“ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ واسين جون اردو ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“  
   سنڌ ، ھندستان ۽ پاڪستان ۾ “لساني رواداري“ جو واحد ۽ منفرد خطو آھي. ھن صوبي ۾ سنڌ واسين ھر ٻوليءَ کي عزت،مڃتا ۽ رتبو ڏنو . پوء اھا ٻي ڳالھ آھي جو قرآن جو جنهن ٻولي ۾ سڀني ٻولين کان اڳ ۾ ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهي سنڌي ٻولي کي باقي ٻين ٻولين وارن ايتري اھميت ۽ مڃتا نہ ڏني. دنيا جو ڪھڙو بہ ادب ھجي ۽ ٻولي ھجي سنڌين کي موقعو مليو تہ ان ۾ وڏو نالو ڪمايائون. سنڌ ھفت زبان شاعر پيدا ڪيا. گھڻين ٻولين ۾ علمي ۽ قلمي مھارت ڏيکارڻ ۾ سنڌين جو ڪو مثال ڪونهي.
   انگريزن جي اچڻ کان پوء جڏھن واپاري ڪميونٽيون سنڌ ۾ لڏي آيون تہ ھنن اردو زبان کي رابطي جو ذريعو بڻايو. ان کان پوء جڏھن سنڌي شاگرد ممبئي پرڳڻي جي مختلف شھرن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء ويا تہ انهن جو اردو زبان سان واسطو پيو. ان کان پوء ڪراچي ۾ “انجمن ترقي اردو “ قائم ٿي، جنهن طرفان ڪيتريون ڪانفرنسون ٿيون ۽ جنهن جو ڪراچي ۾ ڪتب خانو بہ  ھوندو ھيو. 1894 ۾ حيدرآباد ۾ ناٽڪ منڊليون اردو ڊراما ڪري ڏيکارينديون ھيون. حيدر آباد جي اولھندي ڪچي ۾ جيڪي اردو ۾ ڊراما ناٽڪ منڊلين ڪيا انهن مان “ اندر سڀا“ “ علي بابا چاليس چور “ ۽ “ شيرين فرھاد“ ذڪر لائق آھن. 
سنڌي ۾ ھندو ليکڪن اڪثر ڪري ھندي ۽ اردو جا ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايا ۽ مسلمانن وري اردو ۾ شاعري ڪئي. اردو ۽ ھنديءَ جي جن ليکڪن جو قلمي پورھيو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو انهن مان ڪي آھن: 1. جيئندر ڪمار،2. ٽئگور.3. روميش چندر دت، 4. خواجه حسن نظامي، 5. روي بابو،6. قاضي نذرالاسلام، 7. خواجه احمد،8. اشاديوي مترا، 9. ڪرشن چندر، 10. نواب اڪبر يار جنگ بھادر، 11. ساوتري ديوي. 12. اپيندرناٿ اشڪ، 13. تلوڪچند محروم، 14. نارائڻ اگروال ۽ 15. ڪوثر چاند پوري وغيره. 
   پاڪستان ٺھڻ کان ڪجه سال اڳ.خاص طور تي لاھور واري ٺھراءُ پاس ٿيڻ کان پوء سنڌ ۾ اردو شاعرن کي پڙھڻ ۽ انهن جي شاعريءَ جو سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ جي شروعات ٿي. ڪشنچند بيوس جو نظم “ کڙکٻيتو“ علام اقبال جي نظم “ جگنو“ جو ترجمو آھي. ھن دور ۾ اردو جي جن شاعرن کي گھڻو پڙھيو ويو انهن مان علامہ اقبال،مرزاغالب، جگر مراد آبادي،ماھر القادري، اظھر امرتسري، قمرجلال آبادي، داغ، ذوق مير انيس، اسمائيل ھمداني،اڪبر اللہ آبادي امير مينائي، ناسخ،مير تقي مير جا نالا ذڪر لائق آھن. انهن جو اردو ۾ ڪلام بہ سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيو.   لاڙڪاڻي مان“ اديب سنڌ“ نالي رسالو نڪرندو ھيو جنهن اردو سان جيترو عشق ڪيو ۽ اردو ٻولي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان لاء ٻہ مثال ھتي ڏيان ٿو. ھن رسالي ۾ “اردو معلى ا “ جي سري ھيٺ ڪجه شعر ڏنا ويندا ھئا جن جا ٻہ مثال ملاحظه فرمايو: مسلم بہی جس کے عاشق ہندو بھی جس کے شیدا،
وہ ھند کی پری ھے اردو زبان ھماری،
بچے بچے کی زبان پر مین روان ھون ھر جا، 
محفل ھند مین اردو معلا ھون مین۰ 
   1940 کان وٺي 1947 تائين جن سنڌي شاعرن اردو ۾ شاعري ڪئي انهن مان ڪن جا نالا ھن ريت آھن:  مير مقبول خان “مير“، اميرالدين “ھمدم“، مير غلام حسين ڪوٽ ڏجي وارو، ڊاڪٽر محمد انور ڪوھستاني، نواب حاجي مصطفا خان “ شيفته“، عبداللہ “ اثر“ رشيد احمد لاشاري، اوسته غلام حسين، مولوي محب اللہ “ سودائي“ سکر وارو، آغا گل حسن خان “گل“، غلام محمد “ گرامي“ ، عطا محمد “ حامي“ ، مرزا اجمل بيگ، ڊاڪٽر محمد ابراھيم “ خليل“، عبداللہ “ خواب“، منظور نقوي، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي ۽ حافظ محمد حيات شاھ وغيره. 
ڪن شھرن ۾ سنڌي اديبن غالب جي نالي تي ڪلاسز شروع ڪيا ويا تہ ڪٿي اقبال جي نالي تي اقبال ڪلاسز شروع ڪيا . ھي اھو زمانو ھيو جڏھن پاڪستان اڃا نہ ٺھيو ھو ۽ اسان جا ديني ڀائر وڏي پئماني تي ھجرت ڪري ڪونہ آيا ھئا. پر ستت ئي پوء اسان جي شاعرن ۽ ليکڪن کي پنهنجي ٻولي ياد اچي وئي ۽ لڳ ڀڳ 1949 کان وٺي سنڌي ٻولي تي ليکڪن اديبن ۽ شاعرن دل کولي لکيو.
 سنڌ ۾ انهي دور ۾  جيڪا اردوء ۾ شاعري ڪئي وئي ۽ انگريزن جي دور ۾ جيڪا ڪراچي ۾ انجمن ترقي بورڊ ٺاھيو ويو ان جا سمورا تفصيل ۽ مواد گل حيات ۾ موجود آھي.( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes