(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” گل حيات ۾ موجود تعليمي ادارن جون مسيلنيون ۽ مخزنون“
اڄ اسان جي زماني ۾ جيڪو ٿو گھران رسي اھو استاد برادري تي اچي ٿو ڇوھہ ڇٽي. استاد برادري کي پنهنجي حقن جي جاکوڙ ڪرڻ تي سرڪار طرفان لٺيون وھائڻ ۽ مٿا ڦاڙڻ معمول بڻجي چڪو آھي. وري غير سرڪاري سطح تي ڪي مڇريا ويٺا آھن تہ استاد وڏيرن جي ڪمداري ڪن ٿا، پڙھائن ڪون ٿا ۽ ھنن جي افعالن جي ڪري نجي اسڪولن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. پر حقيقت ان جي برعڪس آھي استاد کي سرڪار پنهنجي حيثيت تان ڪيرائي اليڪشن ۽ آدم شماري جي وقت ان کان وانگاري ڪم وٺي ٿي. استاد برادري کي بدنام ڪري انهن ماڻھن جن تعليم کي واپار بڻايو آھي سي نجي اسڪول قائم ڪرڻ جو جواز پيدا ڪن ٿا. ڪاپي ڪلچر جيڪڏھن استاد جي پيداوار ھجي ھا تہ امتحاني سينٽر تي مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سميت ماڻھن جا ھجوم نہ ھجن ھا. ٻارن جي مستقبل جا دشمن حربو ھلائي استاد برادري کي بدنام ۽ بدظن ڪن ٿا. جڏھن تہ تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جڏھن جڏھن استاد برادري ۽ تعليمي ادارن جو تقدس قبول ۽ بحال ڪيو ويو تہ انهن ، ماڻھن منجهان انسان ٺاھڻ شروع ڪيا، ثقافت جي سينڌ سنواري، ٻولي جي جھولي ڀري ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي.
انگريزن جي زماني ۾ تعليمي ادارن جيڪي مخزنون ۽ مسلينيون ڪڍيون انهن ٻارن کي لکڻ پڙھڻ سيکاريو ۽ نوجوان ليکڪن کي ناميارا قلم ڌڻي بڻايو. سنڌ مدرسي منجهان “ مدرسه ڪرانيڪل“ نڪرندي ھئي، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان “ ڊي جي سنڌ ڪاليج مسلني“ نڪرندي ھئي، اين جي وي اسڪول منجهان “ نارائڻ جڳن ناٿ ھاء اسڪول مسلني“ نڪرندي ھئي ۽ ڊي جي ڪاليج حيدرآباد منجهان وري “ ڦليلي مخزن“ نڪرندي ھئي ۽ شڪارپور جي چيلارام ۽ سيتلداس ڪاليج مان “ اپر سنڌ ڪاليجين “ نڪرندي ھئي .
استادن ۽ ادارن کي جيسيتائين بااختيار رکيو ۽ بڻايو ويو تہ انهن وڏا ڪم ڪيا. تعليمي ادارن مان پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ سالياني مخزنون نڪرنديون رھيون. مون جن جن مخزنن ۽ مسيلنين جو ذڪر ڪيو آھي انهن جو چڱو خاصو تعداد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. اسان وٽ تحقيق جو ذوق ۽ شوق ڪونهي نہ تہ تعليمي ادارن جي انهن مخزنن ۽ مسيلين جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي ٻٽي پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون.
مان ھن کان اڳ ۾ ڊي جي ڪاليج مسيلني تي ھڪ پوسٽ لکي چڪو آھيان اڄ “نارائڻ جڳن ناٿ ھاء اسڪول مسيلني“ ۽ سي ائنڊ ايس ڪاليج شڪارپور جي “ دي اپر سنڌ ڪاليجين“ بابت ڪجه ڳالھيون ڪندس. پر ان کان اڳ ھي ٻڌائيندو ھلان تہ انهن مخزنن ۽ مسيلين جي انڊيڪس ٺاھڻ جو ڪم بابا سائين جي ھٿ ۾ آھي ۽ انشاءَ اللہ اھو ڪم تڪڙو مڪمل ٿي ويندو.
