“گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ مان.“
“ گل حيات ۾ موجود ڊيلي گزيٽ ۾ ڇپيل سنڌ بابت مواد“
1883 ۾ ڪرنل ڪوري ( Colonel Corey) “ سنڌ گزيٽ“ جي نالي سان ڪراچيءَ منجهان اخبار ڪڍي جيڪا روزنامه نہ ھوندي ھئي ۽ اھا 1904 ۾ روز نامه اخبار ٿي. پھرين جولاءِ 1915 تي ان جو نالو مٽائي “ڊيلي گزيٽ“ ڪيو ويو ۽ ھي اخبار ڪنهن ناغي کان سواءِ 1947 تائين نڪرندي رھي.
بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) 1884 کان وٺي 1947 تائين ان جو پرچو پرچو پڙھيو انهي منجهان ڪيترائي نوٽس ورتائين ۽ ڳچ جيترو مواد ٽائيپ ڪرائي ورتائين ڇو تہ انهن ڏينهن ۾ فوٽو اسٽيٽ جي سھولت ايترو عام ۽ سستي ڪان ھوندي ھئي. بابا سائين انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جي “ اسلاميه ڪاليج“ ۾ ليڪچرار ھوندو ھيو ۽ ڪاليج جي ڊيوٽي ڏئي “ پاڪستان آرڪائيوز“ جي لائبريريءَ ۾ وڃي اھا اخبار پڙھندو ھيو.لائبريريءَ جو چوڪيدار پٺاڻ ھيو ۽ بابو ھم - ذات ھجڻ جو فائدو وٺي ساري رات لائبريريءَ ۾ ويھي اخبار ڏسندو ھيو. بابا سائين ٻڌائيندو آھي تہ چوڪيدار بہ بي خبر ھيو ۽ بابا سائين کي بہ خبر نہ ھئي ان ڪري ھڪ رات تازو فيميگيشن ٿيل اخبارن جا جلد پڙھندي بابا سائين بي ھوش ٿي ويو .کيس اللہ سائين بچايو جو انهي زھر کيس وڏو نقصان نہ ڏنو ۽ چوڪيدار تڪڙ ۾ کيس اسپتال وٺي ويو.
“ڊيلي گزيٽ“ اخبار ۾ جيڪو سنڌ جي سياست، علم ادب، تعليم، ثقافت، سماج ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ مواد شايع ٿيو، ان جي آڌار تي اڄ ڪلھہ بابا سائين“ ڊيلي گزيٽ جي انڊيڪس“ ٺاھي رھيو آھي جنهن تي ڪيترن مھينن کان ڪم ڪيو اٿس ۽ اڃا شايد ٻٽي مھينا ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي وڃنس.
ھن اخبار ۾ سنڌ بابت تمام اھم مواد شايع ٿيو. مثال طور 1912 کان وٺي سنڌ جي الڳ تشخص بابت سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ ڳالھيون ھليون.سنڌ ۽ ھند جي مکيه اخبارن ۾ جيڪي انهي حوالي سان ايڊيٽوريل شايع ٿيا، اھي ڊيلي گزيٽ اخبار انگريزي ۾ ترجمو ڪري پنهنجن صفحن ۾ شايع ڪندي ھئي. پنجاپ جون اخبارون اڪثر ڪري لکنديون ھيون تہ سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي پنجاب سان الحاق ڪري. مطلب تہ جيترا ھئا صحافت کي وات اوتريون ٿيون ڳالھيون.اھڙي مواد تي سنڌ جا ماڻھون بہ اخبار ۾ خط لکندا ھئا ۽ لس ٻيلي جي مير ايوب خان جو ھڪڙو خط ڇپيو ھيو ۽ ان ۾ ھن جيڪو خط لکيو ان ۾ ھڪ سنڌي چوڻي بہ سنڌيءَ ۾ ڇپي ھئي، جيڪا آھي: “ پنجابي ايڪ تہ ڀانئن....“ انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي ھر ھڪ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ۾ “ سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ ٿيون جنهن بابت ھزار ڏيڍ کان مٿي صفحن جو مواد ھن اخبار ۾ شايع ٿيو ۽ اھو گل حيات ۾ موجود آھي.اھڙي نموني سان جڏھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ ھلي تہ سنڌي مسلمانن مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏايون ۽ ھندن وري سنڌ کي الڳ نہ ڪرڻ بابت سکر،حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪانفرنسون سڏايون. ڊيلي گزيٽ اخبار ھنن کي وڏي ڪوريج ڏني ۽ اھو سمورو مواد بہ گل حيات ۾ موجود آھي.
جڏھن انگريزن خلاف “مزاحمتي سياست“ جو آغاز ٿيو ۽ “عدم تعاون“ کان وٺي“ ھجرت“ تحريڪن جو آغاز ٿيو تہ ڊيلي گزيٽ اخبار سنڌي ۾ ڇپجندڙ اخبارن جھڙوڪ “سنڌ سڌار“ “ الحق“ ۽ “ سنڌ زميندار“ ۾ انهن تحريڪن خلاف شايع ٿيندڙ ايڊيٽوريلز جا انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپيندي ھئي.گل حيات جي ميڙي چونڊي ۾ اھو مواد بہ موجود آھي. مثال طور 28 مئي 1921 تي “ سنڌ سڌار“ اخبار “عدم تعاون تحريڪ“ جي خلاف ايڊيٽوريل لکيو جيڪو ڊيلي گزيٽ جي 30 مئي 1921 واري پرچي ۾ انگريزي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو ھيو. ان جو اقتباس ھيٺ ڏجي ٿو:
" The Non Co-opertors have nothing left to justify their policy that Non Cooperation is not and has never been non-violent. it is destructive, aim less policy, engineered by diagrunted and disappointed agitators.
There is not a single constructive idea to be found in the doctrine .It is worst form of anarchy and those who preach it ought to be treated as preaching a doctrine subversive of law and order and ought to be kept in restraint as a danger to public safety. India is in need of several reforms and there is plenty of room with in the boundaries of the law to agitate for them.
ڊيلي گزيٽ ۾ سنڌ بابت جيڪو تمام گھڻو مواد شايع ٿيو آھي اھو گھڻي ڀاڱي گل حيات ۾ موجود آھي. باقي ان ۾ ڇپيل مواد جي آڌار تي جيڪا بابا سائين انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي اھا بہ ڪنهن صورت ۾ ستر اسي صفحن کان گھٽ نہ ھوندي. ( ممتاز پٺاڻ)