received 629240160872457
 
“ سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
   سنڌ جي سياسي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا تہ آل انڊيا مسلم ليگ 1906 ۾ ڊاڪا ۾ ٺاھي وئي جنهن جو پھريون باني صدر سنڌ - ڄائو سر آغا خان ھيو. انهئ پارٽئ جو پھريون ساليانو اجلاس ۽ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ آخري ساليانو اجلاس سنڌ ۾ ٿيا. جھرڪن- ڄائي  قائد اعظم محمد علي جناح مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان پاڪستان جي تحريڪ ھلائي ۽ 1947 ۾ ھڪ نئون ملڪ وجود ۾ آيو.    اھا آل انڊيا مسلم ليگ 1938 ۾ سنڌ ۾  پير پاتا پر انهي کان اڳ سنڌ ۾ “سنڌ مسلم ليگ“ نالي ھڪ جماعت ھئي جيڪا 1917 ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ٺاھي ۽ جان محمد جوڻيجو ان جو سيڪريٽري ھيو. ٿوري وقت کان پوءِ انهي “ سنڌ مسلم ليگ“ جو صدر يوسف علي علي ڀائي ٿيو ۽ غلام علي چاڳلا ۽ حاجي عبداللہ ھارون ان جا سڪريٽري ٿيا.1925 ۾ ھن جماعت کي نئين سر منظم ڪيو ويو جنهن موجب سيٺ حاجي عبداللہ ھارون صدر ٿيو،سيد محمد ڪامل شاھ نائب صدر، ڊاڪٽر شيخ نور محمد سيڪريٽري ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ان جو  خزانچي مقرر ٿيا. 1934 ۾ وري ھن جماعت جي قيادت ۽ تنظيم ۾ تبديلي آئي ۽ سيٺ حاتم علوي جي صدارت ۾ ان کي نئين سر منظم ڪيو ويو. ياد رھي تہ “ سنڌ مسلم ليگ“ وڏين ڪوششن باوجود “ آل انڊيا  مسلم ليگ“ کان الحاق وٺي نہ سگهي. انهي دور ۾ “ سنڌ مسلم ليگ“ وري “ آل انڊيا مسلم “ کي وقت جي سرڪار جي ٺاھيل جماعت تصور ڪندي ھئي. 
   آل انڊيا مسلم ليگ آڪٽوبر 1938 ۾ سڏايل “ پھرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس“ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پير پاتو. انهي کان پوءِ “آل انڊيا مسلم ليگ“ جي سنڌي اڳواڻن “مسجد منزل گاه“ واري تحريڪ ھلائي سنڌي مسلمانن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو ۽ پوءِ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ پوئين ڏھاڪي ۾“ آل انڊيا مسلم ليگ “ سنڌ جي مقبول پارٽي بڻجي وئي.
   “سنڌ مسلم ليگ “ کان وٺي “ آل انڊيا مسلم ليگ  جي سنڌ شاخ“ تائين گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ تمام اھم مواد پيو آھي جيڪو معيار ۽ مقدار جي حوالي سان مثالي چئي سگهجي ٿو. ان کي جيڪڏھن مختصر لفظن ۾ موضوع وار ٻڌائجي تہ اھو ھن ريت ٿيندو :  1. سنڌ مسلم ليگ جو قيام ۽ ڪارڪردگي.2. آل انڊيا مسلم ليگ جي دور ۾ سنڌ ۾ قائم ٿيل برانچون ۽ انهن جون ڪارڪردگيون. 3. مسجد منزل گاه جي تحريڪ ۽ ان بابت مواد .4. مسلم ليگ طرفان شايع ڪرايل پمفليٽ پوسٽر ۽ ڪتاب. 5.  “سنڌ مسلم ليگ“ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي عھديدارن جا سوانحي خاڪا.6. آل انڊيا مسلم ليگ طرفان جاري ڪيل سرڪيولر ۽ نوٽيس.7 حاجي عبداللہ ھارون جا خط.8. سائين جي ايم سيد جا خط ۽ ٻيا دستاويزات.9. محمد ايوب کھڙي جا خط .( جيڪي ھاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪا آھن) ، 10. نوابزادي لياقت علي خان جا سنڌ مسلم ليگي اڳواڻن ڏانھن لکيل خط.11. 1938 کان 1947 تائين سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي وچ ۾ ٿيل سموري لک پڙھ . 12. 1938 ۾ سڏايل سنڌ مسلم ليگ پراونشل ڪانفرنس جي تفصيلي ڪاروائي ۽ مسلم ليگ تي ٿيل پي ايڇ ڊيز ۽ ايم فل جا مقالا ، وغيره
   اھو ايڏو وڏو ۽ ججھو مواد آھي جنهن جا هزارين صفحا آھن.ان منجهان ڪيترو مواد اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. ھن ۾ اھڙا اھم دستاويز شامل آھن جيڪي ھن کان اڳ ڪن ڪتابن ۾ يا حوالن ۾ نہ ڏنا ويا آھن .مثال طور 1917 ۾ سنڌ مسلم ليگ مانٽيگو ۽ لارڊ چيلمسفورڊ کي آئيني سڌارن بابت پنهنجو ميمورنڊم ڏنو. جنهن جي پڙھڻ مان ثابت ٿئي ٿو تہ ھن آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ جي حيثيت سان نہ پر ھڪ خودمختيار سياسي پارٽي طور سنڌ جي آئيني ۽ قانوني تقاضائن مطابق پنهنجا مطالبا پيش ڪيا آھن. سنڌ مسلم ليگ جون سنڌ ۾ جيڪي شاخون ھيون انهن سمورن جو احوال ۽ سرگرميون اسان وٽ موجود آھن انهن منجهان جيڪڏھن ڪي نالا وٺبا تہ اھي آھن: ڪراچي، لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد، ميروخان، دادو، شڪارپور، گوزو، قمبر، تلھار، وارھ، شھداد ڪوٽ، بٺي، ٽنڊو محمد خان،مورو،بدين، ٻٽرا، ٽنڊو ڄام، محمد عالم پلي، نندو، سوڀوخان مگسي ٿرپارڪر،ڏوڪري ۽ محمد خان جروار وغيره. لاھور جي 1940 واري اجلاس کان پوءِ ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ليگ جي خالق ڏني ھال ۾ وڏي ڪانفرنس ٿي ھئي جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙن کان پاڪستان سان وفاداريءَ بابت ھڪ حلف نامو پڙھايو ۽ لکرايو ويو ھو اھو پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھي.
مسلم ليگ تہ ھن وقت سنڌ جي سياسي افق تي نظر نٿي اچي پر پاڪستان ٺاھيندڙ ھن جماعت ۽ سنڌ جي تحريڪ آزادي ۾ خدمتن بابت اھم دستاويز اسان جي ماضيءَ جي انوکي ڪھاڻي ٻڌائن ٿا. اھو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. ( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes