گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
“ گانڌئ ۽ سنڌ جي مامرن بابت گل حيات ۾ موجود مواد“.
ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي ھندن مھاتما گانڌيءَ ۽ رابندير ناٿ ٽيگور کي سنڌ ۾ مانوس ۽ مقبول بڻايو .اھو بہ ايتري قدر جو ھندو توڙي مسلمان انهن ٻنهي شخصيتن کي محبتن سان ڏسندا ھئا.1930 ۾ رابندير ناٿ ٽيگور سنڌ ۾ آيو ھو. ان وقت “ رابندر ناٿ ٽيگور لٽرري اينڊ ڊراميٽڪ سوسائٽي“قائم ٿي چڪي ھئي ۽ ھن حيدرآباد ۾ ان جو افتتاح ڪيو هو. انهي موقعي تي جيڪو کيس سپاسنامو ڏنو ويو هو ان جي وڏي سائيز ۾ ڇپيل ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. ٽيگور ۽ سنڌ جي حوالي سان گل حيات وڏو ڪم ڪيو آھي ۽ اھا معلومات اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
ٽيگور دانشور ھيو، پر گانڌي ھڪ مڃيل سياستدان ھيو .ھن جي ڪانگريس ۾ وڏي حيثيت ھئي ۽ انهي حوالي سان سنڌ سان ھن جو گھرو تعلق رھيو. سنڌ سان سندس محبت جو ھڪڙو ڪارڻ ھي بہ ھيو تہ جڏھن ھو ولايت پڙھڻ ويو ھو تہ اتي ھڪ سنڌيءَ کيس سستي گهر وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ھئي. ان ڪري ھو سنڌين جي لاءَ دل ۾ محبت رکندو ھو. گانڌي ڪانگريس جو اھو واحد اڳواڻ آھي جنهن تي سنڌيءَ ۾ گهڻو لکيو ويو . اھڙن ڪتابن جا تفصيل بابا سائين جي ڪتاب “ ادب ۽ ماحول“ ۾ موجود آھن جن کي ھتي ورجائڻ ضروري نٿو سمجهان ڇو تہ مون کي ٻئي حوالي سان پڻ اھم ڳالھيون ڪرڻيون آھن. گانڌي سنڌ ۾ 7 دفعا آيو ۽ ھن لکيو آھي تہ “ھندستان جي ھر ڪاشئي مون کي وڻي ٿي پر جڏھن پھريون دفعو 1916 ۾ سنڌ ڏٺم تہ انهي سان انگ لڳي ويو ۽ مون سنڌين سان ڏاڍيون کريون ۽ سچيون ڳالھيون ڪيون آھن .گانڌيءَ 1916 کان پوءَ،1917،1920،1921،1929،1931۽ 1934 ۾ سنڌ ۾ آيو . سنڌي ھندن ڪانگريس جي سياست ۾ ھن جي ڀرپور مدد ڪئي 1893 ۾ سي.ايل.لڇيرام مالي مدد سان ھن جي “ناتال انڊين ڪانگريس “ ۾ مدد ڪئي ھئي. آچاريا ڪرپلاڻي،ڊاڪٽر چوئٿرام، وشنو شرما، پروفيسر ملڪاڻي، ھنگوراڻي،تولارام ھنگوراڻي، آچاريا گدواڻي، جيرامداس دولترام ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي سندس ويجها ساٿي ٿي رھيا. گانڌي جو سنڌ جي گدواڻي خاندان سان وڏو گهرو سياسي تعلق رھيو. پروفيسر ملڪاڻيءَ سندس ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا. اھو گانڌئ جو اثر ھيو جو آچاريا ڪرپلاڻي آل انڊيا ڪانگريس جو صدر بڻيو پر جڏھن ٻين کيس نہ سٺو تہ ھن کي انهي عهدي تان استعفا ڏيڻي پئي. سنڌي ھندو جيرامداس دولترام کي انڊيا ۾ بھار جو گورنر بڻايو ويو.
