20190401 140703

“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“
“ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
  فيبروري 1843 جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ سنڌ ھڪ الڳ،آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ھيو جيڪو حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور جي خودمختيار ننڍين رياستن ۾ ورھايل ھيو. فيبروري 1843 جي آخري هفتي ۾ نڀاڳي نيپيئر دوکي سان سنڌ تي قبضو ڪيو .ان کان پوءِ 1847 تائين سنڌ سندس گورنريءَ ۾ صوبي جي حيثيت ۾ رهي. جڏھن ھو سنڌ ڇڏي ويو تہ سنڌ کان صوبائي حيثيت بہ کسجي وئي ۽ ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو بڻايو ويو ۽ سنڌ ۾ ڪمشنر مقرر ڪيا ويا. رابرٽ پرنگل سنڌ جو پھريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ھي سلسلو 31 مارچ 1936 تائين ھليو تان جو پھرين اپريل 1936 تي سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي.
سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي تاريخ بہ عجيب آھي. سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جو خيال  سڀ کان پهريون“ واپاري برادري“ کي آيو.ڇو تہ انهن کي سرڪاري لک پڙھ ڪرڻ ۽ وڏي انتظار ڪرڻ ۾ تڪليف پئي ٿئي.ان دور جي انگريزي اخبار “ ڪوسڊ“ ۾ انهي تي ايڊيٽوريل لکيا ويا . اھا ڳالھہ سنڌي سياستدانن مان سڀ کان پھرين ھرچندراءِ وشنداس ڪئي. ھن پھريون دفعو 1908 ۾ “ سنڌ پرونشل ڪانفرنس جي ميڙاڪي ۾ ڪئي ھئي“. پوءِ جڏھن سنڌي مسلمانن جي اپر ڪلاس کي ڳالھ سمجه ۾ آئي تہ ممبئي کان عليحدگيءَ بعد سنڌ جا حڪمران اھي ئي ٿيندا. انڪري انهن وڏي پيماني تي تحريڪ ھلائي. جنهن ڪري سنڌ جي ھندن ۽ مسلمانن ۾ وڏا اختلاف پئدا ٿيا ۽ ھندن سنڌ جي عليحدگي جي خلاف تحريڪ ھلائي، ليڪن ڪاميابي سنڌ جي اپر ڪلاس کي ملي. جن سنڌي مسلمانن ھن تحريڪ جي پٺڀرائپ ڪئي انهن مان ڪي خاص نالا ھي آھن: رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عبداللہ ھارون، ميران محمد شاه،محمد ايوب کھڙو وغيره. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تہ “ سنڌ آزاد پارٽي“ قائم ڪئي جنهن جون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاخون کليون.سنڌ جي مسلمان سياستدانن انهي سلسلي ۾ چار وڏيون ڪانفرنسون سڏايون. پھرين ڪانفرنس 18 اپريل 1932 تي ڪراچي ۾ ٿي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ان جي صدارت ڪئي. ٻي ڪانفرنس 15 نومبر 1932 تي حيدرآباد ۾ ٿي جنهن جي صدارت علامه يوسف علي ڪئي. انهي ئي موقعي تي “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي نالي سان جماعت جوڙي وئي جنهن جو صدر شاھنواز خان ڀٽي کي بڻايو ويو ۽ محمد ايوب کھڙو ان جو نائب صدر ٿيو. سنڌ ۾ ٽين آزاد ڪانفرنس 26 اپريل 1934 تي خان بھادر پير بخش جي صدارت ۾ سکر ۾ ٿي ۽ چوٿين ڪانفرنس  وري 28 جولاءِ 1934 تي ڪراچي ۾ ٿي جنهن جي صدارت سر غلام حسين ھدايت اللہ ڪئي . 
سنڌ جي ھندن مان ويرومل بيگراج، پروفيسر ڇٻلاڻي، مکي گوبند رام، ھيرانند کيمسنگھ  ۽ جيرامداس دولترام جا نالا ذڪر لائق آھن. 
    عليحدگي واري مسئلي تي ھندو مسلم اختلافن گڏيل ھندستان جي سياسي اثر کي سنڌ جي داخلي مسئلن تر اثر انداز ٿيڻ ڏنو.تان جو “ھندو مھاسڀا“ ، “ مسلم ليگ“ ۽ “ ڪانگريس“ جي جھڙوڪ سنڌ ۾  ٻيگھي مچي وئي.   سنڌ جي ھندن “ اينٽي سنڌ سيپريشن ڪميٽي“ ٺاھي جنهن طرفان 13 فيبروري 1932 تي ڪراچي ۾، 19 فيبروري 1935 تي حيدر آباد ۾ ۽ 30 جون 1935 تي سکر ۾ وڏيون ڪانفرنسون ٿيون پر تاريخ جو وھڪرو سنڌ جي عليحدگي طرف وڌي چڪو ھو ان ڪري 1935 ۾ برطانيا پارليا مينٽ ۾ ھندستان لاءِ نون سڌارن آڻڻ جو بل پيش ڪيو ويو. انهي بل جي فقري نمبر  46 موجب سنڌ کي جدا صوبو تسليم ڪيو ويو ۽ اھو بل گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935 جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. 
   گل حيات اداري ۾ اخبار “سنڌ ڪوسڊ“ جي ايڊيٽوريلس کان وٺي ھند سرڪار طرفان سنڌ جي عليحدگي بابت نڪتل نوٽيفڪيشن تائين سمورو مواد موجود آھي. هئ ڳاله ذھن ۾ رکڻي آھي تہ سڀ کان پهريون سائين جي.ايم سيد سنڌ جي علحدگئ تي هڪ مستند ۽ معياري ڪتاب لکيو. ڊاڪٽر صاحب خان چني بہ ھن موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي ۽ ھن جوتحقيقي ڪم ھر وجه کان بھترين ۽ ڇپجڻ لائق آڳي. پر گل حيات اداري جي  ھن موضوع  تي ميڙي  چونڊي نہ فقط گھڻي آھي پر اھا مستند ۽ معياري پڻ آھي ، جنهن جو جيڪڏھن وچور ٺاھجي تہ اھو ھن ريت ٿيندو:

