“ عشق نہ آھي راند، جو کيڏنس ڳڀرو“
گل حيات اداري ۾ مواد ۽ ميڙي چونڊي ڪرڻ جو طريقو.
“ تخليق“ امر عمل آھي. سنڌ ۾ بي مثال ادب ۽ شاعريءَ جي تخلق ٿئي ٿي. “ترجمو “ اسان جي ادبي عمل جو اھو حصو آھي جنهن تي اسان جي ليکڪن بھتر توجه ڏنو آھي. “ تنقيد“ ادب لاءِ نھايت اھم ۽ ضروري آھي. اسان وٽ پٽڪي ڊاھہ کان وٺي ادبي شھپارن جي پرک تائين تنقيدي عمل بہ روان دوان آھي. “تنظيم“ جو مطلب آھي ادبي حوالي سان ادارا ٺاھڻ ۽ تنظيمون جوڙڻ. اسان وٽ سرڪاري ادارا وڌيڪ نہ پيا جڙن پر علمي ۽ قلمي قبيلن پنهنجون کوڙ ساريون تنظيمون ۽ جماعتون جوڙي ورتيون آھن. جنهن ڳالھہ جي اسان وٽ گھڻي کوٽ آھي، اھا آھي “ تحقيق“. ھن شعبي ۾ شوق ۽ ڊگرين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم تہ ٿئي ٿو پر سنڌ جي تاريخ جي تقاضائن مطابق تحقيق نٿي ٿئي. اھي سرڪاري يونيورسٽيون ۽ ادارا جيڪي تحقيقي ڪرائن ٿا ھي انهن جو فرض آھي تہ “واقعن“، “ ادارن“ ۽ “شخصيتن “کي ڌيان ۾ رکي سنڌ جي تاريخي تحقيق جا موضوع مقرر ڪن ۽ پنهنجي ڊگري وٺندڙ شاگردن کي پابند بڻائن تہ ھو انهن مقرر ڪيل موضوعن مان ڪنهن بہ پنهنجي پسند جي موضوع کي کڻي تحقيق ڪن. موضوعن جو اھو جامع وچور سڀئي يونيورسٽيون گڏجي ٺاھن ۽ ان تي عمل ڪرائن.
گل حيات انسٽيٽيوٽ انهن ٽنهي زاوين: شخصيتن،واقعن ۽ ادارن يا تنظيمن يا پارٽين کي ڌيان ۾ رکي سنڌ جي تاريخ تي مواد ۽ معلومات گڏ ڪندو آھي .
اسان شخصيتن بابت ڪيئن ٿا مواد گڏ ڪيئون ان جو طريقو ھي آھي تہ 1. سنڌ جي شخصيتن بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ ڇپيل ڪتاب گڏ ڪرڻ، 2. سنڌ جي شخصيتن بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مضمون گڏ ڪرڻ، 3. شخصيتن بابت سوانحي خاڪا لکڻ ۽ 4. سياسي اڳواڻن جي بيانن، پريس رليزن،خبرن ۽ انهن بابت لکيل مضمونن ۽ ايڊيٽوريلس جون فهرستون ٺاھڻ . اڄ پوسٽ سان گڏ جيڪا تصوير ڏني اٿم اھا فهرستن جي آھي.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ “ بايو گرافي“ جي نالي سان لائبريري ۾ ھڪ الڳ سيڪشن آھي جنهن ۾ سوين ڪتاب موجود آھن. اسان ڪوائف نامي جو پروفارما ڇپرائي پاڻ وٽ رکيو آھي ۽ سوين اديبن، شاعرن، اداڪارن، سگھڙن، صحافين وغيره کان سندن ھٿ اکري ۾ اھي ڀرائي رکندا آھيون. اھو مواد ڪيترن جلدن تي مشتمل آھي ۽ اسان ان جي فوٽواسٽيٽ ڪاپي ڪرائي جلد ھڻائي“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ کي پڻ ڏني آھي. اسان جي ويب سائيٽ تي ڪيترن صحافين ۽ ايڊيٽرن جو سنڌي ۾ احوال موجود آھي. اھڙي ريت انگريزي ۾ وري سوين سياستدانن، سماجي ڪارڪنن، ليکڪن ۽ شاعرن جي مختصر سوانح حيات پڻ ويب سائيٽ تي موجود آھي.