ھندستان جي ورھاڱي ٿيڻ وقت سنڌ جي ھندن اھا ڪوشش ڪئي تہ پنجاب ۽ بنگال جي ورھاڱي وانگر سنڌ کي بہ ورھايو وڃي.ھندن جو ھڪ وفد انهي لاءِ ساڻس مليو بہ سھي مگر گانڌيءَ کلي اھا ڳالھہ ٽاري ڇڏي ۽ کين ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان ملڻ جو مشورو ڏنو. انهن سنڌي ھندن ھي ٿي چاھيو تہ ٿرپارڪر ۽ ان جي ڀر پاسي واري علائقي تي“ ھندو سنڌ “ قائم ڪئي وڃي. پر اھا ھن ڪري ڪانگريس جي اڳواڻن کي ناممڪن لڳي ڇو تہ اتي پاڻي جو مسئلو سندن حل ڪرڻ کان ڏکيو ھيو.گانڌي پوءِ بہ سنڌين جي آبادي لاءِ رياستي مھاراجائن سان ڳالھائي سندن آباد ڪاريءَ ۾ وڏي مدد ڏني.
سنڌي ھندو ھتان لڏي ويا تہ انهن “گانڌھي ۽ سنڌ“ تي گهڻو لکيو آھي پر سنڌ ۾ اھو سلسلو 1947 کان پوءِ ھڪدم بند ٿي ويو. گل حيات اداري ۾ ھن موضوع تي جيڪو مواد موجود آھي ان جو واسطو انگريزن جي دور سان ئي آھي. گانڌھيءَ جي زندگي جي احوال ۽ سندس سياسي پيغام تي کوڙ ڪتاب لکيا ويا،جن منجهان چڱا خاصا ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.اڄ مون جنهن ورق جي تصوير ڏني آھي اھو گانڌي جي ايڊيٽري ۾ نڪرندڙ “ھريجن“ اخبار جو ايڊيٽوريل آھي.انهي اخبار ۾ گانڌيءَ سنڌ جي سياسي مامرن ۽ مسئلن تي تمام گھڻو ڪجه لکيو.انهي اخبار جي 6 جنوري 1940 واري پرچي ۾ گانڌيءَ سنڌي ھندن کي سنڌ مان لڏڻ جي صلاح ڏني آھي.جيتوڻيڪ “لڏ پلاڻ“ ورھاڱي واري معاھدي جو ڪو حصو يا شرط ڪو نہ ھيو پر گانڌئ جي لکيل انهي ايڊيٽوريل مان خبر پوي ٿي تہ ھن ورھاڱي کان ست اٺ سال اڳ سنڌي ھندن جو لڏ پلاڻ بابت ذھن ٺاھيو ھيو.گل حيات ۾ انهي “هريجن“ اخبار جا چڱا خاصا ايڊيٽوريل موجود آھن.گانڌي اسان جي دور ۾ سنڌ جي ڪنهن بہ سياسي مڪتب فڪر جو اثاثو ناھي، پر پوءِ بہ“ آزادي جي تحريڪ “ تي تحقيق ڪرڻ وقت مھاتما گانڌھي ۽ سنڌي ھندن جي لاڳاپن، خط و ڪتابت، ڇاپي ڪتابن ۽ اخبارن جي ادارين جو مطالعو ضروري ٿي پوي ٿو. آزادي جي تحريڪ تي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڪتاب شايع ٿيا آھن يا مقالا لکيا ويا آھن، انهن ۾ تحريڪ آزادي ۾ “ سنڌي ھندن ۽ ڪانگريس جو حصو “ جي موضوع تي ڪم نہ ٿيو آھي،جنهن تي ڪم ٿيڻ سان اڃا ڪيتريون اڻ ٻڌايل سياسي سچايون ظاھر ٿي سگهن ٿيون.جيڪڏھن ڪنهن دوست انهي موضوع تي ڪم ڪيو تہ گل حيات ۽ اسان جي دلين جا دروازا کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)