گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
“سنڌي ساھت سوسائٽيءَ جي ماھوار رسالي بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ پراڻا رسالا آھن پر ججهي يا وڏي تعداد ۾ ڪونہ آھن. ليڪن بابا سائين ڪيترائي رسالا پڙھيا ۽ انهن مان نوٽس ورتائين جن کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ ھڏا جيڪڏھن ميڙي نہ سگھيا آھيون تہ گوشت اسان وٽ ضرور آھي. انهن پراڻن رسالن مان “سنڌي ساھت سوسائٽيءَ“ جو ماھوار رسالو بہ ھڪ آھي . لال چند امرڏني مل “ سنڌي ساھت سوسائٽي“ ٺاھي جنهن طرفان 1914 ۾ رسالو پڻ ڪڍيائين. رسالي جي آفيس پھرين حيدرآباد ۾ ھوندي ھئي پوءِ اھو رسالو 1920 ۾ ڪراچي جي “اين. ايڇ. پنجابي ائنڊ ڪمپني“ خريد ڪيو ۽ پوءِ اھو ڪراچي مان نڪرڻ لڳو. لال چند امر ڏني مل سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ ۽ علم ادب جي آبياري ڪرڻ لاءِ رسالي جي ڏاڍي وڻندڙ پاليسي جوڙي. رسالي جو سال جنوري کان شروع ٿيندو ھيو ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪو ڊسمبر ۾ خريدار ٿيندو ھيو تہ انهي کي اڳيان جنوري کان وٺي سمورا پرچا ڏنا ويندا ھئا. ھڪ سال جي خريدار کي مفت ۾ ڊائري سان گڏ ھڪ ڪتاب بہ ڏنو ويندو ھيو. ھن رسالي طرفان جنوري 1925 کان وٺي “ شادي سوغات فنڊ“ ۽ “اسٽوڊنٽس پرائيز فنڊ“ جاري ڪيو ۽ جنوري 1926 کان وري “ اسپيشل پرائيز فنڊ“ جي شروعات ڪئي. ھن لاءِ رسالي جي خريدارن کان ڪي وڌيڪ پئسا نہ ورتا ويندا ھئا، پر رسالي جي سالياني چندي ڏيڍ روپئي مان ٻہ آنا ڪڍي ھڪ آنو “ شادي سوغات فنڊ“ ۽ ھڪ آنو“ اسٽوڊنٽس پرائيز فنڊ“ جي نالي سان ڪراچي سينٽرل بئنڪ لميٽيڊ جي سيونگ ڊپازٽ ۾ رکيا ويندا ھئا ۽ انھي مان رسالي جي خريدارن جي مالي مدد ڪئي ويندي ھئي. مثال طور سمورن خريدارن مان ڪنهن ھڪ ضرورت مند خريدار کي “ شادي سوغات فنڊ “مان 50 روپيا ڏنا ويندا ھئا. شاگرد فنڊ انهن خريدار شاگردن کي ڏنو ويندو ھيو جيڪي سٺن نمبرن سان امتحان پاس ڪندا ھئا.
