“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ ھندو مسلم اتحاد لاءِ سنڌي ھندن جي مثالي ڪوششن جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد “
سنڌ امن ۽ انسان- دوستي جي ڌرتي رھي آھي. ھن ڌرتي جي آبادي ھندن ۽ مسلمانن تي مشتمل رھي آھي.ڪلھوڙن جي دور ۾ ڪيترن ھندن سک ڌرم قبول ڪيو .پر پوءِ بہ سنڌ ۾ ھنن کي عوامي سطح تي ھندو ئي ڄاتو ويو. انگريزن “ ويڙھايو ۽ حڪومت ڪيو“ جي پاليسي اختيار ڪئي ان ڪري ھندو مسلم اتحاد کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.انهي ٻرندڙ باھ تي گاسليٽ وري سياست وڌو جنهن ڪري ھندن توڙي مسلمانن لاءِ ويڇا وسارڻ مشڪل ٿي پيو.ھونئن نہ تہ سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ بلاشڪ ھندو مسلمان ڪن موقعن تي وڙھيا بہ سھي، ليڪن وري اھڙو کير کنڊ ٿي ويا جنهن جو مثال نٿو ملي. ھڪ ٻئي جي مذھبي جاين ۽ درگاهن تي وڃڻ، اتان جي ريتن رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ سنڌي سماج ۾ امن توڙي اتحاد کي قائم رکڻ ھندو توڙي مسلمانن پنهنجو قومي ۽ سماجي فرض ڪري ورتو . پر سنڌ جڏھن گڏيل ھندستان جي وڏين پارٽين جو آکاڙو بڻجي وئي تہ انهن ھن ڌرتي جي امن ۽ اتحاد کي ڏاڍو نقصان ڏنو پوء غلطيون ھندن بہ ڪيون تہ مسلمانن بہ ڪيون.مسلمان جيئن تہ گھڻائي ۾ ھيا ان ڪري ھنن سنڌ جي امن ۽ اتحاد لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون.پر جيڪي ھندن اھڙيون ڪوششون ڪيون اھي ڪنهن بہ نموني ۾ مسلمانن جي ڪوششن کان گهٽ ڪو نہ ھيون. بدقسمتيءَ سان انهن جو اسان جي تاريخ ۾ ايڏو وڏو ۽ کليو ذڪر يا تفصيل ڪونهي.گل حيات انهي ڳالھ کي نوٽ ڪندي اھڙي قسم جون شاھديون ۽ گواھيون گڏ ڪندو اچي ٿو جن کي ڏسڻ پڙھڻ کان پوءِ مڃڻو ٿو پوي تہ سنڌ جي امن ۽ اتحاد لاءِ ھندن پڻ مثالي خدمتون سر انجام ڏنيون. انهي حوالي سان اسان ڪيترائي ڪتاب ۽ انهن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آھيون.
ھندن جي اھڙين خدمتن تي تحقيقي ڪم ڪو نہ ٿيو آھي جيڪو ٿيڻ گھرجي .
لعل چند امر ڏنو مل جڏھن سنڌ مدرسي ۾ استاد ھيو تہ ھن “ محمد رسول اللہ“ نالي ائني بسنت جو لکيل ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو هو. جنهن تي ڀوڳن چرچن ۾ ڪي ھندو کيس لعل چند بدران لال محمد سڏيندا ھئا.
1941 ۾ ڪنئيا لعل ڪرپلاڻيءَ “اتحاد ناد“ نالي ڪتاب لکيو ، جيڪو “ سجاڳ ساھتيه منڊل“ ڪراچي ڇپرايو ھيو ھن ۾ ھندو مسلمان درويشن ۽ مذھبي ڪتابن مان ثابت ڪيو ويو ھيو تہ اسان ھندو توڙي مسلمان امن توڙي محبت جي ڏوري ۾ ٻڌل آھيون.
انهي کان اڳ جو ڳالھ کي اڳتي وڌايان، ھي مناسب ٿيندو تہ جن ساڃھ-وند ھندن سنڌ ۾ ھندو مسلم اتحاد کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ وڏيون قلمي ۽ علمي ڪوششون ڪيون، انهن جو ٿورو ذڪر ڪجي.
