(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ ورھاڱي کان اڳ جي مشھور رسالي سنڌو بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
انگريزن جي دور ۾ ڪيترا ئي ادبي اھميت وارا رسالا جاري ٿيا. انهن مان وچين دور ۾ “ توحيد“ ۽ “ترقي“ وڏو نالو ڪمايو ۽ آخري دور ۾ وري “سنڌو“ ۽ “اديب سنڌ“ وڏو نالو ڪمايو. ٻيا بہ ڪيترائي رسالا انهي دوران نڪتا جن جا اسان کان نالا بہ وسري ويا آھن انهن مان ڪن رسالن تي ڪجه لکيو اٿم ۽ ڪجه لکندس.
“ سنڌو“ ۽ “ اديب سنڌ“ رسالا وڏي اھميت رکن ٿا انهن منجهان “اديب سنڌ “ نج ادبي رسالو ھيو جڏھن تہ “ سنڌو“ وري ادبي ۽ سياسي رسالو ھيو جنهن جو ايڊيٽر اڳتي ھلي ڪانگريس پارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بہ ٿيو. رسالي “اديب سنڌ“ تي ايم فل ڪئي وئي آھي پر “سنڌو“ رسالو اھو اعزاز ماڻي نہ سگهيو ڇو تہ اھو ھندن جو رسالو ھيو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ مشھور ھندو ايڊيٽر ۽ قلم ڌڻي انڊيا لڏي ويا ۽ سندن قلمي ڪوششن توڙي قلمي خزاني جي ايتري واھر ٿي نہ سگهي. “سنڌو “ رسالي جو مڪمل سيٽ شايد ڪنهن ھڪ اڌ ذاتي لائبريري ۾ موجود ھجي پر سرڪاري لائبريرين ۾ شايد ئي ھجي. اسان جي والد صاحب مختلف شھرن جي ذاتي لائبريرين مان، سنڌالاجي ۽ ڪن ٻين لائبريرين منجهان “سنڌو“ جا رسالا پڙھيا ۽ وڏو ڪم اھو ڪيائين تہ ان جي انڊيڪس ٺاھيائين، جيڪا اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
ھن رسالي ۾ جيڪو مواد شايع ٿيو اھو ادبي بہ آھي تہ ڪانگريس جو سياسي لٽريچر بہ آھي. ھن رسالي مصوريءَ جي فروغ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو .ڪيترن مصورن جون تصويرون ۽ پينٽنگس ھن رسالي ۾ شايع ٿيون. رسالي جي ورقن ورائڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ انهي دور ۾ ڪراچي،حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ مصوري جو فن اوج تي ھيو. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ “آرٽ اسڪول“ ھوندا ھئا ۽ انهي دور جي مشھور مصورن جي نالن جي لسٽ ٺاھبي، تہ اھا ھن ريت ٿيندي: 1. ڪماري رڪي جي. ملڪاڻي.2. ڪماري وشن آر شوداساڻي.3. ڪماري جسوتي ڪي ٿڌاڻي.4. ايشور اين جڳتياڻي.5. شريمتي مومل ٽي ملڪاڻي. 6. ڪماري ڪيول بي ملڪاڻي.7. ٺاڪر سنگه.8. ايم ڊي تريودي. 9. ايس بي ڪلڪارڻي.10. پرسرام مسند سکر وارو.11. ايڇ ايل کتري. 12. نارايڻ ورما. 13. ٺاڪر ڪر پالاڻي.
ھي رسالو ڪانگريس پارٽي جي پرچار ڪرڻ باوجود سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي حالتن ۽ حقيقتن کان منهن موڙي نہ ويٺو، پر انهن مسئلن تي لکڻ وقت “ھندو- مسلم اتحاد“ پيدا ڪرڻ لاءِ ڀر پور ڪوشش ڪيائين. ان ڪري رسالي جي ھندو توڙي مسلمان ليکڪن ۽ شاعرن “ھندو- مسلم اتحاد“ بابت گھڻو لکيو. 1941 وارن پرچن ۾ انهي موضوع تي تمام گھڻي شاعري شايع ٿي ڇو تہ “ مسجد منزل گاھہ“ جو خوني دور تازو ختم ٿيو ھيو .انهي تحريڪ ھندن ۽ مسلمانن جي دلين ۾ شڪ ۽ نفرتون پيدا ڪيون. ان ڪري سنڌ جي شاعرن “ھندو - مسلم اتحاد“ کي قائم رکڻ جي لاءِ ڏاڍي جوشيلي ۽ برجستي شاعري ڪئي. “سنڌو“ جي سيپٽمبر 1941 واري پرچي ۾ حڪيم محمد احسن جو شعر ڇپيو. جنهن ۾ ھو چوي ٿو تہ:
پياري وطن ھند جا ٻئي ستارا- ۽ ڀارت جا سينگار ھندو مسلمان،
ٻہ برتن مٽي ھڪ مان آھيون بنايل- مشين ھڪ جا اوزار ھندو مسلمان،
وطن جو ٿئي باغ سر سبز احسن- ٿيون جي وفادار ھندو مسلمان.