ھي رسالو اڄ ڪنهن کي ياد ڪونهي پر بابا سائين جي نوٽس مان خبر پوي ٿي تہ بابا جنوري 1914 کان وٺي ڊسمبر 1929 تائين ھن رسالي جا سمورا پرچا پڙھيا آھن. رسالي ۾ ناٽڪ، ڪھاڻي ۽ مضمون جي صنفن تي مشتمل مواد شايع ٿيندو ھيو. آئون ھتي 15 سالن جا تفصيل تہ ڏئي نٿو سگهان پر پھرئين سال جي رسالي ۾ شايع ٿيل مواد جا تفصيل ڏيڻ مناسب ڄاڻان ٿو ملاحظه فرمايو: 1. “ ھر مکيءَ جا“ ( لالچند امر ڏنو مل - جنوري 1914)، 2. “ ھير رانجهو ۽ سمون گندري“ ( ڄيٺمل پرسرام- فيبروري 1914)، 3. “ پريم جو مھاتم“ ( ڀيروچند مھر چند- مارچ 1914)، 4. “ مولانا رومي“ ( ليلارام پريم چند- اپريل 1914)،5. “ ٻہ منڊيون“ ( ديوان ڪوڙومل - مئي 1914)، 6. “ شيطان جي ناني“ ( مرزاقليچ بيگ- جون 1914)، 7. “ نورجھان“( ديوان بولچند ڏيارام- جوالءِ 1914)، 8. “ صحت سکيا“ ( ڊاڪٽر ھرنامداس- آگسٽ1914)، 9. “ سروجني“ ( نرملداس فتح چند- سيپٽمبر 1914)، 10. “ زيب النساء- آڪٽوبر 1914)، 11. “ سنڌي شعر“ ( مرزاقليچ بيگ- نومبر 1914)، 12. “ مھا ڀاري لڙائي“ ( ڄيٺمل پرسرام- ڊسمبر 1914) .
ھن رسالي جي مختلف پرچن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ وقت بہ وقت سنڌي علم ادب جي ھيٺين صنفن تي مشتمل مواد پيش ڪيو ويندو ھو.
ناٽڪ: ھن صنف وارا پرچا سنڌي ٻولي جي مشھور ليکڪن جا لکيل ھوندا ھئا. جن ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، خانچند درياڻي ۽ لالچند امر ڏنو مل قابل ذڪر آھن. جن جا ھيٺيان ڊراما ھن رسالي ۾ ڇپيا .
“ علمدار ڪين رعيت آزار“ ( لال چند امر ڏنو مل) “ ڏکن ڏڌي زندگي“ ( لال چند امر ڏنو مل) “چٽ نہ چماٽ وچان ئي ٻي واٽ“ ( نانڪرام ڌرمداس) “ مومل ۽ مينڌرو“( خانچند درياڻي) “ موتئي جي مکڙي“ ( خانچند درياڻي) “ بزازين جو ناٽڪ“ ( ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي).
آکاڻيون: سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخي نقط نگاه کان “ سنڌي آکاڻي“ جو ٻيو دور ھن ئي رسالي جي ابتدا سان شروع ٿيو. ھي رسالو سنڌي آکاڻي جي اوسر ۾ ھڪ اھم حد - نشان ھو. جنهن ۾ جهونن توڙي نون ليکڪن جون آکاڻيون شايع ٿينديون ھيون. ھي رسالو ان سال شروع ٿيو جڏھن پھرين مھا ڀاري لڙائي شروع ٿي. ھن رسالي ۾ جيڪي آکاڻيون شايع ٿيون انهن جو مختصر وچور ھن ريت آھي. “ يوسف مصري “ ( پرمانند ميوارام) “
“ چاند بيبي “ ( محمد صديق مسافر) “ بلوو“ ( آسانند مامتورا)“ زيب النساء “ ( محمد صديق مسافر).
منهنجي ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد ھي آھي تہ جيئن آئون دوستن کي ٻڌائي سگهان تہ اڳئين زماني ۾ جڏھن رسالا نڪرندا ھئا تہ اھي نہ فقط علمي ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏيندا ھئا پر خريدارن جون سماجي ۽ مالي مددون بہ ڪندا ھئا. انگريزن جي زماني ۾ علم ڌڻين ۽ قلم ڌڻين انهي جذبي ۽ طريقي سان پنهنجي ڏتڙيل سماج کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪاش اھڙيون سوچون ۽ لوچون اڄ بہ اسان ۾ پئدا ٿين تہ ھوند اسان حالتن کي بدلائي سگهئون ٿا.پوسٽ لکڻ جو ٻيو مقصد ھي آھي تہ مان انهن غير مسلم سنڌي ڀائرن جي ادبي خدمتن جي ياد تازي ڪيان جن اھڙا بھترين ادبي ڪارناما سر انجام ڏنا .( ممتاز پٺاڻ)