گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
“سنڌ جي اديبن جا بابا سائين ڏانھن لکيل خط“
خطن جي حوالي سان مان ھڪ پوسٽ اڳ ۾ بہ رکي چڪو آھيان، جنهن ۾ انهن خطن جو ذڪر ڪيو ھيم جيڪي پرڏيھي عالمن بابا ڏانهن لکيا. 1977 کان بابا سائين علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ اھڙين سرگرمين ۾ شرڪت ڪيائين .سندن اھو رڪارڊ خود سنڌ جي علمي،ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو.
اڄوڪي پوسٽ ۾ مون پير حسام الدين شاھ راشدي ۽ محمد ابراھيم ڄوئي جي خطن جو عڪس رکيو آھي. سنڌ جي جن مشھور شخصيتن ۽ سرگرم علمي خواه ادبي ۽ صحافين بابا سائين ڏانهن خط لکيا آھن ۽ اھي گل حيات ۾ موجود آھن،مناسب ڄاڻان ٿو تہ انهن مان ڪن شخصيتن جا نالا دوستن سان شيئر ڪيان، جيڪي آھن: پير حسام الدين شاھ راشدي،جي الانا، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم طالب المولا،محمد ابراھيم جويو، حبيب اللہ ڀٽو شڪارپوري، ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، تاجل بيوس، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، مخدوم جميل الزمان، امير بخاري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، جبار“تاثير“،منظور ابڙو،ڊاڪٽر ممتاز بخاري ھالائي، پريل دايو “ پنو عاقلائي“، ڏاتر شر، صوفي محمد ايوب شر، آدرش، راشد مورائي، شيخ جمال آزاد، اياز گل، ادل سومرو، آزاد انور ڪانڌڙو، محمد رحيم ڪنڀر، نور سنڌي شھداد پوري، اصغر علي آڪاش،فھميده قريشي، ڊاڪٽر فھميده حسين، ظفر حسن، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، عباس سارنگ، ڊاڪٽر بدر سومرو، فضل سليمان قاضي، نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، شوڪت حسين شورو،ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو،بيدل مسرور وغيره.
مان 1977 کان وٺي بابا سائين ڏانهن لکيل انهن خطن کي ترتيب ڏئي رھيو آھيان .تمام کوڙ خط آھن جن مان ڪي نالا ڪڍي شيئر ڪيا اٿم ۽ آئون اھا ڪوشش ڪندو آھيان تہ جن شخصيتن بابا ڏانهن خط لکيا آھن انهن بابت ڪا معلومات بہ وٺندو ۽ گڏ ڪندو وڃان تہ ساڻن بابا سائين جو ڪيترو تعلق رھيو. جن شخصيتن جا نالا ڏنا اٿم انهن بابت چاھيندس تہ ٿوري معلومات ھن پوسٽ ۾ ڏيندو ھلان.
پير حسام الدين شاھ راشدي جڳ مشھور محقق ھيو ھو عمر ۾ ۽ علم ۽ نالي ۾ بابا سائين کان وڏو ھيو ، پر سندس وڏماڻهپائپ اھا ھئي تہ ھو پاڻ بہ بابا ڏي ايندو ھو ۽ بابا بہ ڏانهنس اڪثر ڪري ويندو ھو .