(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ ماھوار توحيد، ان جي انڊيڪس ۽ ان مان گڏ ڪيل مواد“
انگريزن جي دور ۾ پير علي محمد شاھہ راشديءَ ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ سياسي ۽ قلمي تحريڪن ۾ مثالي ڪم ڪيو .علي محمد شاھ راشدي صحافي ۽ سياستدان ھيو، جڏھن تہ مولانا دين محمد وفائي ديني عالم،محقق،سياستدان ۽ صحافي ھيو .ٻنھي شخصيتن ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. وفائي مرحوم اسان جي ادبي، مذھبي ۽ سياسي تاريخ ۾ وڏو مقام ماڻي ٿو. “ وفائي“ سندس تخلص ھيو پر سندس شاعري ڪانہ ٿي ملي. ھن ڀلي انسان ھالا جي درگاھ، ٺلاھ جي درگاھ ۽ ٻين ھنڌن تي قائم ٿيل ڪتب خانن جو مطالعو ڪيو.ھن ڪيترائي بھترين ڪتاب لکيا،جن منجهان “تذڪره مشاهير سنڌ“ وڏي اھميت رکندڙ ڪتاب آھي.
مولانا دين محمد وفائي خلافت تحريڪ ۽ ان کانپوءِ جي يو آءِ ۾ پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون.خلافت تحريڪ دوران ھن سنڌ جي ديني عالمن کي گڏ ڪي خلافت تحريڪ جي ۾ فتوا لکي جنهن مان سندس عالمانا حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مرحوم “ ڪراچي مان توحيد رسالو“ ڪڍيو ۽ ان کان پوءِ “ آزاد “ اخبار سنڀاليائين. اھا “ آزاد“ اخبار سندس پٽ مرحوم علي نواز وفائي جي ايڊيٽري ۾ ھفتي وار اخبار ٿي نڪتي ۽ بابا سائين سال ڏيڍ ان جو ڪالم نگار رھيو.
اڄ بابا سائين مرحوم وفائي جي “ توحيد“ رسالي جي انڊيڪس ٺاھي پوري ڪئي ۽ اھي ئي پنا سندس اڳيان ھيا تہ مون مناسب ڄاتو تہ سنگت کي اھو ٻڌايان تہ “ توحيد“ رسالي مان اھو ڪھڙو مواد آھي، جيڪو گل حيات اداري ۾ گڏ ڪيو ويو آھي. “توحيد“ ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ چئن موضوعن کي وڏي اھميت ڏني: 1. پاڻ ديني عالم ھيو ان ڪري اسلام بابت ھن رسالي ۾ گھڻو مواد شايع ٿيو، 2. انگريزن جڏھن “ ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي تيار ڪئي تہ سنڌ جي مذھبي ڀائيچاري وارو ماحول مذھبي ڇڪتاڻ ۾ بدلجي ويو .خاص طور تي آريا سماجين اسلام جي خلاف گھڻو لکيو ۽ مولانا دين محمد وفائي توڙي سندس دوست ليکڪن اسلام تي اٿاريل اعتراضن جا جواب لکيا جيڪي “ توحيد“رسالي ۾ ڇپبا ھئا، 3. مولانا دين محمد وفائي ان دور جي وڏي انقلابي ديني عالم مولانا عبيداللہ سنڌي جو مداح ھيو. ان ڪري ھن پنهنجي رسالي ۾ مولانا عبيداللہ سنڌيءَ بابت بہ گھڻو مواد شايع ڪيو ۽ 4. مولانا وفائي مولانا عبيداللہ سنڌي جي فلسفي ۽ جي يو آءِ جي سياسي نظرئي سان لاڳاپو رکندو ھيو. انڪري ھن “توحيد“ رسالي ۾ مسلم ليگ، قائد اعظم ۽ پاڪستان بابت پنهنجي راءِ ڏني. اھو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. فيبروري،مارچ ۽ اپريل 1947 جي “ توحيد“ رسالي ۾ “ پاڪستان ملي ويو“ جي عنوان سان لکي ٿو تہ :
“ لاھور ۾ جنهن پاڪستان جو تخيل قائم ڪيل ھو ۽ جنهن تصور جي ماتحت ملڪ ۾ ايڏو ھنگامو پيدا ڪرايو ويو ھو، اھو پاڪستان نہ مليو. پر بنگال جو اڌ ۽ آسام جو فقط ھڪ ضلعو ۽ پنجاب جي 13 ضلعن گھٽ پاڪستان جي شڪل اختيار ڪئي. حساب موجب ساڍن چئن ڪروڙ ھندستاني مسلمانن کي غير مسلمانن جي رعيت بڻائي، دھليءَ جو مقدس شھر ۽ جامع مسجد جو متولي بہ ھندن کي ڪري پوءِ پاڪستان جو ڏتڙيل علائقو حاصل ڪيو ويو آھي“.