“ سنڌو“ جي آڪٽوبر 1941 واري پرچي ۾ کيئل داس “فاني“ جو انهي موضوع تي ڪلام شايع ٿيو جنهن جو ھڪ بند ھتي ڏجي ٿو:
مسلمان توکي نبيءَ جو قسم- بني پاڪ جي بندگيءَ جو قسم.
ھندو توکي راڌا- پتي جو قسم- اکنڊ آرتي استتي جو قسم.
سڄڻ ساڻ رھ سڪ سلؤڪت رکي- نہ ڪر درشٽ کي ڀر شٽ غيرت رکي.
ڊسمبر 1941 واري پرچي ۾ لطف اللہ جوڳي جو شعر شايع ٿيو:
سمو سخت آيو آھہ رھہ ھوشار- اٿي ڪور ڪلفت کي ٿي وڃ تيار،
وطن آھ مشڪل ۾ مشڪل کي ٽار- مسلمان ھندو جو ويڇو وسار،
جو گذري ويو ان جي ڪھڙي پچار- نہ ڪر ياد ان کي تون اڄ ڏي نھار.
سدا ديس جو گھڻگھرو ٿي گذار- مسلمان ھندو جو ويڇو وسار.
جن اھم مسئلن تي ھن رسالي ۾ گھڻو مواد شايع ٿيو اھي آھن:
1.سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي. 2. سکر ۽ اتر سنڌ ۾ ھندو- مسلم فساد.3. ڊاڪٽر گربخشاڻي طرفان ترتيب ڏنل “ شاھ جو رسالو“ جو تنقيدي جائزو.4. ڊاڪٽر داؤد پوٽي طرفان درسي ڪتابن ۾ “ اعرابن“ لڳرائڻ وارو مامرو. 5 . سنڌ جي سابق وڏي وزير اللہ بخش سومري جي شھادت . 6. سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ وارو مامرو.7. ڪوئيٽا جو زلزلو. 8. ھاسارام پمناڻي جي شھادت جو مامرو. 9. ڪبير ۽ لطيف جي شاعري جو تقابلي مطالعو وغيره وغيره.
رسالي کي ھندن يا مسلمانن جي رسالي بنائڻ بدران ٻنھي ڌرين کي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تنهن دور جي ھندو ليکڪن اسلامي تاريخ ۽ ڪردارن تي ڏاڍو بھتر ۽ اعتدال پسندي سان لکيو ڪي مثال پيش ڪجن ٿا تہ ڪھڙي ھندو ليکڪ ھن رسالي ۾ ڪھڙي موضوع تي لکيو. ملاظه فرمايو: “ موتي لعل بٽاڻي“( مغلن جي ڏينھن ۾ تعليم جي ترقي ) ،“ گوبند مالھي“( مينا مغل تاريخ جو گمنام ورق)، “ رامداس لکاڻي“( تصوف) ، ( سلطان حيدر علي)“ ، موتي لعل بٽاڻي“( ميران ٻائي ۽ اڪبر )“ پارومل ڪيولراماڻي“ ( مولوي احمد شاھ)، “ موتيرام بوٽاڻي“( بابر جو موت)، “ موتيرام بوٽاڻي“( جھانگير جو موت)“ ، ڪلياڻ آڏواڻي“ اقبال رومي جو طالب) “، پروفيسر مولچند ٺڪر “ ( مثنوي رومي مان ڪي آکاڻيون.“
“سنڌو“ رسالي مان اھو ۽ انهي قسم جو کوڙ سارو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. ڪنهن دوست جيڪڏھن ھن رسالي تي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي لاءَ مقالو لکڻ چاهيو تہ گل حيات ۽ اسان جي دلين جا دروازا هن لاء کليل رھندا. ( ممتاز پٺاڻ)