گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
“ سرشاھنواز ڀٽي بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ گڏ ڪيل مواد.“
ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست جي افق تي ڀٽي خاندان جو سج سرشاھنواز ڀٽي اڀاريو. هن سنڌ جي سياست تي وڏا اثر ڇڏيا. لاڙڪاڻي جي سياست ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اڳواڻي تي لاھورين جو اثر رسوخ ھوندو ھيو، اھو ھن ئي ختم ڪيو .سرشاھنواز ڀٽي جي زندگي ۽ سياسي خدمتن تي سڀ کان پھريون تفصيلي احوال سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “ جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڏنو آھي. ان کان پوءِ سرشاھنواز ڀٽي کي پنهنجن توڙي پراون وساري ڇڏيو. حالانڪ ھن ماڻھوءَ جي شخصيت ۽ سياسي خدمتن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪنهن دوستي يا دشمني لاڳاپي يا عدم لاڳاپي جي جذبن ۽ روين کان بالاتر ٿي ڪري نھايت غير جانبدارانہ انداز سان شخصيتن ،واقعن ۽ پارٽين تي ڪم ڪيو آھي. پوءِ انهن جو واسطو ھندن سان ھجي يا مسلمانن سان، ساڄي ڌر سان ھجي يا کاٻي ڌر سان.
سر شاھنواز ڀٽي جو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو رول رھيو آھي. ھو ڪو انقلابي اڳواڻ ڪونہ ھيو پر پنهنجي دور جو ھڪ سنجيده ۽ سرڪار- دوست رھبر ٿي رھيو. ان قربت ۽ محبت کيس اقتدار جي ايوانن تائين پھچايو. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ ڀٽي خاندان جو جيترو سياسي قد بت ھيو، اوتريون انهن کي تڪليفون ڏسڻيون پيون. بلاشڪ سرشاھنواز ڀٽي جي پٽ، پوٽئ ۽ پوٽن کي سياست ۾ سر جون قربانيون ڏيڻيون پيون، اھا حقيقيت آھي. پر، انهي ڳالھ کان بہ ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي تہ سرشاھنواز ڀٽي سياست ۾ ڏاڍيون لاھيون چاڙھيون ڏٺيون. خاص طور تي جڏھن سنڌ اسيمبليءَ جون پھريون چونڊون ٿيون تہ ان ۾ پنهنجي ئي ضلعي ۽ پنهنجي ئي تڪ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي کيس شڪست ڏني. ان جا 2 سبب ھئا پھريون ھي تہ سر شاھنواز ڀٽو پنهنجي اولاد وانگر عوامي اڳواڻ ڪونہ ھيو. ھن عوام کي مفاصلي تي رکيو اھو ايترو مفاصلو عوام وري سرشاھنواز ڀٽي سان چونڊن دوران رکيو. اھا دوري ئي فقط مجبوري ڪانہ ھئي پر سنڌ جي سياست ۾ پھريون دفعو مذھب ۽ ذات پات جي اثر ۽ رنگ مان فائدي وٺڻ جو آغاز انهي دور کان شروع ٿيو . اليڪشن جي مھم دوران پوسٽر ۽ پمفليٽ ڇپرايا ويا تہ جيڪڏھن شيخ عبدالمجيد سنڌي چونڊون کٽيون تہ کوڙ سارا ھندو مسلمان ٿيندا . بلاشڪ شيخ عبدالمجيد سنڌي عوامي اڳواڻ ھيو، ھن حڪومتن سان ٽڪر کاڌو ۽ جيل ڏٺا ۽ سرشاھنواز ڀٽي خلاف ھي ھڪ برجستو اميدوار ھيو ۽ سندس کٽڻ عوام جي سياسي بصيرت جو پڙاڏو ھئي. پر مونکي فقط تاريخ جي رڪارڊ کي درست ڪرڻ جي لاءِ اھو ٻڌائڻو آھي تہ سنڌ جي پھرين چونڊن ۾ مذھب ۽ ذات پات کي استعمال ڪيو ويو. ڪراچي ۾ حاجي عبداللہ ھارون بہ چونڊن ۾ شڪست کاڌي ۽ ھن جي حلقي ۾ جيڪي پوسٽر ۽ پمفليٽ ڇپرايا ويا ۽ جيڪو سياسي نعرو بلند ڪيو ويو اھو ھيو“ غيرت بلوچان، ووٽان بہ دي بلوچان“
سرشاھنواز ڀٽي انهن چونڊن ۾ شڪست کاڌي پر پوء بہ هن جو سياسي ڪيريئر ڪيترن ئي سياستدانن کان مٿانھون آھي. ھو جڏھن“ لاڙڪاڻہ ڊسٽرڪ لوڪل بورڊ“ جو اڳواڻ ھيو تہ ھن ضلعي لاڙڪاڻي جي خدمت ڪئي. ھو جڏھن ممبئي سرڪار ۾ وزير ھيو تہ ان وقت سکر بئراج ٺھرائڻ واري مسئلي تي وڏي ڪوشش ورتائين ۽ ان کان پوءِ جڏھن “ سائمن ڪميشن“ جو سرڪار طرفان ٿاڦيل مقامي ميمبر ٿيو تہ سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري مامري تي سنڌ جي اپر مسلم ڪلاس جي خواھشن وانگر سنڌ کي الڳ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ حصو ورتائين. انهي تحريڪ دوران سنڌ ۾ “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ نالي پارٽي ٺاھي وئي جنهن جو ھو صدر ٿيو.
