“ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ اڳي اسان جي ابن ڏاڏن کي ڇا پڙھائيندا ھيا“
اڄ مون پراڻن درسي ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي ھڪ اڌ ڪتاب جا ورق ورائي ڏٺم. ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ“ قائد اعظم محمد علي جناح جھرڪن ۾ ڄائو“. انهي سبق جي ڪاپي ڪيترا دفعا بابا سائين ۽ ٻين ماڻھن انٽرنيٽ تي شيئر ڪئي آھي، ان ڪري مون انهي کي ڇڏي سنڌي چوٿين درجي جي ڪتاب کي اڄ جي پوسٽ لاءِ چونڊيو اٿم ۽ انهي جي ٽائيٽل پيج جي تصوير بہ ڏني اٿم .ھي ڪتاب 1944 ۾ ڇپيو ۽ انهي جي قيمت 7 آنا 6 پايون آھي ۽ ان ۾ ڪل 87 سبق آھن ۽ 220 صفحن تي مشتمل آھي .اڪثر سبقن ۾ نھايت خوبصورت ۽ وڻندڙ تصويرون ڏنيون ويون آھن .ڪتاب جي مواد کي ڏسجي ٿو تہ اھو جيتوڻيڪ سيڪيولر انداز جو ناھي پر ان ۾ ھندن توڙي مسلمانن جي مذھب،تاريخ ۽ قدرن ۽ نظرين ۾ توازن رکيل نظر اچي ٿو.
مون ھن ڪتاب کي غور سان ڏٺو ۽ ورق ورائي پڙھيو تہ جيئن اھو اندازو لڳائي سگهان تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ان دور جو تعليمي نظام ڪھڙي معلومات ڏيندو ھيو. ان ڪري مون انهي جو سبق نمبر 54 “ انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ مياڻي جي جنگ“ ور ور ڏئي پڙھيو. ڏک انهي ڳالھ جو ٿيو تہ 1944 ۾ سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت ھئي، نصاب ٺاھڻ ۽ نظرثاني ڪرڻ وارين ڪميٽيون بہ سنڌين جون ھيون ، پر ان دور جي ٻارن کي سنڌ جي تاريخ ٽوڙي موڙي ڪري پڙھائي ويندي ھئي. ھن سبق ۾ انگريزن کي بھادر ھوشيار ۽ ھيرو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ حقيقت ان جي برعڪس آھي. نيپيئر 1843 ۾ ڌوکي سان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ جيڪو ھندستان جي وائسراءِ کي اطلاع ڏنو ھيو ان جو سنڌي ۾ مطلب آھي “ مون ڏوھ ڪيو آھي“ ۽ انگريزي لفظ اٿس“ I have sinned “.
سنڌ جي تاريخ سان اھڙي ويڌن ان ڪري ٿي آھي جو اسان سنجيدگيء سان“ تاريخي تحقيق“ ۾ دلچسپي ورتي ئي ڪا نہ آھي. پنهنجو قلم ٻين جي ھٿن ۾ ڏنو اٿئون جن پنهنجي مرضي سان ۽ پنهنجن مقصدن لاءِ اسان جي شاندار ماضي جو حليو بگاڙي ڇڏيو آھي.
مياڻي جي جنگ جي مختلف پھلوئن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون ۽ جيترو بہ غير جانبدار ٿي لکبو تہ اوترو ئي انگريزن جي ملڪ گيري جي ھوس ۽ لالچ چٽي ٿي بيھندي. مياڻي جي جنگ تي تمام گهڻو مواد موجود آھي پر جڏھن بہ انگريزن جي دور ۾ انهي موضوع تي لکيو ويو تہ ميرن کي ڏوھاري ۽ انگريزن کي ھيرو ڪري پيش ڪيو ويو .منهنجي ھٿن ۾ راءِصاحب اُڌارام چانڊومل ٿڌاڻي جو ڪتاب “ سنڌ جا مير ۽ مياڻيءَ جي جنگ بئتن سوڌي“ آھي. ھي ڪتاب دراصل 1896 ۾ ليڪچر جي صورت ۾ اڌارام چانڊومل ڏنو ھيو جنهن کي 1938 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.ھن ڪتاب ۾ بہ سليقو ۽ طريقو روايتي قسم جو آھي ۽ تاريخ تان پردا ھٽائڻ لاءِ گهڻي غير جانبداري ڪا نہ ڏيکاري وئي آھي. پر مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ انهي ڪتاب جي آخر ۾ لوڪ شاعرن جا مياڻيءَ ۽ دٻي جنگ تي بيت ڏنا ويا آھن، جيڪي نہ فقط واقعاتي بيت آھن پر انگريزن جي شروعاتي دور جي اھا شاعري آھي جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ سياست تي عوامي ردعمل جو رڪارڊ موجود آھي. مناسب ٿيندو تہ مان انهي شاعري جون ڪي مصرائون پنهنجي پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيان.
مٺيان لڳي مير کي ڪاوڙ قصد.
جنگ ڪريسون، ملڪ نہ ڏيسون، واڻي مير ورايا.
اَٿو انگريز اھڙو جنهن سان ھيڻي ڪوم ھلائي،
گھڻيون ولانون ورتيون فلنگيءَ دڙ ڪي ساڻ دٻائي!
سنڌ نہ ڏجو، سورھيہ! پنهنجا مرد ڏجو مارائي.
تنهن تي مڙيني ميرن مصلحت ڪي صوبا سڀ سڏائي،
ڪاھي پيڙا ڪئمپ ۾، غازين ڪين گھٽايو،
ڀڄائي اترام کي غازين غوراب لٽايو.
اترام ڀڄي آيو پيو ٻيڙين ۾ ڪاھي،
اچيو تنهن جرنيل کي ٿو ڳالھيون ٻڌائي.
ڳالھ ماضي جي درسي ڪتاب جي ڪرڻي ھئي ۽ انهي منجهان فقط ھڪ سبق کي کڻي مون پنهنجي اندر جا احوال اوريا ۽ اھو عرض ڪيو تہ سنڌ جي تاريخ تي منظم نموني سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ اھا ڳالھ جيڪڏھن اسان سمجهي ورتي تہ پوءِ اسان نہ فقط پنهنجي شاندار ماضيءَ کي بچائي سگهنداسين پر ان منجهان گهڻو لاڀ ڀي پرائي سگهنداسين. ( ممتاز پٺاڻ)