪڏهن سچ پچ هن سان ظلم ٿيو آهي ته هن سان انصاف ڪندا ۽ کين آزاد ڪندا. جيتري مهرباني ٿي سگهن سان ڪندا. ٻيو هڪڙو سندرداس آهي جو ڇوڪرو آهي هو زميندار به آهي. هن جي ائڊريس تي چون ٿا ته هڪ خط سنڌيءَ ۾ آيو آهي جنهن ۾ ڪجهه گهٽ وڌ لکيل آهي هن کي اهو خط اڃا پهتو ڪو نه آهي ته انهيءَ خط جي آڌار تي کڻي هن کي جيل ۾ وڌو اٿن خط ڪهڙو آهي ۽ نه کيس پهتو آهي. اهو ڏسبو ته پاڻيهي ظاهر ٿيندو اهو ڪنهن جو خط لکيل آهي ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن دشمنيءَ سبب هن کي اهڙو خط لکيو آهي. تنهن ڪري جڏهن خط ڏسبو ته پوءِ اها ڳالهه ظاهر ٿيندي. جناب صدر وقت پورو ٿي ويو آهي تنهن ڪري مان وڌيڪ نه چوندس پر پڇاڙيءَ ۾ ايترو عرض ڪندس ته اهي ڳالهيون جي مون ٻڌايون تن جي مان خاطري ڏيان ٿو ۽ اهو به ٻڌائڻ گهران ٿو ته اسان جي پارٽيءَ جا ميمبر يا جيڪي به هتي سنڌ ۾ هندو رهيل آهن اهي هتي پاڪستان ۾ ايمانداريءَ سان رهڻ گهرن ٿا ۽ اهي 5th Columists نه آهن ۽ نه ٿيندا. مهرباني ڪري هنن جون دليون ورتيون وڃن ۽ هنن جون قسمين قسمين تڪليفون جي هن کي درپيش آهن سي مهرباني ڪري دور ڪيون وڃن جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته جيڪي هندو رهيا پيا آهن، اهي هندوستان ڏانهن ويل هندن کي موٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ سنڌ ۾ واپس اچي رهندا