“نارائڻ جڳن ناٿ ھاء اسڪول مسيلني“ ششماھي ھوندي ھئي ۽ اھا 1918 کان شروع ٿي. ھن ۾ جن قلم ڌڻين جون لکڻيون شايع ٿيون انهن مقنبڪن جا نالا آھن: لالسنگ اجواڻي، آنند بجلاڻي، گوبند ڀاٽيه، نارائڻ ڪوٽواڻي، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي، سوڀراج نرملداس “فاني“، هري دلگير درياڻي، ڪشن چند بيوس، ڀڳوان واڌواڻي، نبي بخش بلوچ، ڏيارام، لالچند امر ڏنو، نانڪ ھنگوراڻي، محمد صديق قريشي، ڄيٺمل پرسرام، جمناداس سڏاڻي، ليلا رام پريم چند، پرسرام شھاڻي، صادق علي غلام حسين، ڪرمچند ھنگوراڻي ۽ سوڀوگيانچنداڻي وغيره. سوڀي گيانچنداڻي ٽئگور تي مضمون لکيو ھيو جيڪو فيبروري 1936 ۾ڇپيو ھيو ۽ انهي تي کيس انعام ڏنو ويو ھيو. آڪٽوبر 1937 واري پرچي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضمون “مارچيس مارڪوني ۽ سندس عجيب ڪارناما“ ڇپيو ھيو. ھن رسالي جو ايڊيٽر اين جي وي ھاء اسڪول جو ھيڊ ماستر ھوندو ھيو ۽ ڪو نہ ڪو شاگرد ان جو ايڊيٽر ٿيندو ھيو.
مون اڄوڪي ھن پوسٽ ۾ شڪارپور جي ڪاليج جي مخزن جي تصوير ڏني آھي ۽ اھو سال 1946-1947 جو پرچو آھي .انگريزن جي زماني ۾ جيڪي اسڪولن منجهان مخزنون نڪرنديون ھيون اھي سنڌي ۽ انگريزي ۾ ھونديون ھيون .سي ائنڊ ايس ڪاليج شڪارپور جي ھن سالياني مخزن کي “اپر سنڌ ڪاليج مخزن“ بہ چيو ويندو ھيو .ھن پرچي جي سنڌي ڀاڱي لاءِ جن شاعرن، اديبن ،استادن ۽ شاگردن لکيو آھي، انهن مان ڪي آھن: ڪشنچند بيوس، پرفسير پي ڀوراڻي، ھري دلگير، لطف اللہ بدوي، چندر سين خوبچنداڻي، احسان بدوي، ڪي. تارا شنڪر، موتي رام وليڇا، پيرم مٽائي، نارائڻ وادواڻي، سڳن آھوجا، کيئلداس فاني وغيره. ھن پرچي ۾ 1857 واري تحريڪ آزاديءَ تي ڏاڍو برجستو مضمون شايع ٿيل آھي ۽ انهي ۾ اھڙيون ڳالھيون پڻ ڪيون ويون آھن جيڪي اڳ ۾ ڪون آيون آھن. کيئلداس فاني ھن مخزن جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ھيو. سنڌي سيڪشن ستر صفحن تي مشتمل آھي جڏھن تہ انگريزي سيڪشن پنجاھہ صفحن تي مشتمل آھي. ھن مخزن ۾ شايع ٿيل شاعري منجهان ڪشنچند بيوس جو ھي شعر پيش ڪجي ٿو:
ھل ھلان جيون سفر ۾ ماڳ منزل جو بڻي،
ٿي ھلين ھيڻو مسافر ھر ھنڌان ٻئي ھنڌ کڻي،
تنهنجي سپنن ۾ سمايل آرزو انسان جي،
تنهنجي گودن ۾ نپايل چاھہ جي چنتا مڻي.
ٿو پٺيان تارو سمجهي بادل ڀرئي آڪاس ۾،
پيٽ پٿر ۾ بہ جيڪس ٿي سجهي پارس مڻي.
( ممتاز پٺاڻ