وري مئي جون جولاءِ واري “توحيد“ جي گڏيل پرچي ۾ راءِ قائم ڪري ٿو تہ پاڪستان جي جمھوري نظام ۾ اسلامي قاعدا قانون لاڳو ٿيڻ ناممڪن آھن. ان سلسلي ۾ سندس لفظ آھن: “ ھاڻي جنهن حالت ۾ قائد اعظم مسٽر محمد علي جناح پاڪستان قانون ساز اسيمبليءَ جي پھرين ابتدائي اجلاس اندر صدر جمھوريت جي حيثيت ۾ اعلان ڪيو آھي تہ پاڪستاني حڪومت ۾ اسلام يا ھندو ڌرم کي ڪو دخل نہ رھندو تہ ان حالت ۾ اسلامي حڪومت جو مطالبو ڪرڻ سراسر غلط آھي ،البته ڪن بنيادي ڳالھين ۾ جيڪڏھن اسلام جي ٿورن بنيادي اصولن کي تسليم ڪيو وڃي ۽ مسلمانن جي ضروري، شرعي فيصلن لاءِ ڪي قاضي مقرر ڪري محڪمه قضا کوليو وڃي، کلي ريت شراب جي واھپي يا ان جي ٽيڪس وصول ڪري کائڻ پاڪستاني گورنمينٽ روڪي ۽ کليل سر بازار زنا تي بندش پئجي وڃي تہ پوءِ ڪجه نہ ڪجه ماڻھن کي ڏسڻ ۾ ايندو تہ اسلامي حڪومت جو اولڙو پاڪستان جي سر زمين تي پئجي رھيو آھي.“
مولانا دين محمد وفائي پنهنجي دور جي سياسي حالتن ۽ ڪراچي کي سنڌ کي ڇنڻ وارين سازشين خلاف وڏي دليرانہ انداز سان لکيو آھي. “ توحيد “ رسالي جا اھي ۽ اھڙا ايڊيٽوريل گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجن تہ ھوند ماضي قريب ۾ سنڌ جي سورن جي مذڪورن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي.
بابا سائينءَ مرحوم علي نواز وفائي جي مھربانيءَ سان سندس “ آزاد“ اخبار جي دفتر ۾ ويھي توحيد رسالي جا سمورا پرچا ڏٺا. انهن منجهان ڪيترو مواد پنهنجي ھٿن سان نوٽ ڪيو اٿس. ڪيترو مواد وري فوٽو اسٽيٽ ڪرايو اٿس ۽ لڳ ڀڳ سمورن موجود پرچن جي فھرستن کي الڳ لکيائين ۽ انھن جي آڌار تي پنهنجا نوٽس آڏو اکي اڄ “ توحيد“ رسالي جي انڊيڪس تيار ڪري ورتي اٿس. موقعو مليو تہ انھي انڊيڪس جي حوالي سان ۽ “ توحيد“ رسالي جي حوالي سان وڌيڪ ڳالھيون ڪنهن ٻي پوسٽ ۾ ڪندس. ( ممتاز پٺاڻ)