received 1000335513688935
“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ڪالاباغ ڊيم مامري بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد“
    پاڪستان جي تحريڪ ۾ سنڌ اڳواڻيءَ  وارو ڪردار ادا ڪيو. پر پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌ واسين کي اھڙن مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو آھي، جيڪي ڍنگهري جيان سندن نڙي ۾ ڦاسايا ويا آھن. مثال طور ڪراچي جي مالڪي وارو مسئلو، سنڌي ٻوليءَ کي انهي جي تاريخي، حق ڏيڻ وارو مسئلو ۽ ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو. ھر دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مامري تي مرڪزي حڪومت ۽ سنڌين جي وچ ۾ شديد اختلاف رھيا آھن. اھي بہ ايتري قدر جو سنڌ اسيمبليءَ ڪيترا دفعا ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٺھراءَ پاس ڪيا آھن ۽ سنڌ جي سمورين سڄاڻ ڌرين ان خلاف شديد ردعمل ڏيکاريو آھي. ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون دفعو اسان جي دور ۾ ھيئن ٿيو جو“ سابق“ چيف جسٽس جھڙي وڏي عھدي ماڻيندڙ سرڪاري ملازم کي ڌر بڻجي لاھي پاھي ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو کلم کلا ڳالھيون ڪرڻيون پيون ۽ چندا گڏ  ڪرڻا پيا.
   گل حيات اداري ڏاڍو غيرجانبداريءَ سان شروع کان وٺي ھن موضوع تي مواد گڏ ڪيو آھي. اسان 1985 کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪالاباغ ڊيم جي “ واقعاتي تاريخ“ مرتب ڪئي آھي، جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن مان ورتل معلومات جي بنياد تي ڪالاباغ ڊيم جي حق ۽ مخالفت ۾ بيانن ۽ خبرن جو وچور ٺاھيو آھي. انهي “واقعاتي تاريخ“ جو ڪجه حصو يعني( 1985 کان وٺي 1993 تائين) اسان جي اداري جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. باقي  اھڙو ٻيو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ اسان جي اداري ۾ موجود آھي. ويب سائيٽ تي رکيل اھا واقعاتي تاريخ سنڌي ۾ رکيل آھي. اتي انگريزي ۾ بہ مواد موجود آھي جنهن ۾ فقط سنڌ جي مؤقف تي معلومات ڏني وئي آھي ۽ انهي جو عنوان آھيSindh Opposes 
Kala Bag Dam .
ڪالا باغ ڊيم تي اسان ھڪ پريزنٽيشن بہ ٺاھي آھي ،جيڪا پڻ انهي ويب سائيٽ تي رکيل آھي .
ڪالا باغ ڊيم جي مامري کي سمجهڻ ۽ سنڌ جي مؤقف کي ڄاڻڻ  لاءَ منهنجي خيال ۾ ايترو مستند ۽ اھم مواد شايد ڪن ٿورن ويب سائيٽن تي موجود ھجي.
اھو تہ ھيو ويب سائيٽ تي رکيل مواد پر ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي جيڪي  ڪتاب شايع ٿيا آھن، اھي سمورا گل حيات ۾ موجود آھن.اھڙي نموني سان سالن کان وٺي ھن مامري سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ مضمون ڇپيا يا ايڊيٽوريل لکيا ويا اھي بہ اسان ھٿ ڪري گڏ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيا آھن. سنڌ جي سياستدانن مان رسول بخش پليجو مرحوم اھو واحد سياستدان ھيو جنهن ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي وڏي تحريڪ ھلائي ۽ تمام مدلل انداز سان اخبارن ۾ لکيو اھو سمورو مواد بہ اسان وٽ موجود آھي.
دنيا جي تھذيبن ندين جي ڪنڌين تي جنم ورتو. سنڌ بہ انهن مان ھڪ آھي .“ سنڌ“ ۽ “ سنڌو“ نہ فقط نالن ۾ ھڪ آھن پر ٻئي ھڪ ئي سڪي جا ٻہ پاسا آھن. سنڌ جي تاريخ جي اوراق گرداني ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جا 19 وڏا  شھر ۽ گاديون سنڌوندي جي ڪناري تي قائم رھيا. سنڌ جي عظيم شاعر لاکيڻي لطيف کي سنڌو جي عظمت ۽ شاندار ماضي تي پنهنجو سڄو سُرُ لکڻو پيو. سنڌ جي سنڌو دريا سان ايتري محبت آھي جو پنهنجي نياڻين تي “ سنڌو“ ۽ پٽن تي “ دريا خان“ نالو رکن ٿا. سنڌ جا ھندو تہ وري ھن دريا جي پوڄا ڪن ٿا. سنڌو دريا سان اسان جي تاريخ جڙيل آھي جھڙوڪ اڏيرو لعل، سھڻي ۽ ميھار وغيره. اھو 1639 جو سال آھي جڏھن پھريون دفعو سنڌو دريا جي رخن کي مٽائڻ شروع ڪيو ويو يا ان منجهان پنهنجي مقصدن جي لاءِ پاڻي ورتو ويو.انگريزن جي زماني ۾ 1859 ۾ راوي دريا مان “ سينٽرل باري دوآب “ ڪئنال ٺاھيو ويو. 1901 تائين“ لوور چناب ڪئنال“ ۽ “لوور جهلم ڪئنال“ ٺاھيا ويا. 1914 ۾ “ اپر سوات ڪئنال“ ٺاھيو ويو. 1932 ۾ “ ستلج ويلي پراجيڪٽ“ ٺاھيو ويو. 1960 ۾ ستلج بياس ۽ راوي ندين جي وڪري، منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم جي ٺھڻ ڪري سنڌو دريا کي جھڙوڪ قيد ڪرڻ ۽ بندن ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
   سنڌ ۽پنجاب جو پاڻي جي مامري تي جھيڙو پراڻو آھي. اھوئي سبب آھي جو 1901 ۾ ھندستان جي سرڪار حڪم جاري ڪيو تہ پنجاب جيڪڏھن انڊس رور سسٽم تي ڪو پراجيڪٽ شروع ڪندو تہ ان لاءِ کيس سنڌ کان رضامندي وٺڻي پوندي. 1919 کان پوءِ 1925 ، 1937، 1941، 1943، 1945، 1956، 1968، 1970، 1981، 1983 1991 ۾ سنڌ ۽ پنجاب  جي وچ تي سنڌو ندي جي پاڻي جي حوالي سان ڪميٽيون ۽ بورڊ ٺھيا ۽ ٺاه ٿيا پر سنڌ جي دکن دردن دانهن ۽ شڪايتن ۾ ڪا بہ ڪمي ڪانہ آئي. 
   مون کي ھتي ويھي ڪا ڪالاباغ ڊيم جي مامري جي ڪھاڻي ٻڌائڻي ڪانهي. بس منهنجو مقصد اھو ھيو تہ آئون پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ گل حيات اداري انهي موضوع تي ڪيترو مواد گڏ ڪيو آھي.( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes