گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
“ جرمني، جرمن ادب ۽ گل حيات ۾ ان بابت گڏ ٿيندڙ مواد“
80 جي پھرين ڏھاڪي ۾ بابا سائين “سنڌ سگهڙ سنگت“ ٺاھي ۽ سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ کي ان جو وڏو بڻائي سموريءَ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گڏجاڻيون ڪري سگهڙن کي بيدار ڪيائين . سگهڙن جي نظرياتي ۽ ادبي تربيت ڪرڻ لاءَ ھفتي وار“ آزاد اخبار“ ۾ 50 ڪالم لکيائين ۽ اھا اخبار ڪيترن ئي سگهڙن تائين پھچايائين. سگھڙن جي ھڪ ڪانفرنس گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچي ۾ منعقد ڪرايائين. انهي ڪانفرنس ۾ سگھڙن کان “ ڏھس ۽ سينگار“ جا بيت چورايائين انهن بيتن ۾ سنڌيءَ کان سواءِ مختلف ٻولين جا لفظ بہ استعمال ٿيندا آھن بابا سائين ڪن سگھڙن کان “ڏھس“ جا اھڙا بيت لکرايا جن ۾ انگريزيءَ جا لفظ گھڻا ڪم آندا ويا ھئا. اھي بيت جڏھن انهن گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ پڙھيا تہ اداري جا ڌڻي حيران ٿي ويا ۽ اداري جي ڊائريڪٽر تقرير ۾ چيو تہ جيڪڏھن “ سنڌ جا اڻ پڙھيل ماڻھون بہ ايترا ذھين آھن تہ پوءِ پڙھيلن جي ڪھڙي نہ وڏي اھميت ۽ حيثيت ھوندي“.
ڪراچي جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ سگا جو باني ڊاڪٽر سليمان شيخ، انهن ڏينهن جو ليبر ليڊر منير چانڊيو ۽ بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ليڪچر ڏيندا ھئا. سگھڙن جي ڪچھري اتي ڪرائڻ کان پوءِ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي عملدارن ۽ بابا سائين جي وچ ۾ گھري دوستي ٿي .پوءِ بابا سائينءَ “جرمني ۽ سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ سماجي لاڳاپن“ تي تحقيق ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. سورھيہ بادشاھہ تي انگريزن جيڪي ڪوڙا الزام ھنيا ھئا انهن مان ھڪ الزام ھي بہ ھيو تہ پير پاڳارو جرمن کان اسلحو وغيره وٺي انهن جي سياسي سپورٽ سان سنڌ ۾ انگريزن خلاف بغاوت ڪري رھيو آھي. ان ڪري انگريزن پير ڳوٺ جي ڪوٽ کي بہ ڪيريو ۽ گڙنگ بنگلي تي بمباري بہ ڪئي ھئي.
ضياءُ الحق جي مارشلا جا ڇتا ڏينهن ھئا ۽ سنڌ گرجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچئ ۾ “علام آء آء قاضيءَ ڪانفرنس“ سڏائي . انهي موقعي تي صدارت سنڌ جو تڏھوڪو تعليم وارو وزير ڪري رھيو ھيو . بابا سائين انهي موقعي تي“ سنڌ ۾ انڊر گرائونڊ تحريڪون ۽ انهن ۾ جرمنيءَ جو حصو“جي عنوان سان پيپر پڙھيو، جنهن تي صدارت ڪندڙ وزير نہ ڪئي ھم نہ ڪئي تم بابا سائين کي ٺاھوڪيون ٻہ ٺپيون بہ ٻڌايائين ۽ پورو پيپر بہ پڙھڻ نہ ڏنائينس. بابا سائين جو اھو مضمون ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ماھوار رسالي “ الصادق“ ۾ ڇپيو ھيو.
جرمني ۽ سنڌ جي لاڳاپن تي ھن وقت تائين ڀرپور ڪم نہ ٿيو آھي. اسان فقط ايترو ڄاڻئون ٿا تہ ارنيسٽ ٽرمپ جرمني جي ليپزگ شھر مان شاھہ لطيف جو رسالو ڇپرايو ۽ جنهن کان پوءِ سنڌ ۽ جرمني جا علمي لاڳاپا شروع ٿيا. اسان کي اھا خبر آھي تہ علامه آءآء قاضي جي گھر ڌياڻي ايلسا قاضي جرمن ھئي ۽ سندن شادي سنڌ ۽ جرمني جي رومانٽڪ لاڳاپن جو آغاز بڻيو. پوء سنڌ جي ڪن ماڻھن جي گھر ۾ جرمن مايون گھر ڌياڻيون رھيون .اسان کي خبر آھي تہ مائي اينيميري شمل جرمني جي اھا اسڪالر ھئي، جنهن سنڌ جي تصوف ۽ صوفي شاعرن تي ڪم ڪيو ۽ ھن مائي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ادبي حلقن ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو ھيو.
سنڌ ۽ جرمني جي اھڙن لاڳاپن ۽ رشتن تي ڀرپور تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي . جرمني ادب سنڌي ۾ ترجمو ٿيو آھي ۽ سنڌي شاعري خواه ادب وري جرمني ۾ ترجمو ٿيو آھي. ڄيٺمل پرسرام گلراج 1926 ۾ گوئٽي جو “فائوسٽ “ ڪتاب ترجمو ڪيو ،جنهن جي ڪاپي بابا سائين ڪراچي جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ کي ڏني ھئي ۽ اھو 1982 ۾ شايع ٿيو ھو. مون انهي ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير اڄوڪي پوسٽ جي شروع ۾ رکي آھي. ياد رکڻ گھرجي تہ جڏھن مھاڀاري جنگ ۾ جرمنئ مغربي ملڪن کي نڪ ۾ دم ڏنو تہ سنڌي ماڻھن انگريزن جي دشمني ۾ جرمن جي شخصيتن ۽ ادب جو نہ فقط مطالعو ڪيو، پر اھو ترجمو ڪري سنڌي ۾ بہ ڇپرايو. جيتوڻيڪ جرمني کي اتحادي ملڪن انسان دشمن ملڪ قرار ڏنو ۽ انهن تي يھودين جو قاتل سڏيو تہ بہ سنڌي ماڻھن، دشمن انگريز جي دشمن جرمني کي پنهنجو دوست سمجهو ۽ پنهنجي علمي خواه قلمي قبيلي ۾ ان کي پنهنجي انداز سان مانوس ڪرايو. انگريزن خلاف باغي اڳواڻن مان مولانا عبيداللہ سنڌي ۽ ٻيا ڪيترا ليڊر جرمني ۾ رھيا ۽ اتان انگريزن خلاف ڪم ڪندا رھيا.مولانا عبيداللہ سنڌي اتي ڪانگريس جي آئين تي نظرثاني ڪري پنهنجو آئين ڇپرايو ھيو جيڪو انگريزي ۾ آھي ۽ گل حيات ۾ موجود آھي. مان ان تي ھڪ الڳ پوسٽ لکي چڪو آھيان.( ممتاز پٺاڻ)