“ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“سنڌي ٻوليءَ ۽ لپيءَ بابت گل حيات ۾ موجود مواد“
ابوالحسن کي موجوده سنڌي لپيءَ جو باني چيو وڃي ٿو، ھن 1700 عيسويءَ ۾ سنڌي لپي ٺاھي جيڪا 1851 تائين سنڌ ۾ مقبول رھي ۽ انهي ۾ سڌارا آڻي موجوده لپي ٺاھي وئي. پر انهي لپي ٺھڻ کان اڳ ۾ انگريز سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي اھميت ۽ عظمت کي قبول ڪرڻ لاءِ وڏا قدم کنيا.
8 مئي 1848 تي ممبئي سرڪار ھڪ ڪميٽي ٺاھي ۽ سول خواه ملٽري ۾ ملازمت وٺندڙ اميدوارن کان سنڌي ۾ امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 22 جون 1848 تي ممبئي سرڪار اھڙي حڪم نامي جي ڪاپي سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن انهي ھدايت سان ڏياري موڪلي تہ جيڪو ماڻھو سرڪاري نوڪري ڪري ان کان سنڌيءَ جو بہ امتحان ورتو وڃي.1851 ۾ جڏھن موجوده لپي جوڙي وئي تہ ان کان پوءِ موجوده لپي ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. 6 سيپٽمبر 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجو سرڪيولر نمبر 1825 واسطيدار سرڪاري کاتن ڏانهن ڏياري موڪليو جنهن ۾ کين ٻڌايو ويو تہ سول ملازمت ڪندڙ آفيسرن کي لازمي طور تي سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪرڻو پوندوم ان کان پوءِ عملدارن کان سال ۾ ھڪ دفعو سنڌي ۾ امتحان ورتو ويندو ھيو، جيڪو اھڙا عملدار ڏيندا ھئا جن اڳ ۾ اھو امتحان نہ ڏنو ھيو. موجوده سنڌي لپي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سمورن ضلعي آفيسرن کي پابند بڻايو ويو تہ اھي سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻائن.انھي حڪمنامي تي سختي سان عمل ڪرايو ويو.اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جو قديم دفتري رڪارڊ سنڌي ۾ آھي.
منهنجي اڄوڪي ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد ھيءُ آھي تہ پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ موجوده سنڌي لپيءَ خلاف شروع کان وٺي پنهنجن ئي ماڻھن ڪات ڪھاڙا کنيا ۽ انهن ڪمزورين جو فائدو ٻين ٻولين ڳالھائيندڙن کي مليو. جڏھن 1851 ۾ سر بارٽل فريئر پنهنجي ڪمشنريءَ واري زماني ۾ موجوده سنڌي لپي نافذ ڪئي وئي تہ ڪن ماڻھن ديوناگيري لپيءَ جي حق ۾ تحريڪ ھلائي. تڏھوڪي سرڪار سنڌ ۾ لساني اختلافن کي پروان چاڙھڻ نہ ڏنو ۽ سرڪاري طور تي اھو فيصلو ڪيو ويو تہ جيڪو شاگرد ديوناگيري لپي ۾ تعليم وٺڻ چاھي، تہ وٺي سگهي ٿو. ڪراچيءَ ۾ ھڪ ديوناگري اسڪول بہ قائم ڪيو ويو ۽ پر اھو گهڻو وقت ھلي نہ سگهيو. ان کان پوءِ اڄوڪي ڏينهن تائين اھا سنڌي- عربي لپي اسان جي تعليمي نظام ۾ رائج رھي.پر ديوناگيريءَ لپي جي تحريڪ ڪڏھن ختم نہ ٿي ۽ انهي تي سنڌ جا ڪي ھندو عالم انگريزن جي دور جي پڇاڙيءَ تائين ڪم ڪندا رھيا ۽ لکندا رھيا.
اڄ پوسٽ جي شروعات ۾ جڪيا تصوير رکي اٿم اھا پڻ لپيءَ جي مسئلي تي آھي جنهن جا تفصيل بعد ۾ ڏيندس، پر اڳ ۾ ڪي ڪم جون ڳالھيون.
سنڌ “لساني رواداري“ جو انساني تاريخ ۾ مثال قائم ڪري رکيو آھي. ھن ڌرتيءَ ھفت زبان شاعر پئدا ڪيا، ڪنهن بہ ٻولي سان بغض ۽ ظلم نہ ڪيو. عربي ۽ فارسي جو ادب سنڌين جي قلمي ۽ علمي ڏات سان ڀريو پيو آھي. پر ڏک جي ڳالھہ ھئ آھي تہ سنڌي زبان جنهن ۾ دنيا جي سڀني ٻولين کان اڳ ۾ قرآن شريف جي ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان کي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آھن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجن توڙي پراون وٽان جائز مڃتا ڪو نہ ملي آھي. اڄ بہ ڪيترن وڏن سنڌي گھراڻن ۾ جيڪي وڏن شھرن ۾ رھن ٿا، انهن جي گھرن ۾ بہ سنڌي نہ ٿي ڳالھائي وڃي ۽ نہ ٻارن کي پڙھائي وڃي ٿي.
انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ ھندي،سنسڪرت، ديوناگيري ۽ اردو ٻوليءَ بابت ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿيون جن ۾ انهن ٻولين کي وڌيڪ مانوس ۽ مقبول بڻائڻ لاءِ جتن ڪيا ويا. آئون ھر ڪنهن ڪوشش تي تفصيل سان لکڻ ويھندس تہ ان لاءِ ھئ ھڪ پوسٽ ڪافي نہ ٿيندي. ان ڪري ھلندي ھلندي ڪي حوالا دوستن سان شيئر ڪرڻ مناسب ٿيندو .
29مارچ 1918 تي ڪراچي ۾ صوبائي “اردو ڪانفرنس“ ٿي ھئي جنهن جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي ھئي ۽ ان جي “استقباليه ڪميٽي“ جو چيئر مين عبدالرحمان بئرسٽر ھيو. انهي ڪانفرنس ۾ ٺھراءَ نمبر 4 ذريعي “ڪراچي ميونسپالٽي“ کان مطالبو ڪيو ويو ھيو تہ اھي اردو اسڪول قائم ڪري. ھيءَ ڳالھ ياد رکڻ گهرجي تہ 1916 جي شروعات ۾ ڪراچيءَ ۾ “ انجمن ترقي اردو“ قائم ٿي ھئي، جيڪا سالن جا سال ڪراچي ۾ سرگرميون ڪندي رھي،مشاعرا ڪرائيندي رھي ۽ ڪانفرنسون ڪرائيندي رھي.
اردو کانسواءِ ھندي، سنسڪرت ۽ ديوناگيري لپين کي عام ڪرڻ لاءِ پڻ وڏيون ڪوششون ڪيون ويون . مارچ 1918 ۾ پنڊت لونيڊارام جي صدارت ۾ ڪراچي ۾ ڪانفرنس ٿي ھئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ھيو تہ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ھندي کي بہ پڙھايو وڃي. 9نومبر 1919 تي “ سنڌ سنسڪرت اتيجڪ منڊل “ جي سھاري ھيٺ ڪراچي جي خالقڏني هال ۾ سنسڪرت ڪانفرنس ٿي ھئي جنهن طرفان سنڌ ۾ سنسڪرت ۽ ھندي کي مقبول بڻائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي وئي. ھن منڊل ۾ تمام وڏا ناميارا ھندو ميمبر ۽ عھديدار ھيا جن منجهان ديوان تاراچند شوقيرا،راءِ بھادر سيٺ آلو مل ٽيڪمداس، پرنسپال شاھاڻي، پرنسپال ٽي ايل واسواڻي جا نالا ذڪر لائق آھن.
جڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽو تعليم جو ڊائريڪٽر ٿيو تہ ھن درسي ڪتابن ۾ اعرابون ڏياريون ، جنهن تي ڪيترن ھندن طرفان وڏي ھاءِ گهوڙا متي ۽ نيٺ سرڪار مجبور ٿي ڪري “ سنڌي ادبي بورڊ“ ٺاھيو ھيو. انهي زماني ۾ ڪيترن ھندو عالمن“ سنڌ ساھت سڀا“ نالي ھڪ تنظيم ٺاھي، جنهن طرفان ڪيترائي پمفليٽ ڪڍي ثابت ڪيو ويو تہ سنڌي جي “ سنڌي- عربي لپي“جي بدران “ديوناگري“ يا “سنسڪرت لپي“ تمام ضروري آھي. انهي سلسلي ۾ ڌرم ديو ڄيٽلي جيڪو پمفليٽ لکيو، ان جي تصوير ئي ھن پوسٽ ۾ شامل آھي.اهو سنڌي ساھت سڀا جو 5 نمبر پمفليٽ آھي جيڪو 10 صفحن تي مشتمل آھي.
مون ھن پوسٽ ۾ ڪجه حوالا ڏنا آھن ۽ پوسٽ جي طويل ٿيڻ جي ڊپ کان ڪيترا حوالا ڪو نہ ڏنا اٿم پر 1848 کان وٺي 1947 تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي موجوده لپيءَ کي جيڪي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا ۽ انهي جھيڙي دوران ٻين ٻولين کي تعليمي ۽ سماجي ميدانن ۾ جڳه ملي، اھو سمورو ۽ سربستو احوال ۽ مواد گل حيات ۾ موجود آھي. ( ممتاز پٺاڻ)