“ڪنٽنٽ “ “انڊيڪس “، “ ڪرانالاجي“ ۽“ ببليو گرافي“ اسان تحقيق جا اھم انسٽرومينٽس ڪري ڄاڻندا آھيون. “انڊيڪس“ نہ فقط اسان ڪيترن اخبارن ۽ رسالن جي ٺاھي آھي ۽ ان تي اڃا ڪم ھلي پيو، پر خاص طور تي سنڌ ۽ پاڪستان جي مشھور سياستدانن جي اخباري مواد جي انڊيڪس ٺاھيندا آھيون. چوڻ جو مقصد اھو آھي تہ جنهن شخصيت جي مواد جو فائيل ھوندو انهي فائيل جي پھريون اسان “فھرست“ ٺاھيندا آھيون ۽ شخصيتن جي سمورن فائيلن کي آڏو رکي جامع “انڊيڪس“ تي ڪم ڪندا ويندا آھيون. ھي ڪم آھي ڏکيو پر اسان لاءِ اھو وندر ۽ سڪون جو ڪارڻ آھي. ڳالھہ موقعن، ذريعن ۽ وسيلن جي آھي. ڪن ماڻھن کي مفت ۾ سرڪاري ادارا ملي ويا جن سندن ڪتاب ڇپرايا. ڪتابن جا مھورتي پروگرام ٿيا ۽ اھو ليکڪ ويٺي ويٺي نالي وارو ۽ وڏو ماڻھو بڻجي ويا. اسان محدود ذريعن ۽ وسيلن وارا ماڻھون آھيون. اسان جو والد غريب لوھر جو ٻار آھي. هن ڪنهن ميڙي چونڊي واري اداري ۾ ملازمت ڪو نہ ڪئي جو ٻہ ڏوڪڙ ميڙي سگهي ها ۽ ڪتاب ڇپرائي ها. اھڙي نموني سان ڪنهن سرڪاري يا درٻاري اداري جي ذريعن وسيلن مان ڪتاب ڪون ڇپرايا اٿس. ڪنڊ ۾ ويھي ڪم ڪيو اٿس ۽ ايترو مواد گڏ ڪيو اٿئين جنهن منجهان چڱا ٿلھا خاصا ٻہ اڍائي ھزار ڪتاب ڇپرائي سگهجن ٿا. بابا سائين تاريخي تحقيق ۾ تحقيقي طريقن، نت نون موضوعن ۽ ريسرچ انسٽرومينٽس تيار ڪرڻ جي حوالي سان منفرد ڪم ڪيو آھي، جيڪو ڪنهن ٻئي محقق اڃا سوچيو بہ نہ آھي.
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 500 مکيه ۽ مشھور سياستدان آھن جن بابت اسان نہ فقط مواد گڏ ڪيو آھي پر انهي مواد جون فھرستون بہ ٺاھيون آھن مثال طور شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي مواد جي فھرست، ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين جي مواد جي فھرست وغيره جيڪي پنهنجي ليکي ھڪ ھڪ ڪتاب جي حيثيت رکن ٿيون مون اڄ تصوير ۾ جن شخصيتن جي مواد جون فھرستون ڏنيون آھن اھي آھن: قادر مگسي، رئيس غلام مصطفى ا جتوئي، اجمل خان خٽڪ، الطاف گوھر، مولانا فضل الرحمان وغيره. انھي کان سواءِ اسان ڪن خاص موضوعن تي گڏ ڪيل مواد جون فھرستون بہ ٺاھيندا آھيون .جھڙوڪ “ پاڪستان ۾ آمريڪي مفاد ، آمريڪي ماڻھن جون سرگرميون ۽ ردعمل“ ھن موضوع تي اسان وٽ کوڙ سارا فائيل موجود آھن جن جي مطالعي ڪرڻ مان اسان کي گھڻي ڄاڻ ملي ۽ گھڻا راز بہ ملي پون ٿا. اھڙي نموني سان “ ھيومن رائيٽس“ بہ ھڪ اھم موضوع آھي جنهن جي مواد جي پڻ اسان فھرست ٺاھي رکي آھي.
منهنجي اڄوڪي پوسٽ جو عنوان اسان جي خدمت، محبت ۽ ڪم جي ڪھاڻي جو عنوان آھي. ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي تہ پراون يا اڻ-ڏٺل ماڻھن جا پنا ۽ ڪاڳر گڏ ڪجن، انهن کي سانڍي رکجي ۽ محققن جي فائدي لاءِ انهن جون فھرستون ٺاھي رکجن. بابا سائين تہ پنهنجو جوڀن ۽ جواني انهي ڪم کي ڏنو ۽ ھاڻي جڏھن سندس زندگيءَ جي شام ٿي آھي تہ اسان سندس اولاد پنهنجي جواني جو جوڀن ساڳئي ڪم لاءِ وقف ڪري چڪا آھيون. شل اسان جون محنتون ۽ خدمتون قوم جي ڪم اچن. ڇو تہ اھو ئي اسان جي محنت جو وڏو معاوضو آھي. ( ممتاز پٺاڻ)