سرشاھنواز ڀٽو سالن جا سال “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو صدر ٿي رھيو. انهي زماني ۾ 1927 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھندو مسلم فساد ٿيا ۽ سر شاھنواز ڀٽي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جي پليٽ فارم تان ٻين دوستن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي مسلمانن جو آواز بلند ڪيو ۽ انهن جي حق ۾ گھڻو ڪم ڪيو. جڏھن “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن “ پنهنجي پوئين پسائن ۾ اچي پھتي تہ سرشاھنواز ڀٽي ھم خيال سياستدانن سان گڏجي 1934 ۾ “ سنڌ پيپلز پارٽي ٺاھي“. پوء جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي ۽ سنڌ ۾ نئين سياسي صفبندي شروع ٿي تہ 1936 ۾ “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ٺاھي وئي جنهن جو ليڊر سر شاھنواز ڀٽو ھيو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي عبداللہ ھارون ھيو . پر ٻنهي ڄڻن چونڊن ۾ شڪست کاڌي. ھن کان پوءِ سرشاھنواز ڀٽو جهونا ڳڙھ رياست جو ديوان ٿيو ۽ پوء پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿيو.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ سر شاھنواز ڀٽي جي سياسي خدمتن بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو ويو آھي، انهي جو مختصر تفصيل ھن ريت ٿئي ٿو: 1. سرشاھنواز ڀٽي جي خاندان بابت احوال. 2. سرشاھنواز ڀٽو جيترو وقت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو صدر ٿي رھيو انهي عرصي دوران سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي گڏجاڻين جون ڪاروايون ۽ وقت جي گورنرن کي ايسوسيئيشن جي طرفان پيش ڪيل ياداشت ناما. جن جو تعداد اڌ ڊزن کان مٿي آھي. 3. خلافت تحريڪ ۽ ان طرفان ھلايل عدم تعاون تحريڪ کي گھٽائڻ لاءِ سنڌ ۾ “ امن سڀائون“ قائم ٿيون تہ سرشاھنواز ڀٽي پنهنجي ڳوٺ ۽ لاڙڪاڻي ۾ “امن سڀائون“ قائم ڪرايون. ھنن امن سڀائن جي ڪاروائين جا تفصيل. 4. ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي ۾
پارليامينٽرين جي حيثيت ۾ سر شاھنواز ڀٽي جو ڪردار ۽ مختلف موقعن ٿي ڪيل ڊبيٽس جو متن.5.“ سنڌپيپلز پارٽي“ جي قيام ۽ ڪارڪردگي بابت معلومات.6. “ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي قيام ۽ ڪارڪردگي بابت معلومات.
پوسٽ جي طويل ٿيڻ جي ڊپ کان مان اختصار کان ڪم وٺان ٿو. جڏھن تہ گل حيات سر شاھنواز ڀٽي بابت تمام گهڻو مواد گڏ ڪيو آھي. جيڪڏھن ڪو محقق يا ادارو سرشاھنواز ڀٽي جي زندگي ۽ سياسي خدمتن تي تحقيق ڪرڻ گھري تہ اسان جي دلين ۽ گل حيات جا دروازا انهن لاءِ ھميشه کليل رھندا .( ممتاز پٺاڻ)