ان زماني ۾ ڪيترن ھندو ليکڪن اسلامي تاريخ ۽ مسلم ڪردارن تي مضمون بہ لکيا ۽ ڪتاب بہ لکيا جن مان ڪي ھيءُ آھن: “مغلن جي ڏينھن ۾ تعليم جي ترقي“ (موتي لعل بٽاڻي)، “ مينا“ مغل تاريخ جو گمنام ورق ( گوبند مالھي)،“تصوف“ (رامداس لکاڻي)،“ شھزادو سليم“( تاراچند)، سلطان حيدر علي“( پرمون ايم ڪوٽواڻي)،“ مغل بادشاھن جا خاص بادشاھي حق“( شيوارام ڀاڳچند)،“ فضول خرچي“( لکميچند رويچنداڻي)،“ زغلول پاشا جا قول“ ( گوبند مالھي)، “ ميران ٻائي ۽ اڪبر“( موتي لعل بٽاڻي).“ شاھ جهان جو موت“ اورنگزيب جو موت“( موتي لعل بٽاڻي)، “ مولوي احمد شاھ“ ( پارومل ڪيول رامائي)، “ بابر جو موت“( موتي رام بوٽاڻي)، “ جهانگير جو موت“( موتيرام بوٽاڻي)،“ خواج جا خط“( پروفيسر لوڪو مل ڪيواڻي)،“ خيام جا ڪوزا“( پرسرام ڀاٽيہ)،“ ٽيپو سلطان جي جوت تي سرسري نظر“( منوھر داس ڪوڙومل)،“ اقبال رومي جو طالب“( ڪلياڻ آڏواڻي).“ ابن يمين رومي جو طالب“( ڄاڃي لعل آھوجا)،“ مثنوي رومي مان ڪي آکاڻيون“ ( پروفيسر مول چند ٺڪر)، “ سلطان حيدر علي“( پريم اي جوتسنگهائي)،“ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازيہ“( ڄاڃي لعل آھوجا)،“ شھنشاھ اڪبر اعظم“( ڪنعيالعل شوارام)،“ اسلام جو پيغمبر“( ھوتچند ڏيئول جڳتياڻي)، “ باغي “( قاضي نذرالاسلام )،“ نيلم ۽ ٻيون ڪھاڻيون“ ( خواجه احمد عباس)،“ فضول خرچي“ ( خواجه حسن نظامي)،“ زغلول پاشا جا قول“( احمد سعد زغلول)، “ شري ڪرشن“ ( نواب اڪبر يار جنگ بھادر) شامل آھن.
ھندو ليکڪن ۽ اديبن فقط نثر ۾ ڪو نہ لکيو پر جڏھن هندو شاعرن جي شاعري پڙھجي ٿي تہ لونئن ڪانڊارجي وڃي ٿي ڇو تہ انهن ۽ سندن قلم رت رنو ۽ انهي کي مس بڻائي ڏاڍي درد سان شاعري ڪئي آھي.کيئل داس “فاني “ جو ھي شعر ملاحظہ ڪيو :
مسلمان توکي نبيءَ جو قسم- نبي پاڪ جي بندگيءَ جو قسم.
ھندو توکي راڌا- پتي جو قسم - اکنڊ آرتي استتي جو قسم.
سڄڻ ساڻ رھ سڪ سلؤڪت رکي- نہ ڪر درشٽ کي ڀر شٽ غيرت رکي.
۽ وري شانتي ديويءَ جو ھي انداز ڏسو :
ھندو مسلم فرق ڪندو غرق اسان جو - اتحاد سان آزاد ٿيندو ملڪ اسان جو.
شانت سان ناشاد وطن شاد ڪنديونسين-
ملڪ کي ميلاپ سان آباد ڪنديونسين.
اتحاد جي آوزار سان آزاد ڪنديونسين.
اولاد اکين تي ڪندو فرمان اسان جو.
اتحاد ۽اتفاق آھ ايمان اسان جو.
کيمچند ٽي پارواڻي نماڻو لکي ٿو تہ:
اچو وير ويڇا وساري ڇڏيون.
ملي ساڻ محبت گلي کي گڏيون،
پوي ڪاري ڪڏھين تہ سڪ مان سڏيون،
ڇڏيون ڦوٽ ڊاھي تہ قومون وڏيون.
سکو سبق تنهن مان ڪيون ايڪتا،
“نماڻا“ پوءِ لاشڪ ٿئي سڦلتا.
مون گل حيات جي ميڙي چونڊي مان ھي ٻہ ٽي مثال ڏنا آھن اسان وٽ انهي موضوع تي چڱو مواد آھي ۽ اھو مختلف لائبريرين ۾ پڻ موجود ھوندو .ڪاش ڪنهن دوست کي اھو خيال اچي ۽ ھن موضوع تي مواد گڏ ڪجي تہ ھوند ان مان سٺو ڪتاب جوڙي سگهجي ٿو.( ممتاز پٺاڻ)