اڄ جيڪو سندس خط مون ڏنو آھي اھو ھن 30.5.1978 تي لکيو آھي جنهن ڏينهن ھو بابا وٽ آيو ۽ ٻنهي جي ملاقات ٿي نہ سگهي. جنهن ڪري چٺي لکي ويو تہ “ مھرباني ڪري مون سان ڪنهن بہ ڏينهن صبح جو اچي ملي ويندا“. مرحوم جي الانا بہ عمر،تجربي ۽ نالي ۾ بابا کان وڏو ھيو پر ھن جي خطن ۾ سندس ماڻهپي جي خوشبوء موجود آھي. بابا جون بہ ھن سان گهڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ ھن جڏھن“ گنان“ ۽ سنڌ جي “ڪلاسيڪل شاعرن“ تي ڪتاب لکيا تہ ان تي بابا سان مشورا ڪندوھو، ۽ اھڙو ذڪر ھن ڪتابن ۾ بہ ڪيو آھي. بابا 1985 ۾ سنڌالاجي ۾ آيو ۽ انهي کان اڳ محمد ابراھيم جوئي سان سندس خط و ڪتابت رھي ۽ مرحوم جويو جڏھن ڪراچي ويندو ھيو تہ بابا ۽ ھن جي وچ ۾ ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ انهن ڪچھرين جي حوالي سان ھو حيدرآباد موٽي بابا ڏي خط لکندو ھو، اهي خط اسان وٽ موجود آھن .شڪارپور جو حبيب اللہ ڀٽو استاد بہ رھيو ۽ پوءِ ڪائونسلر بہ رھيو .ھو ڏاڍو سٺولکندو ھيو ۽ سندس ڪتاب “ سنڌي ساھت ۽ مشھور مستشرقين“ وڏي اھميت وارو ڪتاب آھي . ھن بابا ڏانهن ڪيترائي خط لکيا جيڪي علمي ۽ ادبي حيثيت رکن ٿا. سنڌالاجيءَ مان جن مھربانن بابا سان چڱي خاصي تفصيلي خط و ڪتابت ڪئي، انهن مان بابا جو پي ايڇ ڊي گائيڊ ۽ استاد ڊاڪٽر غلام علي الانا،ميڊم مھتاب اڪبر راشدي ۽ شوڪت حسين شوري جا نالا ذڪر لائق آھن. انهي خط و ڪتابت جو چڱو خاصو حصو “ سنڌالاجيءَ سان منهنجو سھڪار“ جي عنوان سان گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو ابن بطوطه ھيو .ھي مثالي محقق ڪيترا دفعا گل حيات آيو. سندس خط و ڪتابت اسان وٽ موجود آھي. ڊاڪٽر حفيظ قريشي ۽ سندس ڀيڻ فھميده قريشي سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ ٻہ مثالي ڪردار آھن. ھنن “ سنڌ قومي ساٿ“ نالي تنظيم ٺاهي سنڌي سماج ۾ مزاحمتي روين کي اڀاريو .ھنن مائي جندو جو ساٿ ڏنو ۽ ٽنڊي بھاول جي شھيدن جو پلاند وٺي ڏيکاريو. هنن ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو کوڙ مواد گل حيات ۾ موجود آھي، جن ۾ مادام فھميده قريشي جا خط بہ موجود آھن. ڊاڪٽر فھميده حسين موجوده دور ۾ تحقيق ۽ ادب ۾ وڏو نالو آھي. سندس ڪجه خط اسان وٽ موجود آھن.مادام نجمه شيخ جيڪا تازو وفات ڪري وئي انهي جي خطن جو ھڪ مڪمل فائيل گل حيات ۾ موجود آھي. ھن وانگر سڪندر آباد، ٺري مير واه جي غازي محمد ايوب شر جا خط بہ ھڪ کان وڌيڪ فائيلن تي مشتمل آھن ۽ اسان وٽ موجود آھن. مخدوم جميل الزمان 1985 کان وٺي بابا سان خط و ڪتابت ڪئي آھي ۽ سندس ڪيترا خط گل حيات ۾ موجود آھن.ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ ۽ بابا سائين اسلاميه ڪاليج ۾ گڏ ليڪچرار ٿيا ۽ سندن دوستي جو ناتو اڄ ڏينهن تائين ھلندو پيو اچي .ھن ڪيترا خط بابا کي لکيا جن تي مشتمل ھڪ پورو فائيل موجود آھي.
مون اڄوڪي پوسٽ لکندي ۽ رکندي ذھن ۾ اھو سوچيو تہ پڙھندڙن کي اھا گذارش ڪيان تہ خط و ڪتابت اسان جي علمي ۽ ادبي سماجي ۽ سياسي تاريخ کي سمجھڻ ۽ مرتب ڪرڻ ۾ وڏي اھميت رکن ٿا. ھر ڪنهن قلم ڌڻي کي ھي شيون سانڍي رکڻ گهرجن ڇو تہ انهن منجهان سندن علمي ۽ ادبي قد بت ۽ حيثيت جي بہ خبر پوي ٿي ۽ ان سان گڏ وقت ۽ حالتن تي بہ روشني پوي ٿي. ( ممتاز پٺاڻ)