1. سنڌ ۾ ٿيل ستن سنڌ پراونشل ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي عليحدگي بابت پاس ڪيل ٺھراء.

2. سنڌ ۾ ٿيل چئن “ سنڌ آزاد ڪانفرنسن جون ڪاروايون، انهن ۾ ٿيل تقريرون ۽ سنڌ جي عليحدگي بابت پاس ڪيل ٺھراء.

3. سنڌ ۾ ٿيل “ اينٽي سنڌ سيپريشن ڪميٽي“ جي ٽن ڪانفرنسن جو تفصيل،انهن ۾ ڪيل تقريرون ۽ عليحدگي خلاف پاس ڪيل ٺھراء.

4. مختلف پارٽين جھڙوڪ مسلم ليگ، ڪانگريس. ھندو سڀا،خلافت تحريڪ ۽ ٻين پارٽين جو سنڌ جي عليحدگي بابت مؤقف ۽ پاس ڪيل ٺھراء.

5. سائمن ڪميشن اڳيان ھندو توڙي مسلمانن جا انهي مسئلي تي پيش ڪيل ياد داشت ناما.

6. محمد ايوب کھڙي ۽  جمشيد مهتا جا عليحدگي جي حق ۾ لکيل ڪتاب ۽ پمفليٽ.

7. ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ ھن موضوع تي لکيل ايڊيٽوريل ۽ آرٽيڪل. 

گل حيات ۾ گڏ ڪيل هي مواد نہ فقط منفرد آھي پر گھڻي تعداد ۾ پڻ آھي. اسان کان جڪو پڳو آھي اوترو پنهنجي ڌرتي ماتا جي ماضي کي محفوظ ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي.( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes